روس جو آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ايران جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان

لنڊن (م ڊ) روس پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف جنگ ۾ سرڪاري طور تي ايران جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. لنڊن۾ مقرر روسي سفير اينڊري ڪيلن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته روس هن تڪرار ۾ غير جانبدار ناهي پر هو ايران سان گڏ بيٺو آهي. هن اولهه ملڪن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي رڳو ايران کي نشانو بڻائي رهيا آهن، پر اها ڳالهه نٿا ڪن ته حملن جي شروعات آمريڪا ۽ اسرائيل ڪئي هئي. روسي سفير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران پاران جيڪي به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اهي صرف انهن حملن جو جواب آهن. هن عالمي برادري کي چيو ته هن وقت سڀ کان بهتر صورتحال اها ئي آهي ته جنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ تباهي کان بچي سگهجي.

  1. وسيلن تي قبضي جي جنگ عالمي عدم استحڪام پيدا ڪندي:سعد رفيق

لاهور(بيورو)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ ۽ سندس ٽولو هاڻي صيهوني قوتن جون ڪٺ پتليون بڻجي چڪا آهن، آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ” جو نعرو هڻي ٽرمپ آمريڪي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ۽ سندس خيال ۾ ٿوري عرصي ۾ ٽرمپ جي ٽولي آمريڪا کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جيترو ڪنهن دشمن به نه پهچايو،هن جو چوڻ هو ته هاڻي آمريڪا جا پاڙيسري ۽ اتحادي ملڪ به ان تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن،دنيا جي وسيلن تي قبضي لاءِ هلندڙ بي رحم جنگ جيڪڏهن وڌيڪ وڌي وئي ته اها نه صرف عالمي عدم استحڪام پيدا ڪندي پر آمريڪا جي طاقت ۽ دولت کي به نقصان پهچائيندي ۽ سپر پاور اڪيلو رهجي ويندو۔هن اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو هڪ ناجائز ۽ بدمعاش رياست آهي جيڪا پنهنجي تحفظ جي آڙ ۾ آمريڪا جي حمايت سان مسلم دنيا تي حملو ڪري رهي آهي۔انهن حالتن مان بچڻ جو واحد رستو مسلم ملڪن جو دفاعي ۽ معاشي اتحاد آهي۔ هن چيو ته “ان شاءَ الله آمريڪي ۽ اسرائيلي فرعونيت هن ڀيري خليج نار ۾ ٻڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.