اسان هن وقت لاهور ۾ مينارِ پاڪستان جي ڇانوَ هيٺ موجود آهيون. جماعت اسلامي جو هي ٽي ڏينهن وارو اجتماع آهي. سخت ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺ بلوچستان، خيبر پختونخوا، پنجاب، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان جماعت اسلامي جون گهٽ ۾ گهٽ چار نسلون گڏ ٿي ويون آهن. ڪيتريون آرزويون، ڪيتريون حسرتون ۽ ڪيترا ارادا! پيشانيُن تي چمڪ نظر اچي رهي آهي. مينارِ پاڪستان جي هي ڪيترن سو ايڪڙن جي وسيع جاءِ کي نظام بدلائڻ لاءِ، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ هڪ عادلاڻه، باوقار ۽ ڪرپشن کان پاڪ نظام قائم ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. نوجوان ۽ بزرگ بار بار ”حافظ! حافظ!“ جا نعرا هڻي رهيا آهن. ڪنونشن جو هڪ جائزو وٺڻ کان پوءِ ذهن ۾ فوري طور اهو خيال ايندو آهي ته جماعت اسلامي هاڻي ڊجيٽل به ٿي چڪي آهي ۽ ڪارپوريٽ انداز ۾ به قدم رکي چڪي آهي.
اسان ته پنهنجن ڪالمن ۾ سدائين زور ڀريندا رهيا آهيون ته قومي سياسي پارٽين کي پهريان ضلعي ۽ پوءِ صوبائي ڪنوينشن ڪرڻ گهرجن، جن ۾ باقاعدي چونڊيل ماڻهن کي قومي ڪنوينشن ۾ موڪليو وڃي ته جيئن ملڪ جي مالي، معاشي، سماجي، سياسي ۽ آئيني معاملن تي پنهنجون سفارشون ترتيب ڏئي سگهن. اهڙن ڪنوينشنن ذريعي قومي سياسي پارٽيون نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر پنهنجي ڪارڪنن جي ذريعي عوام جي اڪثريت جي راءِ کان به واقف ٿي سگهن ٿيون. ملڪ عوام جو آهي، فيصلا به سندن ئي هئڻ گهرجن ته ڪهڙي بين الاقوامي معاهدي جو حصو بڻجڻ گهرجي يا نه، ڪهڙي آئيني ترميم ضروري آهي ۽ ڪهڙي ناهي. هي سڀ فيصلا عوام جا هجڻ گهرجن.
جماعت اسلامي جا اهڙا اجتماع اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر 21هين صدي جي ٽين ڏهاڪي ۾، سوشل ميڊيا جي عروج واري دور جو هي پهريون وڏو اجتماع آهي، ۽ حافظ نعيم الرحمن جي امارت جو به پهريون اجتماع آهي. تنهن ڪري يقيناً هي اڳين اجتماعن کان مختلف هئڻ گهرجي. جديد دور جا سڀ ٽيڪنيڪي گهرج پڻ پوريون ڪيون ويون آهن. هڪ پاسي ان کي ”اجتماع عام بدل دو نظام“ سڏيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ان جو انگريزي نالو General Convention رکيو ويو آهي.
اسان ته مشاعري ۾ شرڪت لاءِ مينارِ پاڪستان پهچي رهيا آهيون. ڏسي سٺو لڳي ٿو ته هتي هر طبقي جون گاڏيون رڪشا، موٽر سائيڪلون،ڪارون، بسون ۽ منِي بسنون پارڪ ٿيل آهن. هر طرف حافظ نعيم الرحمن جون تصويرون ۽ ”بدل دو نظام“ جا نعرا لڳل پوسٽر نظر اچي رهيا آهن. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف عمرن جا ماڻهو هڪ ئي جذبي سان نظر اچي رهيا آهن. اسٽيچ ڪيترا فوٽ اوچو، سيڙهيون به آهن ۽ هڪ عارضي لفٽ به لڳل آهي. روشنيون هر طرف پکڙيل آهن. هن مشاعري کي به ”انقلابي مشاعرو“ چيو پيو وڃي. اڳ انقلاب جو لفظ ڪامريڊ استعمال ڪندا هئا، پر هينئر جيڪڏهن تقريرون، بيان، نغما ۽ انتظام ڏسجن ته جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ انقلابي پارٽي محسوس ٿئي ٿي. فيض احمد فيض جا نظم ۽ غزل ته استعمال ٿيندا ئي آهن، پر جنهن قسم جي سماج جي ڳالهه ٿي رهي آهي اهو به تمام گهڻو جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند آهي.
