ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آهي ته جنگ جو بهانو بڻائي پئٽرول اسمن جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو چور ۽ عوام دشمن حڪمراني جي نشاني آهي، هن وقت حڪومت ھڪ ليٽر پيٽرول تي ليوي سميت 120 رپيا ٽيڪس اوڳاڙي رهي آهي، جيڪا عوام سان ناانصافي آهي، ملير جي گھگھر ڦاٽڪ ۾ هڪ عوامي افطار پارٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽجن ٿيون ته ان جو فائدو عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي، ٻئي پاسي اڃا تائين پيٽرول به خريد نه ڪيو آهي ۽ قيمتون آسمان تي کڻي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايا ويا آهن. پاڪستان پيٽرول قيمتن ۾ هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان به اڳتي نڪري ويو آهي. پاڪستان اهو ملڪ بڻجي ويو آهي جيڪو خطي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ڪري ٿو، جيڪو پاڪستان ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان آڻيندو، جيستائين ظالم، چور ۽ اسلام مخالف حڪومت قائم رهندي، تيستائين ماڻهو امن ۽ ڀائيچاري سان رهي نه سگهندا.