وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺهڻ وارا مرحلا

تحرير؛ علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ حڪومت سازي جا مرحلا اڳتي وڌي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين ۾ پارلياماني پارٽين جي عددي حيثيت موجب عورتن ۽ اقليتن جي اضافي ڪوٽا جون سيٽون جاري ڪرڻ بعد وفاق ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٻن وڏين اتحادي جماعتن مسلم ليگ نواز جي ميمبرن جي تعداد 108 ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي تعداد 68 ٿي وئي آهي ۽ هاڻي حڪومت سازي لاءِ  گهربل تعداد  169 آساني سان پوري ٿي ويئي آهي ۽ ٻنهي جماعتن جي ميمبرن جي جملي تعداد176 ٿي ويئي آهي. وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ  اتحادي ڌرين کي پنهنجي گهربل تعداد کان وڌيڪ اڪثريت حاصل ٿي ويئي آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ  نگران وزير اعظم طرفان صدر مملڪت کي موڪليل سمري موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر طرفان نون چونڊيل ميمبرن کي پنهنجن عهدن جو قسم کڻايو ويندو ۽ ان بعد ايوان جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ انهن کان پڻ پنهنجن عهدن جو قسم کڻائڻ بعد اسپيڪر طرفان قاعد ايوان يعني وزير اعظم جي چونڊ ڪرڻ بابت تاريخ ۽ طريقيڪار جو اعلان ڪرڻ بعد اجلاس نئين تاريخ تائين ملتوي ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي واري ايوان ۾اتحادي ڌرين کي واضح اڪثريت حاصل هئڻ ڪري ميان شهباز شريف جو آساني سان ملڪ جو ٻيون ڀيرو وزير اعظم چونڊجڻ صاف نظر اچي رهيو آهي. اهڙي ريت، صدر مملڪت جي چونڊ 8 مارچ 2024ع تي ٿيڻ جو امڪان آهي. صدر جي چونڊ لاءِ  اليڪٽورل ڪاليج ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ آف پاڪستان ۽ صوبن جي اسيمبلين جي ميمبرن جا ووٽ شامل آهن. انهن ايوانن ۾ پڻ اتحادي ڌرين کي واضح اڪثريت حاصل هئڻ ڪري اتحادين جو متفق اميدوار آصف علي زرداري تمام آساني سان ٻيون ڀيرو صدر مملڪت چونڊجي ويندو ان ڏس ۾ ظاهر طور تي ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ نظر نه اچي رهي آهي.

اتحادي جماعتن ۾ مسلم ليگ ق جي 5  ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي3 ميمبرن جي پڻ اتحاد کي  حمايت حاصل آهي . اهڙي ريت   وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ  گهربل ووٽن کان پڻ وڌيڪ تعداد حاصل ٿيڻ بعد اتحاد کي ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي به ضرورت نه رهي آهي. پارليامينٽ جي تازي عددي صورتحال کي سامهون رکي هاڻي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ٿيل اتحاد ۽ مفاهمت جاري رهي ته هن ڀيري هي حڪومتون مضبوط هونديون ۽ پنهنجو پنجن سالن وارو مدو آساني پورو ڪري سگهن ٿيون ۽ ملڪ کي بهتر حڪمراني مهيا ڪري سگهن ٿيون.

هوڏانهن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر  پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي نئين جماعت سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جي تعداد صرف 81  آهي.  اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آء جي ميمبرن جي شموليت ڪيل هن نئين جماعت کي قانوني ۽ آئيني رڪاوٽن سبب عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن جي ڪوٽا جاري  جاري نه ڪئي وئي آهي ۽ اهو معاملو اڃا قانوني ڇنڊڇاڻ ۽ ٻڌڻي هيٺ آهي. قانون موجب جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن طرفان سني اتحاد ڪائونسل جي حق ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو ته پوءِ   عورتن ۽ اقليتن جون  ڪوٽا واريون بچيل سيٽون پڻ ٻين پارلياماني جماعتن ۾ ورهائي قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي ايوان جي تعداد کي مڪمل ڪيو ويندو. جڏهن ته  اتحادي ڌرين طرفان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گورنرن جا عهدا مسلم ليگ نواز کي ڏنا ويا آهن،  جڏهن ته پنجاب ۽  خيبرپختونخواه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي گورنرن جي نامزدگي ۽ اعلان ٿيڻ جو انتظار آهي.

