26 ۽ 27 هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جو ڪنوينشن تڪرار جو سبب بڻجي چڪو آهي.ڪراچي بار ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽرين اعلان ڪيو آهي ته اهي هر قيمت تي 26 ۽ 27 هين ترميم خلاف وڪيلن جو ڪنوينشن منعقد ڪندا.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز پاران سڏايل وڪيلن جو ڪنوينشن هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ۽ مئنيجنگ ڪميٽي جي ميمبرن پاران رد ڪيو ويو، ۽ اهو چيو ويو ته اعزازي سيڪريٽري کي وڪيلن جو ڪنوينشن سڏائڻ جو اختيار ناهي. احتجاجي وڪيلن سندن ڳالهه مڃي ۽ طئي ڪيو ته ڀلا پارڪنگ ايريا ۾ پروگرام ڪنداسين.پر وري رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کان منع نامو ڪڍرايو ويو ته ڪنوينشن ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيندو جيڪا نهايت ئي حيران ڪندڙ ڳالهه هئي۔ جنهن ڪري وڪيلن ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر ڇانئجي وئي سندن چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي ايڊوڪيٽ عامر وڙائچ موجب جيڪڏهن وڪيل بار ۾ نه ايندو ته باقي ڪاڏي ويندو۔ اسان پنهنجي گهر ۾ آزادي سان ڪو پروگرام نه ٿا ڪري سگهون ڇا اهو جمهوري عمل آهي؟ اسان آءِ جي يا ڪنهن ٻئي اداري ۾ پروگرام نه پيا ڪريون ان ڪري ملڪ دشمن ڪاري قانون خلاف اسان کي پنهنجي بار يا ڪورٽ اندر احتجاج ڪرڻ کي نه روڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙ وڪيلن اهو فيصلو ڪيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي گيٽ کان ٻاهر ڪنوينشن ڪنداسين. اهڙي اعلان کان پوءِ ڇڪتاڻ وارو ماحو قائم ٿي ويو، ڇوته ايڊوڪيٽ سيد جعفر شاهه سڄي سنڌ جي وڪيلن کي ڪراچي اچڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.ان ڳنڀير صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا گهرائي ويتر وڪيلن کي چڙ ڏياري ويئي ۽ صبح کان ئي وڪيل هاءِ ڪورٽ ٻاهران جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا ايتري تائين جو هڪ وڏو جلوس سٽي ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين احتجاج ۾ پيادل پهتو جيڪي لائوڊ اسپيڪر تي ڪارو قانون نامنظور۔ دستور بچائڻ نڪتا آهيون، اچو اسان جو ساٿ ڏيو جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا.
هوڏانهن هاءِ ڪورٽ جي دروازي تي پوليس اٽالا، فلي لوڊڊ، ٽوپلن ، ڏنڊن ۽ ڍالن سميت الرٽ بيٺا هئا جن جو مقصد وڪيلن تي تشدد کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو۔ ڇوته سکر واري ڪنوينشن ۾ انهيءَ ساڳي پوليس ٻاهرين ماڻهن کي ڪنوينشن ۾ اندر موڪلي افراتفري ڪرائي ۽ ڪيترن ئي وڪيلن کي معمولي زخمي ڪري وڌو پر موٽ ۾ وڪيلن انهن شرپسندن کي چڱو ڀلو سٽڪو ڏيئي پوليس جي حوالي ڪيو پر پوليس روايتي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڪاروائي ڪرڻ کان سواءِ کين آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪا نهايت ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي ۽ وڪيلن کي پڪ ٿي ويئي ته انهن شرپسندن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي ڇوته اهي حڪمران ڌر جا ئي ماڻهو هئا جيڪي وڪيلن جي پرامن احتجاج ۾ وڪيل جو روپ ڌاري افراتفري ڪرڻ آيا هئا۔ اهو ساڳيو رويو ڪراچي ۾ به اختيار ڪيو ويو ۽ پوليس هاءِ ڪورٽ کي ڪڙو چاڙهي بيهي رهي جتي وڪيلن جي بار يعني حد هئي پوليس پرائي حد ۾ بيهڻ بجاءِ پوئتي پاسپورٽ آفيس وٽ وڃي بيهي ڪارروائي ڪري ها ته هر ڪو کين اهو چوي ها ته اهي پنهنجي ڊيوٽي پيا ڪن ۽ وڪيل غنڊاگردي ڪري پوليس سان پيا وڙهن. پر جيڪو سرڪار جي ونگار وهي ناحق روڪيندو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ اڻٽڙ بڻجي ويندي آهي۔
