ادب روايتي پيچرن تي ھلڻ جو نالو ناھي. ادب ۾ جيستائين نئون فارميٽ، تخيلقي وسعت، نئون ڊڪشن، نئون انداز ۽ نوان خيال موجود نه ھجن ته اھڙي شاعري فقط مشق ئي چئبي جيڪا ٺھيل ٺڪيل پيچرن تي ھلندي تنھنڪري تخليقي ادب جي معيار جي اوچائيءَ تائين پھچي نه سگھندي. تخليقي ادب جو مطلب ئي تخليق آھي، اھڙي تخليق جيڪا نون لفظن، نين معنائون، نون گھاڙيٽن، نون فارميٽن ۽ نين صنفن کي جنم ڏئي سگھي، تنھنڪري شاعريءَ ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ نواڻ ئي متاثر ڪندي آهي. اهڙي نواڻ، جنهن ۾ ڪا نئين ڳالهه، ڪو نئون فڪر، ڪا نئين تشبيهه، نئون اسلوب، نئون فارميٽ يا ڪو نئون موضوع هجي. روايت پسندي تخليق جو موت ھوندي آھي. ادب لاءِ بيباڪي، تخليقيت، نواڻ زندگي آھن جڏھن ته ورجاءُ ۽ روايت پسندي موت.
امر پيرزادي جو شعري مجموعو ملندس توسان شعرن ۾ پڙھندي محسوس ٿيو ته اھو ڪتاب ڄڻ اڳواٽ منھنجو پڙھيل آھي ڇو ته امر جڏھن به ڪا شاعري ڪندو آھي، شيئر ڪندو آھي سو ان وقت ئي پڙھي وٺندو آھيان. پر ڪتاب جي اھميت ۽ فائدو اھو ھوندو آھي ته شاعر جا مختلف ھنڌن تي لکيل وکريل ورق ھڪ ھنڌ گڏ ٿي وڃن ٿا ته جيڪي گھرج مھل آسانيءَ سان رجوع ڪري سگھجن ۽ شاعري ادبي تاريخ جي لائبريري ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿي.
شاعري گھڻا شاعر ڪندا آھن پر ٿورا ئي اھڙا ھوندا آھن جن جي ڳالهھ ڪرڻ جو انداز سڌو دل ۾ لھي ويندو آھي. امر پيرزادو اھڙو ئي شاعر آھي جنھن وٽ لکڻ جو ڏانءُ موجود آھي. وٽس شاعراڻو اظھار به موجود آھي ته شاعري رومانويت ۽ جماليات جي رنگن سان رنڱيل پڻ. امر جي شاعري ۾ احساسن کي محسوس ڪرائڻ جو فن به موجود ھوندو آھي پر انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ جيڪا شيءِ مونکي ڇڪيندي آھي سا شاعري ۾ موجود فڪري گھرائپ آھي جنھن جي تلاش منھنجو ذاتي مشغلو رھيو آھي. امر انھن شاعرن منجھان آھي جن وٽ مقدار کان وڌيڪ معيار جي گھڻي اھميت ھوندي آھي اھو ئي سبب آھي ته پنجن سالن بعد شايع ٿيندڙ ھن ڪتاب ۾ فقط ڇاھٺ شاعراڻا اسم موجود آھن. ايئن چوڻ شايد غلط نه ٿيندو ته ھي امر جي شاعريءَ جو مجموعو نه پر چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب آھي تنھنڪري ھن ڪتاب جو ھر اسم غور سان وري وري پڙھڻ جھڙو آھي. امر جي شاعري ۾ غزل توڙي نظم ٻئي مزاج ملن ٿا توڙي جو نظم جو لاڙو گھڻو ملي ٿو.
جڏھن ھو غزل لکي ٿو ته اھڙا شعر تخليق ڪري ٿو
پيو ڄاڻي زمانو بي قدر آھي
تڏھن ڀي ٿو پيو ڳائي الائي ڇو
جو ھجومن کي ھلائي
ھڪ رڳو ماڻھو ھجي ٿو
جنھن جي ساري نظر منھنجي خامين ۾ آ
ڪيئن چئجي ڀلا منھنجي حامين ۾ آ
خاميون ڪي دل اندر ڀي ڳولجان
سو اوڻايون ٿو ڏسين سنسار جون
وري جڏھن نظم لکي ٿو ته اھڙيون دل کي سٽ ڏيندڙ سٽون لکي ٿو جيڪي دل کي ڇھي وڃڻ ٿيون
جنگ ۾ فتح ڪھڙي!
