اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مختصر فارميٽ ۾ صاحبزادا فرحان، جڏهن ته هڪ ڏينهن واري فارميٽ ۾ شاهين شاهه آفريدي ٽيم جي قيادت ڪندو.
سريلنڪا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته کين سلمان علي آغا جي جاءِ تي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي سريلنڪا ۽ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ شاهين شاهه آفريدي کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
پهرين ٽي ٽوئنٽي 9 آڪٽوبر، ٻي 11 آڪٽوبر ۽ ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي 13 آڪٽوبر تي ٿيندي.
ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪپتان صاحبزادا فرحان سان گڏ عبدالصمد، ابرار احمد، عرفات منهاس، فخر زمان، حسن نواز ۽ محمد عمران رنڌوا شامل آهن.
خواجه نافع وڪيٽ ڪيپر طور اسڪواڊ جو حصو هوندو، جڏهن ته معاذ صداقت، نسيم شاهه ۽ صائم ايوب به ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، نوجوان رضا الله کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ محمد سلمان مرزا، شاداب خان ۽ سفين مقيم به شامل آهن.
پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ 7 ميچن تي ٻڌل ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي ويندي، جنهن جون شروعاتي 3 ميچون راولپنڊي، جڏهن ته باقي ليگ ميچون ۽ فائنل لاهور ۾ ٿيندو.
16 رڪني ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت شاهين شاهه آفريدي کي سونپي وئي آهي.
ٻين رانديگرن ۾ ابرار احمد، سلمان علي آغا، عرفات منهاس، بابر اعظم، فهيم اشرف، فخر زمان، محمد غازي غوري ۽ حارث رئوف شامل آهن.
حسن نواز، نسيم شاهه، رضا الله، سعد بيگ، صائم ايوب، شاداب خان ۽ سفين مقيم به ون ڊي اسڪواڊ جو حصو آهن.
ٽيم مئنيجمينٽ ۾ مائڪ هيسن هيڊ ڪوچ، شان ٽيٽ بالنگ ڪوچ، مائيڪل سمٿ بيٽنگ ڪوچ ۽ منصور امجد فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نويد اڪرم چيما پاڪستان ٽيم جا مئنيجر هوندا.
راولپنڊي لاءِ شفقت شبير ۽ لاهور لاءِ سيد نذير احمد ميڊيا مئنيجر هوندا، جڏهن ته ڪرنل عثمان انواري سڪيورٽي مئنيجر ۽ ڊاڪٽر واجد علي رفاعي ٽيم ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي .
You might also like