شھيد ھوش محمد شيدي جي ياد ۾

تحرير: عنايت قمبراڻي

جرنيل هوش محمد شيدي جنھن جي باري ۾ مؤرخ لکن ٿا ته ھي مير صوبدار خان جو ھم عمر ۽ ويجھو ساٿي ھو جيڪو23مارچ  1843ع ۾ انگريزن سان دٻي جي ميدان ۾ جنگ ڪندي شهيد ٿيو هو۔ھن جنگ ۾ ھوش محمد شيدي جي جرائت ۽ بھادري جا انھي حد تائين تاريخ ۾ مثال ملن ٿا ته ھن پنھنجن جي غداري، بارود جي سڙي وڃڻ ۽ شڪست کي اکين آڏو ڏسندي وطن جي حب ۾ جوان مردي سان دشمنن کي للڪاريندي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعري سان سنڌ جي سپاھين ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ ھن مرد مجاھد پنھنجي عقل ۽ دانشمندي سان بارود نه ھجڻ باوجود توبن ۾ ڀتر ٺڪر وجھي ڌماڪا ڪري دشمن فوج کي ڪجھه وقت لاءِ  پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي سپاھين کي اٿتون ڏيندي دشمن کي زير ڪرڻ لاءِ  تلوار ۽ ڪھاڙي ھٿ ۾ کڻي پنھنجي ساٿين سميت مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون جا نعرا ھڻندي ميدان جنگ ۾ ڪاھي پيو ۽ آخري سڏڪي تائين وڙھندي وڙھندي سنڌ ڌرتي تان قربان ٿي ويو۔

ھوشو بابت ھن وقت تائين مختلف محققن اديبن تاريخدانن لکيو آھي پر ڪير به ھن وقت تائين انھيءَ تھه تائين ناھي پھتو ته ھوشو ۽ ان جا وڏا اصل ۾ سنڌ جي سرزمين تي ڪيئن ۽ ڪٿان آيا بس صرف ايترو ملي ٿو ته ھوشو حبشي غلام ھو، جنھن جو والد سنڌ جي تڏهوڪي حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر وٽ گھرو ملازم طور  ڪم ڪندو ھو، ۽ ڪي وري لکن ٿا ته سنڌ اندر شيدين کي آفريڪا،تنزانيا ۽ ٻين ملڪن مان قيد ڪري مختلف ملڪن ۾ جانورن جيان وڪرو ڪيو ويندو ھو ۽ ھوشو جي وڏن بابت پڻ اھا ڏند ڪٿان آھي ته ھي ايراني نار مان اسمگل ٿي ڪراچي بندر تي وڪاميا ھيا.جڏھن ته وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جي فتح’ ۾ هوشو شيديءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هوشو اصل ۾ فرينچ سپهه سالار نيپولين جي فوج جو سپاهي هو، اتي مصر ۾ رهي انگريزن جي فوج سان وڙهيو. توپ خاني جي مهارت فرانسيسين کان حاصل ڪيائين. مصر کان پوءِ مسقط آيو. جڏهن سنڌ جي اميرن مسقط جي اميرن کان توپون گهرايون، تڏهن هوش محمد شيدي به انهن سان گڏجي هتي آيو ۽ هن سنڌ کي هميشه لاءِ  پنهنجو وطن بڻايو.

مياڻيءَ جي شڪست کانپوءِ 23 مارچ 1843ع تي حيدرآباد شھر کان ڪجھه ميل جي پنڌ تي ديھ ناريجا ۾ دو آبي واري ماڳ تي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي فوج ۽ انگريزن وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي سپاھين هڪ ڀيرو ٻيھر پنهنجو پاڻ مڃايو پر مياڻيءَ جي فتح کان پوءِ انگريز جي فوج نفسياتي طور حاوي ٿي چڪي هئي ۽ مقامي ماڻهن مان گهڻن انگريزن جو پاسو ٿي ورتو. نيپيئر هن نفسياتي اثر کي ڀرپور طريقي سان پنهنجي فائدي لاءِ  ڪتب آندو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي مخبريءَ تي لڳايو. اهڙن مخبرن وسيلي سر چارلس نيپئر دو آبي واري جنگ ۾ ٽالپرن جي بارود خاني کي باھ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن جنگ جو پاسو بدلائي ڇڏيو. بارود خاني کي باھ لڳڻ کان پوءِ سنڌ جي فوج سمجھي چڪي هئي ته هاڻي انگريز کي روڪڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري ھوش محمد شيدي ۽ ٻين مير شير محمد ٽالپر کي ٻي جنگ جي تياري لاءِ  دو آبي جي ميدان مان نڪرڻ جي صلاح ڏني، جنهن اتان نڪري شھداد پور، اڀپور، گھوٽڪي ۽ ٻين علائقن ۾ انگريز جي خلاف گهڻي وقت تائين گوريلا ويڙھ جاري رکي.