جنگ ته ھوندي ئي ھارائڻ لاءِ آھي
تنھنجي لباس جو درزي نه ٿيان
تون ساڙھي پاتي
يا جواني کي چلهھ سان ٻڌي ڇڏيو
وڇوڙي جھڙي ملاقات
شاعريءَ ۾ نواڻ جو هڪ پاسو موضوعن جي چونڊ به ھوندي آهي. ڪجھه موضوع اھڙا ھوندا آھن جن تي تمام گھٽ لکيو ويو آھي. امر انهن موضوعن کي به پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي جيئن ورڪنگ مڌر تي ھن ڪتاب اندر خوبصورت ۽ منفرد نثري نظم آھي جنھن جون ڪجھه سٽون آھن ته
لھندڙ سج کيس ٻڌائيندو آھي
ته گھر جي ڊيوٽي جو
وقت شروع ٿيڻ وارو آهي
اھڙي طرح نظم ريپ ٿيندڙ زال انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ اڇوتو نظم آھي جنھن ۾ سٽ آھي ته
ريپ ھڪ ڀيرو ٿيندو آھي
پر شادي
بار بار ريپ ڪندي رھي
اهڙي شاعري موضوع جي اندر لڪل سماجي الميي کي اهڙي تخليقي صورت ڏئي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.
شاعر واقعن جو اثر عام ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ گھڻو گھرو محسوس ڪندو آھي. ڪجھه شاعر جڏھن ڪو واقعو ٿيندو آھي فوري طور ان تي فرض طور شاعري ڪري شيئر ڪري ڇڏيندا آھن جنھن ۾ تخليقي اظھار نه ھجڻ برابر ھوندو آھي. ايئن لڳندو آھي ڄڻ آرڊر تي ڪو مال تيار ڪيو ويو آهي پر سٺو شاعر عام طور ان واقعي تي فوري ناھي لکندو. واقعو پهرين شاعر جي اندر، سندس لاشعور ۾ لهندو آھي، جتي وقت سان گڏ پچي راس ٿيندو آھي ۽ گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ مڪمل تخليق جي صورت ۾ نمودار ٿيندو آھي. امر جا ڪيترائي سيسراٽيون ڪڍي ڇڏيندڙ نظم آھن مثال طور ننڍيون قبرون ۽ موت جي مند ان ڏس ۾ ڳڻائي سگھجن ٿا. تخليقي سچائي جو اھڙو ئي نمونو ھڪ ٻيو نظم پرويز پيرزادي جي وڇوڙي تي لکيل آھي جيڪو به دل جي حقيقي ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو. فوري ردِعمل ۽ پچي راس ٿيل تخليق ۾ اھو ئي فرق ھوندو آھي ته هڪ فقط واقعو بيان ڪري ٿو، ٻيو ان واقعي کي تخليق ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.
اصل شاعري اھا آھي جيڪا موجودھ حالتن سان تعلق رکي، ذھن کي سوچڻ تي مجبور ڪري، انساني مسئلن ڏانھن ڌيان ڇڪائي اھڙي نه جيڪا پڙھي لڳي ته الائي ڪھڙي جھان جي ڳالھه پئي ھلي. امر پيرزادي جي شاعري انھن ماڻھن کي به جواب آھي جيڪي چوندا آھن ته گسيل پٽيل شاعري پئي ٿئي. مون کي لڳي ٿو اھڙا ماڻھو سٺي شاعري ڳولڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، نه ئي اھڙا ڪتاب پڙھن ٿا. ظاھر آھي معيار ٿوري تعداد ۾ ئي ھوندو آھي جنھن کي تلاش ڪرڻو پوندو آهي. جڏھن 2022ع ۾ سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي ھئي ۽ حڪومت سيوھڻ کي بچائڻ لاءِ ڪٽ ڏنو جنھن سبب ڪيترائي شھر ٻڏي ويا ته ان تي امر نظم غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو ھا لکيو ھيو. هي نظم شاعر جي سماجي شعور ۽ پنهنجي دور جي مسئلن سان سندس ڳانڍاپي جو مثال آهي. هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪيتري ئي شاعري موجود آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ فڪري شعور جي خوبصورت مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿي.
امر پيرزادو شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکندو رھي ٿو. سندس ڪالمن جو ڪتاب سوچ به کڙڪو آھي شايع ٿي چڪو آھي. ان کانسواءِ امر ميڊيا اينڪر پرسن طور به پنھنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مقبوليت ماڻي چڪو آھي پر منھنجي نظر ۾ انھن سڀني حوالن باوجود امر جي بنيادي سڃاڻپ شاعر واري ئي آھي. جڏھن ڪنھن انسان جي سڃاڻپ ڪنھن ھڪ فن يا شعبي سان گھري جڙي وڃي ته پوءِ کيس ان شعبي کي سڀ کان گھڻو وقت، توانائي ۽ توجهھ ڏيڻ گھرجي. ايئن نه ٿئي جو ھو پنھنجي ڏات سان ناانصافي ڪري ويھي. سو امر کي پنھنجي بنيادي سڃاڻپ کي سڀ کان گھڻو وقت ڏيڻ گھرجي. اميد آھي ته سنڌ کي امر پيرزادي جو اڳيون شعري ڪتاب پنجن سالن کان اڳ ملندو جنھن ۾ امر جي شاعريءَ جا اڃان وڌيڪ نوان رستا، نوان موضوع ۽ نوان تجربا ملندا. ”ملندس توسان شعرن ۾“ امر پيرزادي جي تخليقي مزاج، فڪري شعور، سماجي احساس، جمالياتي حس ۽ نئين اظهار جي جستجو جو هڪ گڏيل عڪس آهي.