ٻئي پاسي، صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان پڻ صورتحال گهڻي ڀاڱي واضح ٿي ويئي آهي، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڏي اڪثريت واري حڪومت سيد مراد علي شاهه  جي سربراهي ۾ قائم ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن کي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان  پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ٽيون ڀيرو وزير اعلي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن جي نامزد وزير اعلي مريم نواز شريف کي حڪومت سازي لاءِ  لڳ ڀڳ گهربل اڪثريت حاصل ٿي ويئي آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 15 ميمبرن جي پڻ کين حمايت حاصل آهي. بلوچستان ۾ پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت قائم ٿي رهي آهي.جنهن لاءِ  وزير اعلي جي عهدي لاءِ  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جي نامزدگي جو اڃا تائين اعلان ٿيڻ جو انتظار آهي. جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن کي حڪومت سازي لاءِ  گهربل اڪثريت حاصل آهي ۽ اها جماعت آساني سان پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ مخالف ڌر جي مستقل حيثيت رکندڙ جماعتن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) هن ڀيري  به چونڊون هارائڻ بعد احتجاجن، جلسن ۽ ڌرڻن واري رستي تي هلي رهي آهي. جنهن ۾ چونڊون هارائيندڙ ڌريون جماعت اسلامي، جميعت علماء اسلام، قومي عوامي تحريڪ  ۽ قوم پرست ڌريون پڻ شامل ٿي ويون آهن. مزيدار ڳالهه آهي ته، ساڄي پاسي وارين ڌرين جي هن اتحاد ۾ سنڌ جون قوم پرست ڌريون پڻ شامل آهن. جڏهن ته جي ڊي اي ۾ اصل طاقت ۽ اهميت فنڪشنل ليگ ۽ انهي جي روحاني سربراهه پير صاحب پاڳاري ۽ ان جي مريدن کي ئي حاصل آهي. سنڌ اسيمبلي جي  سڏايل نئين اجلاس ۾ ايوان جي نون ميمبرن جي حلف کڻڻ جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي سامهون مخالف ڌر جو وڏو ميلو ۽ دنگل ٿي رهيو آهي اميد آهي ته اهو ڪنهن فساد جي صورت اختيار نه ڪندو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد پرامن طور منتشر ٿي ويندو. جي ڊي اي جي هن روحاني اجتماع ۾ جي يو آءِ، جماعت اسلامي ، قومي عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند پارٽي ۽ يونائيٽيڊ پارٽي پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي هٿان شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ  جلسن ۽ ڌرڻن ۾ سرگرمي سان شامل آهن پر مخالف ڌر جي جلسن ۾ شامل هر هڪ ڌر جو اڳواڻ پنهنجي  خطاب ۾ پنهنجي پاسي ڇڪي وڃڻ واريون تقريرون ضرور ڪري رهيا آهن پر آخرڪار هنن۾ غالب اڪثريت پير صاحب پاڳاري جي مريدن تي ئي مشتمل آهي ۽ رياست يا حڪومت کي جيڪڏهن مفاهمت يا برادريء واريون ڳالهيون ڪرڻيون به پيون ته اهي پيرصاحب سان ئي ٿينديون ۽ ٻين ڌرين کي انهيءَ ڪارخير جو ثواب ضرور ملندو.

سنڌ صوبي  جي هڪ ٻي مخالف ڌر ايم ڪيو ايم جون اقليت ۽ عورتن جي ڪوٽا تحت  5 سيٽون وڌڻ بعد انهن جي ميمبرن جي تعداد 22 ٿي ويئي آهي ۽ هن جماعت طرفان وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  مسلم ليگ نواز سان ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر حڪومت ۾ سندن شرڪت وارو حساب ڪتاب اڃا تائين واضح ٿي نه سگهيو آهي. ايم ڪيو ايم طرفان پهرين ڪابه وزارت يا عهدو نه وٺڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي رهي پر ان کانپوءِ  آهستي آهستي سندن ٿيلهو کلندو ويو ۽ پنهنجي حيثيت کان به وڌيڪ مطالبن کي پيش ڪرڻ لڳا. پاڪستان پيپلز پارٽي کي ته سنڌ جي عوام طرفان جيڪا وڏي اڪثريت حاصل ٿي آهي ان بعد هن کي ايم ڪيو ايم جي ڪابه ضرورت نه آهي پر مسلم ليگ نواز جي حڪمراني واري شوق ڪري هنن طرفان  پنهنجن ووٽن جي عيوض سنڌ ۾ گورنر جو عهدو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنج وفاقي وزارتون ڏيڻ جو جيڪو مطالبو ڪيو پئي ويو اهو پڻ ممڪن ٿيندو نظر نه پيو اچي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته ٻنهي اتحادي ڌرين کي وفاقي حڪومت پنهنجي ووٽن تي ٺاهڻ واري گهربل تعداد کان وڌيڪ اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم جي تڪراري، دٻاء ۽ ڌانڌلي واري سياست پڻ ڪنهن به ڌر لاءِ  ڪڏهن به قابل قبول نه رهي هئي ۽ جيڪڏهن حالتن جي ڪري مسلم ليگ ن يا پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان انهي جماعت کي حڪومت ۽ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو به پيو ته اهو تجربو هميشه تڪليف ده ۽ روزانو نوان مطالبا ۽ نئين ڌمڪين ۽ اکيون ڏيکارڻ وارين بدصورتين سان ڀرپور ۽ اڻ وڻندڙ عمل رهيو آهي،جڏهن ته هن ڀيري  اميد جي ابتڙ ايم ڪيو ايم کي تحفي يا صدقي طور مليل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي هڪ تعداد پڻ تڪراري بڻيل آهن ۽ انهن نتيجن بابت  عذرداريون ۽ شڪايتون اليڪشن  ڪميشن وٽ ٻڌڻين هيٺ آهن ۽ انهن نتيجن ۾ ردوبدل ٿيڻ جا پڻ امڪان آهن ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته ايم ڪيو ايم پڻ باقاعدي طور تي جلد ئي مخالف ڌر ۾ شامل ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.