بهرحال تاريخ جي ستم ظريفي چئجي يا پنھنجن جي جو سنڌ جي ھنن بھادر ويڙهاڪن جن ڌرتي جي محبت ۾ حب الوطني جي جذبي سان انھي وقت جي طاقتور،چالاڪ ۽ جنگي سازوسامان سان ليس انگريز لشڪر سان مھاڏو اٽڪائي کين رڪ جا چڻا ڇٻڻ تي مجبور ڪيو جن جي نه مڪمل تاريخ ملي ٿي ۽ نه ئي سندن آخري آرامگاھون محفوظ آھن ٻين شھيد سورمن سان گڏ ھڪ طرف ته شھيد ھوش محمد شيدي جي تاريخ مڪمل طور تي متنازعه بڻيل آھي ۽ جيڪا ٿوري گھڻي ظاھر ٿئي آ ھي اھا به انگريزن رائيٽر ۽ جنگ جي جرنل چارلس نيپيئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر پنھنجي ڪتاب ٫٫سنڌ جي فتح  ۾ لکي ڪافي حد تائين حقيقت بيان ڪئي آھي پر پوءِ به اسان جي دانشورن پاران سندس مزار کي ھٿ وٺي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڪن ليکڪن ته پڪي قلعي ۾ مزار جا حوالا ڏئي شھيد جي آخري آرمگاھ کي پڻ متنازعه بڻايو بحرحال جس ھجي اسان جي شيدي قوم جي انھن ليڊرن کي جن ھوشو کي آخرڪار دٻي جي ميدان ۾ ڳولي ورتو،جنھن ھوشو کي انگريز فوج سندس جرائت ۽ بھادري تي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ميدان جنگ ۾ پنھنجون ٽوپيون لاھي سلامي ڏني ۽ پنھنجي مڪمل فوجي اعزازن سان دفن ڪرايو .

اڄ انھيءَ ھوشو شيدي جي مزار کنڊرات جا منظر پيش ڪري رھي آھي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران شھيد ھوش محمد شيدي جي مزار جي دوري دوران جڏھن سنڌ جي ھن سورمي جي سرن سان ٺھيل ڪمري نماءُ جڳھه ۾ مٽي جي ڪچي قبر ڏٺي ته ھن افسوس جو اظھار ڪندي سنڌ سرڪار کي فوري طور تي مزار جي مڪمل تعمير جو حڪم ڏنو جنھن تي سنڌ حڪومت چار ڪروڙ جي لاڳت سان هوش محمد شيدي جي مزار ۽ ان سان لڳو لڳ لائبريري ۽ پارڪ ٺاهڻ جي منظوري ڏني پر 2018 ۾ مزار جي اڏاوت کان سواءِ ٻيا ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا آھن ۽ ٺيڪيدار رھيل رقم ھڙپ ڪري غائب ٿي ويو آھي ٺيڪيدار ۽ مزار جي ڪم جي حوالي سان لاڳاپيل ادارو ۽ انھيءَ لاءِ  جوڙيل ڪميٽين پڻ پنھنجو ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو جنھن جي ڪري ھن وقت شھيد ھوش محمد شيدي جي آخري آرامگاھ ڀرپاسي رھندڙ ڳوٺاڻن جي مھرباني سان آھستي آھستي کنڊرات ۾ تبديل ٿي رھي آھي جڏھن ته لائبرري ۽ پارڪ لاءِ  رکيل زمين  مال جي واڙي ۽ سيوريج جي گندي پاڻي جي تلاءِ   جا منظر پيش ڪري رھي آھي جنھن جو ھن وقت تائين ڪنھن به نوٽيس ناھي ورتو جنھن جي ڪري مزار ڀرسان رھندڙ ڳوٺاڻن کي مزار جي وڌيڪ بي حرمتي ڪرڻ جو موقعو ملي رھيو آھي جيڪا انتھائي ڪريل حرڪت آھي

صدر مملڪت آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزير اعلي سنڌ، حيدرآباد جي ميئر، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ثقافت کاتي ۽ روينيو عملدارن سميت قومپرست اڳواڻن ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ دوست صحافين اديبن دانشورن ۽ ٻين وس وارن کي سندس مزار جو خصوصي طور تي دورو ڪري اتي جي بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺي ھن اھم معاملي لاءِ  فوري طور تي نوٽس وٺڻ سان گڏوگڏ مزار جي بھتري لاءِ  تڪڙا قدم کڻي مزار جي حدن ۾ ايندڙ ايريا سميت مزار جي روڪيل ترقياتي منصوبي ۾ شامل پارڪ،لائبرري ۽ شھيد جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرامن لاءِ  ڪميونٽي حال کي فوري طور تي جوڙائڻ لاءِ  سنڌ سرڪار جو ھن اھم معاملي طرف ڌيان ڇڪائي، انھيءَ کي بائونڊري وال ذريعي بند ڪري محفوظ ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جو نالو تبديل ڪري انھي تعلقي کي (ھوشو آباد) يا (شھيد ھوش محمد شيدي) تعلقي جو نالو ڏنو وڃي ۽ مزار طرف ويندڙ روڊ تي شھيد جي نالي سان يادگاري گيٽ جوڙائي سائن بورڊ نصب ڪيا وڃن  ته جيئن ھڪ طرف ملڪي توڙي غير ملڪي باشندن ۽ سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن کي سنڌ جي ھن تاريخي ميدان ۽اتي دفن ٿيل شھيدن جي مزارن ۽ انگريز فوجين جي يادگار طرف وڃڻ ۾ آساني ٿئي ته ٻي طرف مزار جي آس پاس مال جي واڙن گندي پاڻي جي تلائن ۽ اتي جي ڳوٺاڻن پاران اڇلايل گند ڪچري جي ڍيرن ذريعي مزار جي ٿيندڙ بي حرمتي کي ٻنجو اچي سگھي ۽ اڳتي ڪير به مزار جي بي حرمتي نه ڪري سگھي ۽ شھيد ھوش محمد شيدي بابت تڪراري بڻايل تاريخي پھلوئن تي وڌيڪ  تحقيقي ڪم ڪرائي سندس تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ نصابي ڪتابن مان شھيد ھوش محمد شيدي بابت ھٽايل مواد ٻيھر نصاب ۾  شامل ڪري اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطع تائين سنڌ جي ھن عظيم سورمي جي ڏنل قرباني کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪيو وڃي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.