مون الخدمت جي شعيب هاشمي کي چيو ته هاڻي ٻي ڪا سياسي پارٽي ادب سان لڳاءُ نٿي رکي. اڳ هر پارٽي وٽ شاعر، اديب ۽ نقاد ضرور هوندا هئا. پيپلزپارٽي وٽ اسلم گرداسپوري هئو، مسلم ليگ ڪنونشن وٽ مشير ڪاظمي، ناپ وٽ حبيب جالب جلسن جي ڪاميابي جي ضمانت هوندو هو. مسلم ليگ ن کي عرفان صديقي جهڙي شاعر ۽ نقاد جي سرپرستي حاصل رهي، پر هاڻي ڪنهن به پارٽي جي جلسي يا ڪنوينشن ۾ شاعرن ۽ اديبن کي سڏائڻ جو رواج تقريباً ختم ٿي ويو آهي. پارٽيون نظرين کان خالي ٿي ويون آهن، ذهن دانش کان پري آهي، فقط طاقت ئي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي.
هن اجتماع جا موضوع به انتهائي اهم آهن. مثال طور: سيد مودودي ۽ جماعت اسلامي. ان کان پوءِ ٻيو سيشن ”بدل دو نظام“، جنهن ۾ سياست، عدليه، معيشت، صحت، تعليم ۽ ٻين سڀني زبون حال شعبيُن تي ڳالهايو ويو. ٻئي ڏينهن مقامي حڪومتن، محنت ڪشن، زراعت ۽ معاشي قرارداد تي بحث ٿيو. عورتن جي الڳ ڪانفرنس آهي. ٽيڪنالاجي لاءِ ”ڊيجيٽل پاڪستان“ وارو سيشن آهي. عالمي نظامِ نو تي پڻ ڳالهايو پيو وڃي. آچر تي هڪ انتهائي حساس سيشن آهي جنهن ۾ سڀني صوبن جا امير پنهنجي علائقن جا مسئلا پيش ڪري رهيا آهن. ان ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو امير ۽ ڪراچي جو امير الڳ آهن؛ پنجاب ۾ به اولهھ ۽ ڏکڻ جا الڳ. ان کان علاوه اقليتي ونگ جا اڳواڻ به شامل آهن. مشاهد حسين جو عالمي منظرنامي تي هڪ الڳ ليڪچر پڻ رکيو ويو آهي.
مشاعرو به ساڳي بلند اسٽيچ تان آهي. شاعرن ۽ سامعين جو فاصلو ايترو آهي جو مشاعري جي صدر انور مسعود به چوڻ تي مجبور ٿي ويا ته ”شاعر لاهور ۾، سامعين شاھدره ۾ لڳن ٿا.“ هي انقلابي مشاعرو آهي، تنهن ڪري گهڻا سينئر شاعر پنهنجو انقلابي ڪلام ئي پيش ڪري رهيا آهن. سامعين قابلِ تعريف آهن جو صبح کان مختلف سيشن ٻڌڻ باوجود ٿڪ نٿا محسوس ڪن. هر صوبو، هر ٻولي، هر عمر سڀ گڏ آهن. جماعت اسلامي جا ڪارڪن لڳي ٿو ته سخن فهم به آهن. خورشيد رضوي، سحر انصاري، انور شعور، حڪيم ناصف، شعيب بن عزيز، خالد شريف، سعدالله شاهه، احمد حاطف صديقي ۽ سعود عثماني سڀني کي خوب داد ملي رهيو آهي.
هي اجتماع عام نظام بدلائيندو يا نه، اهو ته وقت ٻڌائيندو. البت جماعت اسلامي جا ڪارڪن واڳهه کان گوادر تائين بيدار ٿي چڪا آهن. عورتن ۽ نوجوانن لاءِ الڳ سيشن به رکيا ويا آهن. ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ هن وقت جن آئيني پيچيدگين، ناانصافين ۽ غربت جي وڌندڙ لهر کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن جي تدارڪ لاءِ هي اجتماع ڪهڙو نتيجو ڏئي سگهي ٿو. بهترين انتظام ۽ وڏي محنت سان هي ڪنوينشن منقعد ڪيو ويو آهي. سو سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي انتظامي صلاحيت رکندڙ پارٽي ملڪ به هلائي سگهي ٿي؟ ۽ ڇا پاڪستان جو عوام پنهنجو مستقبل جماعت اسلامي جي حوالي ڪرڻ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو؟