جيئن ئي 27 هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۽ سينيٽ مان منظور ٿي آهي. تيئن ئي واڳ ڌڻي ان جي تعريف ۽ واکاڻ ڪرڻ مان ڍاپن ئي ڪونه ٿا هن ترميم جي فائدن کي بيان ڪندا رهن ٿا. چوندا وتن ٿا ته هيءَ ترميم عوام جي فلاح و بهبودي کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي ويئي آهي پر، اها جيئن ئي منظر عام تي آئي ته، سڀ کان پهريائين ملڪ جي عوام ان کي رد ڪيو. ٻئي طرف حڪومت جا مخالف سياستدان به پنهنجي رد عمل ۾ ان ترميم کي رد ڪيو آهي خاص ڪري تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ ان ترميم جي خلاف ريلي به ڪڍي ۽ اعلان به ڪيو ته 21 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ ان ترميم جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ان کي رد ڪيو ويندو ۽ نفرت جو اظهار ڪيو ويندو. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويندو ته هن ترميم جي بل کي واپس ورتو وڃي. اهو بل حڪمرانن جي مفادن ۾ ٺاهيو ويو آهي. ان مان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي. صوبن جي آزادي ۽ خودمختياري کي نقصان پهچڻ جو خدشو، انديشو ۽ امڪان آهي. جنهن ڪري هر هڪ ماڻهو هن ترميم جو مخالف ٿي رهيو آهي. عوام وٽان حڪومت کي ڪابه سٺي موٽ ڪونه ٿي ملي. جنهن ڪري واڳ ڌڻي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ سخت عوامي دٻاءَ هيٺ اچي ويا آهن. عوام احتجاج ڪري رهيو آهي. ۽ پنهنجو مطالبو رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي ته، 27 هين آئيني ترميم ڪنهن به صورت ۽ شڪل ۾ ملڪ جي عوام کي قبول نه آهي جنهن ڪري اها زبردستي عوام جي مٿان مڙهڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻئي حالت ۾ حالتون خراب ٿي سگھن ٿيون ان خطري کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي طرفان ڄاڻايل ترميم کي رد ڪري 21 نومبر تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڌرڻا پڻ هنيا ويا. ان ڏينهن تي محمود خان اچڪزئي، علامه راجا ناصر عباس، سيد زين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، فيصل مسجد کان اسلام آباد پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي ويئي. جنهن ۾ عورتن جو به خاصو تعداد موجود هو. 21 نومبر تي حيدرآباد سنڌ ۾ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ تحريڪ تحفظ جماعتن جي ريلي ڪڍي ويئي ان احتجاج ۾ وڪيل برادري به شامل ٿي ويئي. جڏهن ته ميرپور خاص ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اٺن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پڻ مظاهرو ڪيو ويو. نواب شاهه، سکر. خيرپور، عمر ڪوٽ، شهداد ڪوٽ، قمبر، محرابپور، باڊهه، مورو، ڏوڪري، روهڙي، سڪرنڊ، نيو سعيد آباد، ڪنڊيارو، گولاڙچي، شهدادپور، ٺل، مجيد ڪيريو، لاڙڪاڻو، قاضي احمد، ميهڙ، بدين، مٽياري، نوشهرو فيروز، سيوهڻ، ٺارو شاهه، دولت پور صفن، ڏهرڪي، دوڙ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سوين ڪارڪن قلم 144 لاڳو کي ٽوڙي رستن تي نڪري آيا. 27 هين ترميم نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ پرجوش نعره پڻ لڳايا ويا. ان کان علاوه پاڪستان جي ٻين به ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. لاهور، پشاور، فيصل آباد، ميانوالي، گجرانوالا، ملتان، سيالڪوٽ، چستيان، راجن پور، مريد ڪي، سمندري، ڪوٽ مٺن، بکر، ساهيوال، ايبٽ آباد، مردان، صوابي، نوشهره ڪينٽ، بنون، ڪوهاٽ، هنگو، چيچا وطني، ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به اهو ڏينهن بطور ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. اهي به اطلاع آهن ته، پنڊي، لالا موسيٰ ۾ به ماڻهن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
مطلب ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ بيان ڪيل ترميم جي خلاف عوام گھرن مان ٻاهر نڪري روڊن، رستن ۽ پريس ڪلبن وٽ پهچي ويو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اعلان تي عوام تمام سٺي موٽ ڏني آهي جنهن واڳ ڌڻين جون اکيون پٽي ڇڏيون حڪمرانن ڏسي ڇڏيو ته عوام، سندن ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. آئين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري. اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته ٻين صوبن جي گادي وارن هنڌن جهڙوڪ پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد (آزد ڪشمير) لاهور ۽ ڪراچي ۾ به وڏا عوامي ميڙاڪا ٿيا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن. ڊيره غازي خان، ڊيره اسماعيل خان، صوابي، چارسده، هري پور، مانسهره، بٽ گرام ۾ به ڄاڻايل ترميم جي خلاف عوام آواز اٿاريو ۽ ان کي مڪمل طرح رد ڪيو آهي.
حڪومت مخالف سياستدانن جو چوڻ آهي ته، ڪارو ڏينهن ملهائڻ کان پوءِ خاموش ڪونه رهي سگھبو. اها جدوجهد جاري رهندي. جيستائين 27 هين ترميم واپس ورتي وڃي. ٻئي حالت ۾ ان جدوجهد کي تيز ڪيو ويندو. ياد رهي ته 21 نومبر تي سڄي پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. ملڪ جي سڀني صوبن جي عوام بيان ڪيل ترميم کي رد ڪيو آهي. جنهن جو تفصيل آئون مٿي لکي آيو آهيان. هاڻ ڏسجي ته حڪمران ان احتجاج جو نوٽيس وٺن ٿا يا نه؟ حڪمرانن تي اثر پوي ٿو يا نه؟ في الحال حڪمرانن تي ڪوبه اثر ڪونه پيو آهي. اهي ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيئي رهيا آهن. ويتر ضد ۾ آهن. چون پيا ته تمام جلد 27 هين ترميم آندي ويندي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته عوامي احتجاج جي ڪري واڳ ڌڻين جي ڪن تي به جونءِ ڪونه ٿي رڙهي. 27 هين ترميم واپس وٺڻ ته ٺهيو پر 28 هين ترميم آڻڻ جون تياريون هلي رهيون آهن. عوام کي بلڪل نظر انداز ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ عوامي تحريڪ ڪهڙو ٿي رخ اختيار ڪري. اهو چند ڏينهن ۾ معلوم ٿي ويندو. قومپرست، وڪيل، ساڃاهه وند، سماجي ڪارڪن، سياسي مخالف ڌريون به هڪ ئي پليٽ فارم تان تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ته پوءِ حڪومت لاءِ ڪافي ڏکيائيون پيدا ٿي سگھن ٿيون. حڪومت جو هلڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. جنهن ڪري حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گھرجي.