ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي الزام لڳايو آهي ته دهشتگردي هڪ رٿابندي تحت مڙهي وئي ۽ غلط پاليسين سبب ملڪ ورهائجي رهيو آهي.
ڪرڪ مان لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪنديسهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخوا کي غلط پاليسي جو حصو بڻجڻ تي مجبور ۽ صوبي سان امتيازي ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته هو هر اهڙي پاليسي خلاف آهن، جيڪا عوام جي مفاد ۾ نه هجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پنهنجي عوام سان گڏ بيهڻ کي اياڻپ سمجهيو وڃي ٿو ته هو اها اياڻپ بار بار ڪندو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ موجودا نظام خلاف نفرت نظر اچي رهي آهي ۽ خيبر کان ڪراچي تائين هر ماڻهو اسلام آباد وڃڻ چاهي ٿو.
سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان ملڪ ۾ حقيقي سياسي تبديلي آڻي سگهي ٿو.
پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي سهيل آفريدي ڪارڪنن کي صوابي پهچڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اتي لانگ مارچ جي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو پهريون پڙاءُ ضلعي ڪرڪ ۾ هو، جڏهن ته ٻيو پڙاءُ ڪوهاٽ شهر کان ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي لاچي وٽ رکيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ موجب، 6 آڪٽوبر، اڱاري ڏينهن منجهند 12 وڳي ڪوهاٽ، هنگو، ڪرم ۽ اورڪزئي ضلعن مان ايندڙ ڪارڪن قافلي ۾ شامل ٿيندا، جنهن کانپوءِ قافلو ڪوهاٽ کان پشاور طرف روانو ٿيندو.
پشاور پهچڻ کانپوءِ قافلو متني ڀرسان رات ترسندو، متني جو علائقو پشاور شهر کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر پري آهي.
دهشتگردي به منصوبابندي تحت مڙهي وئي، غلط پاليسين سبب ملڪ ورهائجي رهيو آهي: سهيل آفريدي
You might also like