گانڌي گيري جي ياد، ڀارت ۾ هاڻي مونکي اڳي وانگر سڪون نٿو اچي:سنجي دت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سنجي دت چيو آهي ته هو هاڻي ڀارت ۾ پاڻ کي اڳ وانگر سڪون ۾ محسوس نٿو ڪري.

اداڪار اهو بيان شڪھر سمن جي شو دوران ڏنو، جنهن کانپوءِ کيس سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.

هاڻي ’مُنا ڀائي ايم بي بي ايس‘ جي اداڪار سماجي رابطن واري واهپيدار ماڳ تي پنهنجي بيان جي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.

ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي سنجي دت چيو آهي ته سندس مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو.

هن لکيو ته مان اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجو مقصد ڪڏهن به ڪنهن فرد، برادري يا اداري جي جذبن کي ڇيهو رسائڻ يا دل آزاري ڪرڻ نه هو.

هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته جيئن ته اها ڳالهه ٻولهه اڳواٽ لکيل هئي، تنهنڪري منهنجو مقصد پروگرام ۾ ڪجهه کل ڀوڳ شامل ڪرڻ هو.

سنجئي دت لکيو ته سندس تبصرا اهڙي اڳواٽ لکيل ڳالهه ٻولهه جي پسمنظر ۾ ڪيا ويا، جنهن جو مقصد هلڪو ڦلڪو ۽ کل ڀوڳ وارو انداز اختيار ڪرڻ هو. ان پٺيان اهو ئي مزاح ۽ طنز وارو انداز هو، جيڪو ’مُنا ڀائي‘ جهڙين فلمن ۾ نظر اچي ٿو، خاص طور تي ’گاندهي گيري‘ جو تصور، جنهن وسيلي محبت، پنهنجائپ، يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

اداڪار وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان سندس لفظن کي اصل پسمنظر کان الڳ ڪري سمجهيو ويو.

You might also like