سرڪاري ملازمن ۽ وزيرن کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻي پوندي:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ان جا پاڪستاني معيشت تي پوندڙ اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا، سرڪاري آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته ملڪي وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال ڪيو وڃي ۽ سادگي اختيار ڪئي وڃي. وزيراعظم واضح ڪيو ته ڪفايت شعاريءَ جو بار رڳو مراعتون وٺندڙ طبقن ۽ اشرافيا کي کڻڻو پوندو، جڏهن ته صنعتي ۽ زرعي شعبن کي ان کان آجو رکيو ويو آهي ته جيئن ملڪي پيداوار ۽ خوراڪ جو تحفظ متاثر نه ٿئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ڪافي ذخيرا موجود آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل آهن. توانائيءَ جي استعمال ۾ بچت لاءِ خاص تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون، جن جو حتمي اعلان اڄ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.