پاڪستان هن وقت پنهنجي معاشي تاريخ جي سڀ کان گهڻين ڏکيائين واري دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جا خطرا ڀلي ڪجهه وقت لاءِ ٽري ويا آهن، پر مجموعي صورتحال اڃا تائين پائيدار ناهي. مالي سال 2025 ۾ حڪومت جي آمدني ۽ خرچن ۾ خسارو 7.11 کرب رپيا هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اندروني ۽ بيروني ذريعن کان وڌيڪ قرض ورتو ويو ۽ مجموعي قرض وڌي 80.6 کرب رپين تائين پهچي ويو، جنهن جي ادائيگي قومي بجيٽ جو خسارو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. هي شيطاني چڪر ڏهاڪن کان جاري آهي. هاڻي حالت اها ٿي چڪي آهي ته اصل قرض جي قسط ته پري، اسان وياج جي ادائيگي لاءِ به نئون قرض وٺڻ تي مجبور آهيون.
ناڻي جي مٽاسٽا هن وقت 14 ارب ڊالر کان ٿورو وڌيڪ آهن، جن مان 9.4 ارب ڊالر دوست ملڪن جا رکيل ڊپازٽ آهن. انهن ۾ چين جا 2.1 ارب، سعودي عرب جا 2 ارب، يو اي اي جو 1 ارب ۽ قطر جا 3 ارب ڊالر شامل آهن. اهي دوست ملڪ پراڻين خدمتن جي بدلي هر سال اسان جا ڊپازٽ، گرانٽ ۽ قرضن جون قسطون ملتوي ڪندا رهن ٿا. پر هي مستقل نه پر عارضي بندوبست آهي، جنهن جو مستقبل به غير يقيني آهي۔
ملڪ جو معاشي بحران 2019 تائين ايترو وڌي ويو جو حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، جيڪو سخت شرطن سان ٽن سالن ۾ 6 ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو. پر انهن شرطن تي عمل ڪرڻ سان حڪومت جي سياسي مقبوليت گهٽجڻ لڳي ۽ پروگرام اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ ملڪ ٻيهر ڏيوالو ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي ويو. پوءِ حڪومت کي ٻيهر آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پيو، جنهن هن ڀيري اڳ کان به وڌيڪ ڪڙين شرطن سان 7 ارب ڊالر جو پيڪيج منظور ڪيو. اسان پنهنجو غصو حڪومتن کان وڌيڪ آءِ ايم ايف تي ڪڍون ٿا، جڏهن ته اهو ادارو پاڻ اسان وٽ نٿو اچي، پر اسان ئي هر هر ان جو در کڙڪايون ٿا. 1958 کان 2024 تائين اسان 24 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ويا آهيون، پر افسوس ته انهن مان صرف ٻه پروگرام مڪمل نموني پورا ڪري سگهيا آهيون. 1970 تائين معاشي طور اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت کان اڳتي هئاسين، پر ڀارت صرف پنج ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ويو آهي ۽ 1991 کان پوءِ ڪڏهن به هن آءِ ايم ايف جو رخ نه ڪيو آهي۔ جن ملڪن جي پهرين ترجيح معاشي ترقي ۽ خود انحصاري هوندي آهي، اهي هنگامي حالتن ۾ آءِ ايم ايف کان مدد ضرور وٺن ٿا، پر اسان وانگر مستقل ان جا محتاج نٿا ٿين. ڏکڻ ڪوريا، ڀارت، آئرلينڊ، آئس لينڊ ۽ ميڪسيڪو جهڙا ڪيترائي ملڪ آءِ ايم ايف جي مدد سان بحران مان نڪري ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿي چڪا آهن۔ پر اسان جو معاملو بلڪل مختلف رهيو آهي۔
سرد جنگ جي دور ۾ اسين مغرب جا اتحادي ۽ هن خطي جا فرنٽ لائين اسٽيٽ هئاسين، تنهنڪري اسان تي نوازشن جي برسات هئي. اسان معاشي خود انحصاري جي ڏکئي رستي تي هلڻ جي ڪا ضرورت محسوس نه ڪئي. جڏهن به مالي ڏکيائي آئي، آءِ ايم ايف وٽ وياسين، اسان کي اشارو مليو ۽ مسئلو حل ٿي ويو. اسان نه اصلاح مڪمل ڪيون، نه پروگرام پورا ڪيا ۽ آءِ ايم ايف به اسان تي ڪڏهن سختي نه ڪئي. پر وقت بدلجي ويو، دنيا تبديل ٿي وئي، سرد جنگ ختم ٿي، دهشتگردي خلاف جنگ ختم ٿي ۽ دنيا جون گهرجون به بدلجي ويون. جڏهن دنيا بدلي ته اسان لاءِ منظر ئي ڪجهه ٻيو هو. جيڪي بغير چوڻ جي اسان تي مهربانيون ڪندا هئا، انهن جا رويا بدلجي ويا. بار بار در کڙڪايو پر اڳ جهڙو سلوڪ نه مليو. سوويت يونين خلاف جنگ ۾ افغان مجاهدين سان گڏ هئاسين، پوءِ افغان طالبان جي به مدد ڪئي. آمريڪا جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ شروع ڪئي ته ان سان گڏ ٿي وياسين. نتيجي ۾ دهشتگردي پنهنجي گهر آندي، جنهن اسان جا ستر هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا. هاڻي افغان ۽ پاڪستاني طالبان ٻنهي جو زور اسان مٿان آهي. نيٽو جا جديد آمريڪي هٿيار، جيڪي اسان جي ذريعي افغانستان ويا، اڄ اسان خلاف استعمال ٿي رهيا آهن۔
