عمر بند رکبيون نه، نياڻيون سياڻيون

تحرير: ڪاشف نوراني

انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. دنيا جي مڃيل ليڊر شھيد راڻي بينظير ڀٽو ھجي، برصغير واري پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي. سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوا ن جذبا پيدا ڪندي رھندي.عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي.

سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد نه  ٿيندو هجي، ڪيترين ئي عورتن کي ته بي رحم ماڻهن تيزاب اڇلايو جن جا ڪيترائي ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته  مارئي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن  ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي  چهري تي تيزاب اڇلائي ها.  مارئي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن ، جن  جون اغوا بعد مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي ڪيئي ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا و ارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن  لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون، اهڙن چند خبرن تي نظر وجهجي ٿي.مٺي ۾ ڳورهاري عورت جي لڄ لُٽي بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.

 8 مارچ 1908 جي ڏينهن 15 هزار عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جن جو نعرو هيو ته بريڊ ايند روزز (روٽي ۽ گلاب جا گُل) ۽ جنهن شين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊيوٽي جي وقت ۾ گهٽتائي، پگهارن ۾ اضافو، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ معصوم ٻارڙن جي مزدوري تي پابندي، هوريان هوريان اها لهر سڄي دنيا تائين پهچي وئي ۽ 8 مارچ 1910 کان اهو ڏينهن عورتن جو عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسان جي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسان جي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف، بيوفا، بي حم چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جوئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.

 اڄ جي هن جديد دوُر ۾ به عورتن سان اڻ برابري جو رويو رکيو وڃي ٿو.اهو سلوڪ گهر کان ئي شروع ٿيندو آهي،اسان جون مائرون يا ڀينريون گهر جي هر ڳالهه ۾ مرد کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن، پر حقيتيت اها آهي ته عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حق جي ڳالهه ڪجي ته برابر جا حقدار آهن ڇو ته ٻئي انسان آهن ۽ الله پاڪ سڀني انسانن کي برابر جو درجو عطا ڪيو آهي، پر هتي شايد عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ڇو ته ان جي زندگي جي هر فيصلي کي مرد طئي ڪري ٿو،اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس ۾ اڃا ڪجهه فيصلن ۾ يا مرحلن ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي ٿو پر اسان جي ٻهراڙي طبقي جي 98 فيصد عورتن جا حق ماريا وڃن ٿا. يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن  جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لا۽ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون.

 هن ظالم سماج جي اٻوجهه عورتن سان آخر انصاف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. اها اميد به ڪري سگهجي ٿي يا نه. نيٺ ته هڪ صبح ضرور ايندو جو پاڪستان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي عورتن کي حق ڏيندا. هڪ ڏينهن پاڪستان جو سماج اهڙو بڻجندو جتي عورتن کي عزت، تحفظ ۽ برابري جا حق حاصل هوندا، ڇو ته ڪنهن به قوم جي ترقي عورتن جي عزت ۽ آزادي کان سواءِ ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.