ننڍي کنڊ جي آزادي جو هيرو ڀڳت سنگهه

اڄ 23 مارچ اهو ڏينهن آھي جنهن ڏينهن پنهنجي وطن جي آزادي جي  جدوجهد جي ڏوهه ۾  ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين راج گرو ۽ سک ديو  کي انگريز سرڪار ڦاهي تي ٽنگيو ويو هو ڀڳت سنگهه  جي جدوجهد هندستان ۾ انگريز سرڪار کي لوڏي ڇڏيو هو ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جو خيال هو ته جيڪڏھن اسين ڪانگريس جي انگريزن سان مفاهمت واري پاليسي تي هلياسين ته آزادي ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا انڪري هنن هوم رول توڙي ٻين هٿڪنڊن کي رد ڪري مڪمل سوراج يعني مڪمل آزادي جو مطالبو ڪيو  هنن کي انگريزن جي چالاڪين بابت خدشا هئا جيڪي درست تقسيم ڪيو ويو

ڀڳت سنگھه جو جنم 27 ڊسمبر 1907ع تي وديا وتي ۽ ڪشن سنگھ جي گهر بنگا ڳوٺ ضلعي لائل پور ۾ ٿيو, جيڪو برطانوي هندوستان جي صوبي پنجاب ۾ هو. جالندهر ويجهو کٽڪار ڪلان هنن جو اباڻو ڳوٺ هو. ڀڳت سنگھ جو ڏاڏو ارجن سنگھ ديانند سروسوتي جي تحريڪ ‘آريا سماج’ ۾ هو ۽ هن جو پيءُ ڪشن سنگهھ ‘غدر پارٽي’ جو ڪارڪن هو. ڀڳت سنگھ پهرين ديانند اينگلو_ويدڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ ،  1923ع ۾ نيشنل ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو. ڀڳت سنگهھ جي دور ۾ ڪافي واقعا ٿيا، جن ۾ هڪ اهم واقعو 9 آگسٽ 1925ع تي هندوستان ريپبليڪن ايسوسيئشن جي ڪارڪنن شاه جهان پور کان لکنو ويندڙ ريل گاڏي کي ڪاڪوري وٽ روڪي ڦر ڪئي. اهو منصوبو رام پرساد بسمل، اشفاق خان، چندر شيکر آزاد ۽ ٻين جو هو. هنن کي خبر پئي ته  ٽرين جي گارڊ ڪئبن ۾  برطانوي حڪومت جي خزاني جا پئسن سان ڀريل ٿيلها آهن. هنن ٻڌايو ته هن ڦر جو مقصد برطانوي انتظاميه خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ هنن کي پئسن جي ضرورت هئي. هي واقعو ‘ڪاڪوري ڪيس’ جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. هن واقعي جا جوابدار پرساد 26 سيپٽمبر 1925ع تي ۽ اشفاق خان ڏھ مهينا پوءِ   گرفتار ٿيو، ٽوٽل چاليهھ ڄڻا گرفتار ٿيا.

مارچ 1926ع ۾ ڀڳت سنگھ ۽ ٻين ڪامريڊن ‘نوجوان ڀارت سڀا’ تنظيم ٺاهي، بعد ۾ هو هندوستان سوشلسٽ ايسوسيئشن ۾ شامل ٿيو. هنن جي جدوجهد جو منشور برطانوي ڪالونيل ازم کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ هو.هنن ڪانگريس جي سياست تي عدم اعتماد ٿي ڪيو هنن اهو سمجهيو پئي ته هي هندستان جي حڪمران طبقن جي مفادن لاء مفاهمتي آزادي چاهين ٿا  اهنسا وادي ۽ بورجوا قومپرست سياست کان ڌار ٿي هنن هٿيار بند جدوجهد جي چونڊ ڪئي. هنن ڄاڻي ورتو هو ته اهو ئي انگريزن کان نجات جو حل آهي. هٿياربند ڪاروائين جو هڪ سبب خوف جي فضا ۾ ڏار وجهڻ هو ته جيئن عوام ۾ اُڀار پيدا ڪري سگهجي، ۽ عوامي شعور کي ‘هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪ ايسوسيئيشن’ ذريعي اشتراڪي نظام جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.

1928ع ۾ برطانوي حڪومت سائمن ڪميشن جوڙي، جڏهن ڪميشن لاهور آئي ته ان خلاف هڙتالون، مارچ ۽ مظاهرا ٿيا ته پوليس تشدد ۽ لاٺي چارج ڪيو. اهڙين پُرتشدد ڪارواين جي نتيجي ۾ 17نومبر 1928ع تي لالا لجپت راءِ گذاري ويو، جنهن کي پوليس سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. هو لاهور ريلوي اسٽيشن تي سائمن ڪميشن جي خلاف احتجاجي هو. لالا لجپت جي قتل جي رد عمل ۾ ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن هڪ پوليس آفيسر کي ماري ڇڏيو. ٻيو اهم واقعو پبلڪ سيفٽي بل ۽ ٽريڊ ڊسپيوٽ ايڪٽ جي ردِ عمل ۾ هو. مزدور تنظيمن خلاف هڪ بل اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيڻ تي هو. هلندڙ سيشن دوران پبلڪ گئلري مان ڀڳت سنگھ ۽ باتو ڪيشور دت سينٽرل ليجسليٽوِ اسيمبلي جي چيمبر ۾ ٻه بم ڦاڙيا. اسيمبلي ۾ ڦهليل دونهي سبب هو آرام سان فرار ٿي پئي سگهيا، پر هو بيهي ‘انقلاب زندھ آباد’ جا نعرا هڻندا رهيا ۽ گرفتاري ڏئي بم ڌماڪن جو اعتراف ڪيو. انهي اعتراف ۽ خبر هندستان ۾ عوامي سطح تي نوجوانن ۾ وڏو حوصلو پيدا ڪيو

