سينئر صحافي پير حامد الله سرهندي جو وڇوڙو

تحرير؛ خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌ ۾  پيرن جون گاديون ۽ سلسلا تمام گھڻا مشھور رھيا آھن انھن ۾ خاص طور تي سرھندي پيرن جو ذڪر نمايان آھي جيڪي مٽياري ٽنڊومحمدخان ميرپورخاص ۽ ملير ۾ رھائش پذير آھن جن جو شجرو حسب نسب افغانستان جي صوبي سرھند سان ملي ٿو جنھن جي ڪري انھن کي سرھندي سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو ۔ملير ۾ به سرھندي پير گھڻي تعداد ۾ آباد آھن ۔پر انھن مان پير حامدالله ئي اھڙو شخص ھو جيڪو علم ادب ۽ صحافت سان تعلق رکندڙ ھو ۔

استاد جي شعبي سان واسطو ھئڻ کان علاوه لکڻ پڙھڻ جي شوق صحافت ڏانھن راغب ٿيو ۔ملير ۾ رورل پريس ڪلب ۽ ملير پريس ڪلب جو بنياد وڌائين. پاڻ انھيءَ جو پھريون صدر چونڊيو ويو۔جڏھن صحافت عروج تي پھچندي پنھنجو رستو تبديل ڪرڻ شروع ڪيو ته سائين حامدالله به ملير پريس ڪلب کي خيرباد ڪندي پنھنجي خرچ تي پير سرھندي ڳوٺ ۾ پنھنجو ذاتي صحافت جو ادارو ايوان صحافت ملير جي نالي سان قائم ڪيائين جنھن جي آفيس اڄ ڏينھن تائين موجود آھي ۔جڏھن ڪراچي جي سنڌي اخبارن ڏٺو ته ڪراچي جي شھر ۽ ان جي پاسي ۾ گرين بيلٽ تي بلڊر مافيا قابض ٿيندو پيو وڃي ته ھلال پاڪستان خاص طور تي ملير جي لاءِ  ھفتيوار صفحو مورڙي جو ماڳ جي نالي سان شايع ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻي سنڌي اخبار عوامي آواز پڻ ھفتيوار صفحو بندر بازاريون ڪڍڻ شروع ڪيو ۔پير حامدالله سرھندي صحافت کي مقدس سمجھندي انھن صفحن لاءِ  لکڻ شروع ڪيو ۽ ملير جي مسئلن کي نروار ڪيو اھڙا مسئلا جن تي ڪوبه صحافي قلم کڻڻ لاءِ  تيار ڪونه ٿيندا ھئا پاڻ انھن پيچيده مسئلن تي لکڻ شروع ڪيائين ۔

جتان پوءِ  کيس علم و ادب سان چاهه وڌي ويو ۽ ايوان صحافت کي ھڪ پاسي رکندي علم ادب حاصل ڪرڻ لاءِ  پنھنجي ئي خرچ تي پبلڪ لائبريري مجدد الف ثاني جو بنياد وڌائين ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين ۔جيڪي ڪتاب سون جي تعداد کان شروع ٿي ھزارن جي تعداد ۾ پھچي ويا۔موجوده انگن اکرن جي مطابق مجدد الف ثاني لائبريري ۾ ڏھن ھزارن کان به مٿي ڪتاب موجود آھن جيڪو سندس علمي ادبي ڪاوشن جو نتيجو آھي ۔ھن لائبريري ۾ اسلامي ديني ڪتابن جو به وڏو ذخيرو آھي ۽ قديمي ڪتاب به آھن جيڪي ٻين لائبريرين ۾ موجود ڪونه آھن ان ڪري ئي سنڌ جا مشھور عالم ۽ ديني بزرگ ھن لائبريري جو رخ ڪندا ھئا ۽ ھتان کين ناياب علمي ذخيرو حاصل ٿيندو ھو ۔سنڌي ۾ ايم اي جي ڪورس جا ڪتاب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن لاءِ  اھا لائبريري بنياد جي حيثيت رکندي آھي جتان ھر ڪتاب آساني سان مطالعي جي لاءِ  مليو وڃي .رٽائرمنٽ کان پوءِ  خاموش نه ويٺو ۔سرھندي پيرن جي تاريخ تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين ۔سنڌ جي تاريخي ڪردار ابوالقاسم تي ڪتاب لکي پورو ڪيائين جيڪو پيڪاڪ پبلشر وٽان شايع ڪرايائين ۽ ان جو اردو ترجمو ڪرائي ان کي اردو ۾ به شايع ڪرڻ جو ارادو ھو ۔پاڻ سڄو ڏينھن لائبريري جي حوالي ھوندو ھو ۔۔پر سدائين اونو ھوندو ھوس ته منھنجي پڄاڻان ھن لائبريري کي ڪير زنده رکندو جنھن جو ذڪر اڪثر دوستن سان ڪندو ھو ۔

پير ته ٻيا به تمام گھڻا آھن جيڪي اعلى تعليم يافته ۽ وڏن سرڪاري عھدن تي فائز آھن پر سائين اڪيلو پير ھو جيڪو علمي ادبي پير ھو جنھن کي ننڍپڻ کان ئي اھڙو ماحول ۽ استاد مليا جن جي ڪري پاڻ روايتي پير کان ھٽي ڪري علمي ادبي پير ثابت ٿيو۔سندس ڪافي اڻ ڇپيل مواد موجود آھن جيڪو شايع نه ٿي سگھيو ۔سنڌ جي ثقافت کاتي کي گھرجي ۽ ان کان مطالبو به ڪجي ٿو ته ھن لائبريري کي سنڀالي ۽ ان جي لاءِ  سرڪار جي طرفان اسٽاف به مھيا ڪري جيئن ھي علمي ادبي خزانو محفوظ ٿي سگھي جنھن جو ذڪر پير صاحب ليکڪ سان ڪافي دفعا ڪري چڪو ھو ته لطيف انھيءَ لائبريري کي بچائڻ لاءِ  ثقافت کاتي وارن سان ڳالھايو وڃي ۔پر موت جي فرشتي انھيءَ ڳالهھ جي اجازت نه ڏني ۽ سائين وڃي عالم بالا ڏانھن روانو ٿيو جتان ڪير به واپس نه ٿيو آھي ۔سائين جي انھي خواھش ۽ مشن کي ڪير علمي جامو پھرائيندو ڪابه خبر ڪونھي ۔سائين جيستائين جيئرو ھو جدوجھد ۾ شامل رھيو ۔جڏھن ادبي حلقن کان مايوس ٿيو ته لائبريري ۾ نعت خواني جا پروگرام ڪرائڻ شروع ڪيائين ۔ملير جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ  سيمينار ڪرائڻ شروع ڪيائين .

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.