خواجا آصف کي گهر وڃڻ جي تڪڙ  ڪھڙي آهي؟

تحرير: انصار عباسي

بچاءَ واري وزير خواجه آصف اعلان ڪيو آھي تھ ھو  اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي، آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد کي پارليامينٽ آڏو طلب ڪرڻ ۽ انهن جو احتساب ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪندو.هن جو چوڻ ھو  ته اڳوڻي جنرلن ۽ عمران خان دهشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ 5 هزار ماڻهن ۽ انهن جي خاندان جي ماڻهن جي، افغانستان مان پاڪستان منتقلي سبب پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي  واقعن ۾ واڌ ٿي آھي.

هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ هن چيو ته نه رڳو ايترو پر انهن جنرلن  کان نوازشريف جي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي به جواب طلب ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ هي (جنرل) ٿيندا ڪير آهن، اهو سڀ ڪرڻ وارا ؟ ان تي ٽي وي ٽاڪ شو جي اينڪر بچاءَ واري وزير کان سوال ڪيو ته ائين نه ٿئي  جو جنرلن کي پارليامينٽ آڏو طلب ڪرڻ لاءِ گھرائڻ تي  توهان جي حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر گهر وڃڻو پوي. جنھن تي خواجا آصف چيو تھ اسان اڳ بھ گھر ھليا ويا ھئاسين. گهر جو رستو معلوم آهي وري بھ گھر ھليا وينداسين.هاڻي ڏسون ٿا تھ  خواجه آصف صاحب ڪڏھن جنرلن کي پارليامينٽ آڏو جوابده بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ٿو.

هاڻي ان باري ۾ وزير اعظم، وزيرن ۽ خواجا صاحب کان ان باري ۾ سوال ٿيندا رھندا.جنھن جواب دھي

جي بچاءَ واري وزير ڳالهه ڪئي، اھا ممڪن ٿي سگھي. ان  باري ۾ خبر ناهي اهو خواجه صاحب جو ذاتي فيصلو آهي يا شهباز حڪومت جي پاليسي ؟  سبب ڪجهه به هجي، خواجا صاحب هڪ اهڙو معاملو اٿاريو ڇڏيو آهي، جنھن جو اثر شهباز حڪومت تي پئجي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ کي ڏٺو وڃي  ۽  جيئن ٽي وي اينڪر چيو بھ ته،ائين ڪرڻ تي حڪومت جي موڪل بھ ٿي سگھي ٿي. بهتر ٿئي ھا اڳ ۾ ئي  چونڊ تڪرارن ۾ ورتل شهباز حڪومت پنهنجا پير ڄمائي ھا، معيشت جي اهم ترين چئلينج کي نبيري ھا.  ڪجهه سياسي ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪري ھا ۽ پوءِ جنرلن جي احتساب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري  ھا. پر خواجا صاحب  تھ ڪافي تڪڙ ۾ لڳي پيو.

جيڪڏهن خواجا صاحب جي مشوري جي مطابق حڪومت جنرلن جي احتساب  جو فيصلو ڪري ٿي ۽ انھن کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪري ٿي ته ان سان  يقيني طور تي شهباز حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ  پئدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوندو.اھڙي ڪنھن ڇڪتاڻ کي  ڇا شهباز حڪومت برداشت ڪري سگهي ٿي يا ھن وقت ملڪ کي جن ڏکيائن خاص ڪري معاشي مشڪلات پيش آھن،ان تناظر ۾ اھڙو قدم پاڪستان ۽ ان جي نظام لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو ؟ لنڊن مان واپسي کان اڳ ميان نواز شريف به جنرلن جي احتساب جي ڳالهه ڪندو هو پرھو  شهباز شريف جي سمجھائڻ  تي  خاموش ٿي ويو.

عام تاثر آهي ته نواز شريف جي واپسي هڪ مبينا ڊيل جو نتيجو هئي، اليڪشن کان اڳ ۽ چونڊن واري ڏينهن  جيڪو ڪجھ ٿيو. ان بابت بھ ڪافي ڳالهيون  ٿي رھيون آهن. شهباز شريف جي حڪومت  جئين تيئن جڙي ان مان  هڪ ئي اميد آهي ته اها پاڪستان جي معيشت کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪندي، وڏا وڏا فيصلا ڪري، پاڪستان جي معيشت کي درست ڪري. جڏهن معيشت ٺيڪ ٿي ويندي ته پوءِ جنرلن جو احتساب بھ ضرور ڪجو. بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته اسان کي گهر وڃڻو  پيو تھ گهر ھليا وينداسين، اسان کي گهر جو رستو معلوم آهي، ان سنجيدگيءَ کي ظاھر نٿو  ڪري جيڪا شهباز حڪومت مان توقع  آهي.

جيڪڏهن گهر وڃڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پوءِ حڪومت سنڀالڻ ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي ترجيحن جو واعدو ڇو ڪيو ويو ھو.ان ڳالھھ جي ايتري اھميت ناھي تھ  مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رهي ٿي يا نه، شهباز شريف وزير اعظم رهني ٿو يا نه،  اهم ۽ سمجھڻ واري ڳالهه اها آهي ته حڪومت جنهن جي به هجي، پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجن مان ڪڍڻ سڀني جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.