جنهن خطي ۾ اسين ڪجهه سال اڳ تائين اهم ڪردار هئاسين، اڄ انهيءَ خطي ۾ اڪيلائي جو شڪار آهيون. ڀارت سان مئي 2025 ۾ چار ڏينهن جي جنگ ٿي، افغانستان سان حالت جنگ ۾ آهيون، ايران سان لاڳاپا سرد مهري جو شڪار آهن. ٻئي پاسي چابهار بندرگاهه ڀارت جي مدد سان تعمير ٿي رهي آهي ۽ اتي کان هرات تائين 225 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين وڇائي پئي وڃي. اسان وٽ چين جو 7 ارب ڊالر جو مين لائين ون (M-1) منصوبي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سياسي مداخلت جي ور چڙهي ويو ۽ چين هاڻي ان ۾ گهڻي دلچسپي نٿو ڏيکاريندو. 62 ارب ڊالر جو سي پيڪ، جيڪو پاڪستان جي معاشي تقدير بدلائي سگهي پيو، ان جو 46 ارب ڊالر وارو پهريون مرحلو به وقت تي مڪمل نه ٿيو. ڇا ڪو پڇڻ وارو آهي ته 2014 ۾ ڌرڻو ڏئي چين جي صدر جو دورو ڇو منسوخ ڪرايو ويو؟ چين جون صنعتون، جيڪي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ لڳڻيون هيون، نه لڳي سگهيون. نتيجي ۾ چين مايوس ٿي ويٽنام ۾ سيڙپڪاري ڪري ڇڏي، جنهن جي برآمدات 2015 ۾ 162 ارب ڊالر هيون ۽ 2025 تائين 400 ارب ڊالر کان وڌي ويون.
گذريل ستن سالن دوران پاڪستان جي معاشي زوال ۾ تيزي آئي آهي. ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن کان اسان ڪيترو پوئتي رهي وياسين، ان جي هڪ مثال صرف روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. 2018 ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 110 رپيا، 70 ڀارتي رپيا ۽ 82 بنگلاديشي ٽڪا هو. جڏهن ته 2025 ۾ صورتحال هي آهي ته هڪ ڊالر 282 رپيا، 88 ڀارتي رپيا ۽ 122 بنگلاديشي ٽڪا جي برابر ٿي ويو آهي۔ اسان جي معاشي زوال جا اصل سبب نه علائقائي آهن نه عالمي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته ڀارت ۽ بنگلا ديش جي حالت به ساڳي هجي ها. اسان هميشه پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسرار ڪيو آهي ته اسان جي پسماندگي جا سبب اندروني نه پر ٻاهرين آهن. هن طريقي واري سوچ اسان کي اڄ هن خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جيستائين هي سوچ تبديل نه ٿيندي، حالات به نه بدلندا. سوال آهي ته خود فريبي جي هن جهنگ ۾ اسين آخر ڪيستائين ڀٽڪندا رهنداسين؟
2018 ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 110 رپيا، 70 ڀارتي رپيا ۽ 82 بنگلاديشي ٽڪا هو. جڏهن ته 2025 ۾ صورتحال هي آهي ته هڪ ڊالر 282 رپيا، 88 ڀارتي رپيا ۽ 122 بنگلاديشي ٽڪا جي برابر ٿي ويو آهي۔ اسان جي معاشي زوال جا اصل سبب نه علائقائي آهن نه عالمي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته ڀارت ۽ بنگلا ديش جي حالت به ساڳي هجي ها. اسان هميشه پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسرار ڪيو آهي ته اسان جي پسماندگي جا سبب اندروني نه پر ٻاهرين آهن. هن طريقي واري سوچ اسان کي اڄ هن خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جيستائين هي سوچ تبديل نه ٿيندي، حالات به نه بدلندا. سوال آهي ته خود فريبي جي هن جهنگ ۾ اسين آخر ڪيستائين ڀٽڪندا رهنداسين؟