سياست وقت جي وهڪري سان گڏ وهندي رهي ٿي. ان جي لهرن ۾ ڪڏهن خاموشي هوندي آهي ته ڪڏهن طوفان. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن سياست جي ميدان ۾ نوان ڪردار، نيون صف بنديون ۽ نيون حڪمت عمليون سامهون اچن ٿيون، تڏهن تبديليءَ جون هوائون به تيز ٿي وڃن ٿيون. سنڌ جي ضلعي ڄامشوري ۾ هن وقت اهڙي ئي هڪ سياسي لهر اڀرندي نظر اچي رهي آهي، جيڪا شايد هن ضلعي جي سياسي منظرنامي کي نئين رخ ڏانهن وٺي وڃي.تازو جڏهن ملڪ چنگيز خان ۽ ڪانڀو خان برهماڻي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سندن ڄامشوري آمد تي سري، نوري آباد، 32 ميل ۽ ٻين علائقن ۾ مٿن گلن ورکا ڪندي شاندار استقبال ڪيو ويو ته اهو منظر ڪنهن روايتي سياسي تقريب کان مختلف لڳو. ڪوهستان جي ڏورانهن علائقن مان هزارين ماڻهن جو قافلن جي صورت ۾ اچڻ ڄڻ ته ان ڳالهه جو اعلان هو ته ڄامشوري جي سياست ۾ ڪا نئين ڪهاڻي لکجڻ واري آهي.
ذريعن موجب، هي ملاقات دراصل پيپلزپارٽي جي تنظيم کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۽ ڄامشوري ضلعي ۾ نئين سياسي توانائي پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهي. جيڪڏهن اهو تجزيو درست آهي ته پوءِ اهو واضح پيغام آهي ته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت هن ضلعي جي سياست کي نئين رخ ڏيڻ چاهي ٿي. ڄامشوري ضلعي جي اهميت رڳو سياسي ناهي؛ هي ضلعو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. ڪوهستان جا جبل، ڪوئلي جون کاڻيون، سون جهڙي ريتي ۽ بجري جا وسيع ذخيرا، ۽ صنعتي علائقا گڏجي هن ضلعي کي معاشي لحاظ کان انتهائي اهم بڻائين ٿا. روزانو سوين ٽرڪون ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن سان ڀرجي نڪرنديون آهن، جڏهن ته ريتي ۽ بجري جو ڪاروبار به وڏي پيماني تي جاري آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن وسيلن جي باوجود ضلعي جي ماڻهن جي اڪثريت اڃا تائين محرومين جي زندگي گذاري رهي آهي. قدرتي دولت سان مالا مال هن ڌرتيءَ جا ماڻهو اڄ به ترقي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ ڪيترن علائقن ۾ حالتون ڏهاڪن پراڻيون لڳن ٿيون.ممڪن آھي سندس سياست ۾ اچڻ سان ضلعي جي ترقياتي ڪمن ڪا تيزي ڪا نواڻ اچي ڄامشوري جي سياست ۾ ڊگهي عرصي تائين هڪ مضبوط نالو سردار ملڪ اسد سڪندر جو رهيو آهي. هو نه رڳو هڪ تجربيڪار سياستدان طور سڃاتو وڃي ٿو، پر سردار هجڻ جي حيثيت سان به علائقي ۾ وڏو اثر رسوخ رکي ٿو. ان ڪري ضلعي جي سياست ۾ سندس ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇو ته هن اڃا تائين چونڊن ۾ شڪست جو منهن نه ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن سياست کي شطرنج جي راند سان تشبيهه ڏجي ته آصف علي زرداري ان راند جو اهڙو ماهر رانديگر آهي، جيڪو وقت جي نبض کي پڙهڻ ۽ صحيح موقعي تي درست چال هلڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. ماضي ۾ به ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن. ٺٽي ضلعي ۾ مضبوط سياسي خاندان شيرازين جي مقابلي ۾ جڏهن اويس مظفر ٽپي کي اڳتي آندو ويو ته ڪيترن ماڻهن ان فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو، پر نتيجي ۾ اهو سياسي تجربو ڪامياب ثابت ٿيو.سنڌ جي سياست ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن دوران جيڪي وڏيون تبديليون آيون آهن، انهن جي پويان سڌي يا اڻ سڌي طرح آصف علي زرداري جي حڪمت عملي جو اثر نظر اچي ٿو. .
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هي سياسي تجربو ڪامياب ٿيندو؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به آصف علي زرداري ڪنهن سياسي حڪمت عملي جوڙي آهي ته اها گهڻو ڪري نتيجا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. سندس سياست صبر، وقت جي انتظار ۽ صحيح موقعي تي فيصلو ڪرڻ جي حڪمت تي ٻڌل آهي. ان ڪري لڳي ٿو ته ڄامشوري جي سياست ۾ هلندڙ هي سياسي هلچل رڳو شروعات آهي. ايندڙ ڏينهن شايد هن ضلعي جي سياسي نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏين.۽ جيڪڏهن واقعي اها تبديلي اچي ٿي ته پوءِ اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ان تبديليءَ جي پسمنظر ۾ آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت ۽ حڪمت عملي اهم ڪردار ادا ڪندي ڇو ته تاريخ گهڻو ڪري اهڙن فيصلن کي ڪاميابيءَ جي داستانن ۾ تبديل ڪندي رهي آهي.