ڀڳت سنگھه ۽ ان جا ساٿي لاهور سازش ڪيس سبب قيد ٿيا هئا. ڀڳت ۽ ٻين ڪامريڊن کي دهلي کان سينٽرل جيل ميانوالي موڪليو ويو. جيل ۾ رهي هنن مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا 63 ڏينهن هلي. بکُ هڙتال جي ڪري ڪامريڊ جسماني طرح نٻل ۽ ڪمزور ٿي چڪا هئا. ان وچ ۾ بک هڙتال سبب جيتن داس گذاري ويو. جيل ۾ انهن جنهن سبب جي ڪري بک هڙتال ڪئي هئي، ان جو اهم مطالبو قيدين سان بهتر سلوڪ ڪرڻ هو. سزا کائڻ، تشدد برداشت ڪرڻ، ۽ بک هڙتال سبب ڪمزور ٿيڻ باوجود هي انقلابي ساٿي مايوس نه ٿيا هئا. انهن لاءِ پنهنجو سياسي نظريو ۽ پورهيت طبقي جا مفاد عزيز هئا.

پهرين مئي 1930ع تي وائسرءِ لارڊ ارون لاهور سازش ڪيس آرڊيننس جاري ڪيو. انگريزن ڄاتو  ٿي ته اها آزادي پسند سوشلسٽ لهر 1917ع ۾ روس مان بالشويڪ انقلاب کان اثر قبولي اُٿي آهي، ان کي زمين دوز ڪرڻ ايترو آسان نه  آهي. ڀڳت سنگهه ڪامريڊ لينن کان تمام گهڻو متاثر هو لينن جي تحريرن جا حوالا اڪثر هو بحثن ۾ ڏيندو هو بلڪه جيل دوران هو مڪمل طرح لينن وادي ٿي چڪو هو  لينن جي فڪري سگهه سوويت انقلاب برپا ڪرڻ سندس سموري فڪر ۽ عمل تي پوءِ  حاوي هئا  هو آخر ۾ انفرادي دهشتگردي جي به خلاف ٿي چڪو هو   هن اهو اعتراف به ڪيو هو ته اسان کي بالشويڪ پارٽي وارو رستو اختيارڪرڻ کپندو هو

5 مارچ 1931ع تي انگريز سرڪار ۽ ڪانگريس ۾ ٺاھ ٿيو، جنهن کي گانڌي_ارون پيڪٽ جو نالو ڏنو ويو، هن سمجهوتي ۾ ڀڳت سنگهھ ۽ ٻين ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن جي جيل مان آزادي جو ڪو به نڪتو شامل نه هو. موهن داس گانڌي ۽ ڀڳت سنگهھ جي نظريي، تنظيم ۽ طرزِ جدوجهد تي رستا ڌار هئا. ڀڳت سنگهه جي ساٿي چندر شيکر آزاد اهو قسم کنيو هو ته ته هو گوريلا ويڙهه دوران ڪڏھن به دشمن کي زنده گرفتاري نه ڏيندو  هن ڀڳت سنگهه کي جيل مان آزاد ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو جنهن تي عمل به ڪيو پر اهو ناڪام ٿيو  هن پوليس جي سخت گهيري ۾ اچڻ کان پوءِ  پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو

آخرڪار، 23  مارچ 1931ع جي رات جو لاهور سينٽرل جيل جي گهاٽ تي ڀڳت سنگھه ، راج گرو ۽ سکديو کي ڦاسي ڏني وئي. ستلج ندي ڪناري سندن لاش ساڙي درياهه حوالي ڪيا ويا اها انگريز سامراج جي ريت جاري آھي هتي به انقلابي ڪارڪن ساڙي ماريا وڃن ٿا گم ڪيا وڃن ٿا هتان جا حڪمران اڄ به ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کان ڊڄن ٿا هو سندن هر ياد کي گم ڪرڻ چاهين ٿا ته جئين آزادي جي مشعل وري نه ڪو کڻي  پر انقلابين خون ناحق رائيگان نه ويندو آھي اڄ ھزارين نوجوان هنن انقلابين کي ياد ڪري رهيا آھن  هنن تي ڪالم لکجي رهيا آھن  ڀڳت سنگهه جو رستو اسان جو رستو نعرا لڳي رهيا آھن

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.