سوشل ميڊيا تي ايس ايڇ او دانهون ڪندي نظر اچي ٿو ته وڪيل دهشتگردي ڪري رهيا آهن کانئس پڇيو وڃي ته توهان جيڪو ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهرين سان بار بار ڪيو پيا اهو ڇا هوندو آهي؟ گندي پاڻي جي واٽر ڪينن کان وٺي لاٺي چارج تائين ڇا هوندو آهي؟ جيڪڏهن پوليس جو ڪردار بيان ڪجي ته شايد ڪئي سال گذري وڃن۔ بهرحال وڪيلن جو پروگرام شروع ٿيو پر پروگرام ۾ ڦڪائي محسوس ٿي رهي هئي عامر وڙائچ سميت سمورن اڳواڻن جي ڪوشش رهي ته پروگرام اتي ئي ٿئي پر وڪيلن جو وڏو تعداد ان ڳالهه تي هو ته هاءِ ڪورٽ ۽ بار اسان جي ناهي ته پوءِ ڪنهنجي آهي!؟ منجهن جوش ۽ غصو وڌندو ويو ۽ سوچيائون ته جيڪڏهن هن ڀيري ناڪام ٿياسين ته پوءِ هر ڀيري ائين ئي ٿيندو رهندو سو وڪيلن جي اڪثريت اڳتي وڌي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي وئي ۽ پوِءِ وڪيل اڳواڻن کي به اڪثريت آڏو آڻ مڃڻي پئي ۽ اعلان ڪرڻو پيو ته ٺيڪ آهي ”جهيڙو آ ته جهيڙو آ“ چئي هاءِ ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿيا۔ وڪيلن جي اندر ايندي ئي پوليس ويجهو هجڻ سبب ڪجهه وڪيلن جي ساڻن جهڙپون ٿيڻ لڳيون ۽ آهستي آهستي سنڌ هاءِ ڪورٽ ميدان جنگ بڻجي ويو ۽ پوليس کي ڀڄائي ڇڏيو۔
وڪيلن جو وڏو تعداد نيو بار روم پهتو ۽ جيئن ئي بار ۾ پروگرام شروع ٿيو ته هڪ وڌيڪ غلطي دهرائي وئي ۽ بار جي بجلي (ڪٽرائي) بند ڪئي وئي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جج صاحبان تي سرڪار جو ڪيترو پريشر آهي۔ آخر وڪيلن جي ڪنوينشن مان سرڪار کي ايترو خوف ڇو آهي اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ قانون جي پاسداري هجي جيڪڏهن توهان جي ذهن ۾ 26 ۽ 27 ترميمون درست آهن ته ساڻن ڳالهين جي ٽيبل تي ڇو نه ٿو آندو وڃي ۽ سندن خدشا دور ڇو نه ٿا ڪيا وڃن۔ باقي پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ ڪنوينشن بار ۾ نه ڪرڻ ڏيڻ، پارڪنگ ۾ به نه ڪرڻ ڏيڻ ،فلي لوڊڊ پوليس اٽالا بيهارڻ، وري بار ۾ بجلي بند ڪرڻ جهڙيون حرڪتون ڪرڻ پرامن ماحول کي هٿ سان خراب ڪيو ويو جيڪو سراسر غلط قدم هو جيڪڏهن هڪ وڪيل کي ڪورٽ کان روڪيو ويندو يا قومي اشو تي ڳالهائڻ تي بندش وجهندو ته پوءِ يقينن بغاوت پيدا ٿيندي۔آزاد عدليه لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد بي مثال رهي آھي، انصاف جي فراهمي ۾ بار ايسوسي ايشن جو اهم ڪردار هجڻ ڪري هر ڪو وڪيلن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي رهيو آهي۔ قانون جي بالادستي ۽ شهرين کي آئيني تحفظ ڏيڻ حڪومت وقت جي ذميوارين ۾ شامل آهي جنهن تي سئو سيڪڙو عمل ڪرائڻ ۽ قانون جي تقدس کي برقرار رکڻ رياست جي اولين فرضن ۾ شامل آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ امن امان کان وٺي عوام جي تحفظ تائين سواليه نشان بڻيل آهي، پاڪستان جي آئين کي مٿانهون رکڻ ۽ هر شهري کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ به انهن فرضن ۾ شامل آهي پر ڏٺو اهو ويو آهي جو اسان جي سرڪار توڙي عدليه سڳوري آئيني حڪم جاري ڪري ٿي پر ان تي عمل بدران انصاف جي لتاڙ وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. انڪري حڪمرانن توڙي عدليه کي تازو مختلف ملڪن ۾ نوجوانن جي طاقت سبب آيل انقلابن تي نظر رکڻ گهرجي ائين نه ٿئي ته ڪارن ڪوٽن وارا ڪوڙيون ڪورٽون ڇڏي ڪارا قانون پاس ڪندڙن جي ايوانن ۾ داخل ٿي وڃن ۽ کانئن اقتدار جون ڪرسيون کسي بنگال وارو حشر ڪن۔ انڪري جمهوريت جون تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڳالهائڻ جو حق ڏيو، ماڻهن جا مسئلا ٻڌو ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺو ته جيئن انصاف جا ايوان سلامت رهن ۽ ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿي سگهي۔