سنڌ جي عوام جي ووٽن سان ڪامياب ٿيل سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 147 ميمبرن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پهچي حلف کڻي ورتو آهي، 2024 جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن ۽ 2018 ۾ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي حلف برداري واري تقريب ۾ ڪافي فرق نظر آيو، گذريل اسيمبلي ۾ ميمبرن جي حلف برداري تقريب ۾ سمورن ميمبرن خاص ڪري پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۾ وڏو ولولو نظر آيو، ايوان ۾ چونڊجي آيل ميمبرن جيئي ڀٽو ۽ جيئي عمران خان جا نعرا هنيا، نعرا صرف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نه پر ايوان ۾ موجود ميمبرن به وڏي نعريبازي ڪئي ڄڻ نعريبازي جو مقابلو ڪيو ويو هجي.
هن ڀيري اهو ماحول نظر ئي نه آيو، هن ڀيري پ پ تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏيون سيٽون کڻي ايوان ۾ برتري حاصل ڪئي، اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون کنيون پر حلف برداري تقريب ۾ اهو ولولو نظر نه آيو، حلف برداري تقريب ۾ پ پ جي ميمبرن حلف کنيو پر جيئي ڀٽو جي نعرن ۾ دم نه نظر آيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن جي حلف برداري دوران سندن ڪنهن به ڪارڪن نعريبازي نه ڪئي، جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس، جماعت اسلامي ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جي بائيڪاٽ سبب حلف نه کنيو، سندن الزام آهي ته سندن مينڊيٽ کي چورايو ويو آهي ان ڪري هو چونڊ نتيجن کي نٿا مڃين ۽ هو چاهين ٿا ته اليڪشن نتيجن کي رد ڪري کانئن کيسل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي يا اليڪشن ٻيهر ڪرائي وڃي نه ته اهو احتجاج نه رڪجندو، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي احتجاج جي سڏ تي سنڌ اسيمبلي جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي هئي، سنڌ اسيمبلي ڏانهن ايندڙ سمورن روڊن کي بلاڪ ڪيو ويو هو، ان کانسواءِ سمورين مک شاهراهن تي رنڊڪون وجهي جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي سنڌ اسيمبلي ڏانهن اچڻ کان روڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي سيڪيورٽي انتهائي سخت هجڻ ڪري اسيمبلي ميمبرن، مهمانن توڙي صحافين کي سنڌ اسيمبلي پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو چونڊجي ايندڙ ميمبرن جي مک تي گهڻي خوشي نظر آئي، اهڙي طرح ٻيون يا ٽيون ڀيرو چونڊجي ايندڙ ميمبر به پرجوش هئا، ايوان ۾ پهچڻ کان اڳ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، منظور وساڻ، نامزد اسپيڪر اويس قادر شاهه توڙي ٻين پ پ سان لاڳاپيل اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام مخالفن کي رد ڪندي کين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته پ پ ٻوڏ جي صورتحال ۾ به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ ساٿ ڏنو، ان جي بدلي ۾ عوام پ پ کي ئي ووٽ ڏئي مخالفن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي پ پ قيادت جي ذميواري آهي ته اها عوام کي اڳ کان وڌيڪ محنتي ٽيم ذريعي خدمت ڪري، ۽ هو پر اميد آهن ته پ پ قيادت ان ۾ ڪامياب ويندي.
اهڙي طرح بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽين کانسواءِ پ پ ۽ متحده جا ميمبر مقرر وقت تي سنڌ اسيمبلي ۾ پهچي ويا جنهن بعد صبح جو 11 وڳي رٿيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 11 لڳي 40 منٽن تي شروع ٿيو، سيڪريٽري اسيمبلي جي ايم عمر فاروق جي ڪارروائي اڳتي وڌائيندي قومي ترانو هلرايو، جنهن تي اسپيڪرآغا سراج دراني سميت سمورا ميمبر، ايوان ۾ موجود سياسي سماجي اڳواڻ صحافي توڙي سياسي ڪارڪن ادب ۾ اٿي بيٺا ۽ قومي ترانو ٻڌو، ان بعد نعت پيش ڪيو ويو جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ وائي ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا پيش ڪرائي، ان دوران اسڪرين تي بينظير ڀٽو جون يادگار تصويرون به ڏيکاريون ويون.
اسپيڪر آغا سراج دراني سمورن ميمبرن کي ايوان ۾ ڀليڪار ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي پ پ کي اڳ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو آهي، ان ڪري ليڊرشپ تي فخر آهي، هن نثار کهڙي ۽ ٻين پ پ اڳواڻن کي به ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته پ پ جي روايت آهي ته اها ايوان جا 5 سال پورا ڪرائيندي آهي، ان روايت ۽ ايجنڊا تي ڪم ڪنداسين، مخالف ڌر جي ميمبرن کي به ڀليڪار ڪيون ٿا، اسان سڀ گڏجي صوبي ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪنداسين، جن کي چونڊ هارائڻ تي تڪليف آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃن، ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ جي عوام چونڊيو آهي ۽ هنن کي رد ڪيو آهي، باقي احتجاج ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو، ڪنهن کي به ايوان ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو، ان دوران گئلرين ۾ ويٺل پ پ جي حمايتي اڳوڻن توڙي ڪارڪنن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا، ان تي اسپيڪر وارننگ ڏيندي چيو ته خاموشي اختيار ڪئي وڃي نه ته سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ويندو، جنهن بعد اسپيڪر ميمبرن کي حلف لاءِ چيو ته اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه قانون جو حوالو ڏيندي اسپيڪر کي ميمبرن کان حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، ان تي سڀ حيران ٿي ويا، اسپيڪر سيڪريٽري کان مشورو ورتو ان بعد پهرين اسپيڪر آغا سراج دراني پاڻ سنڌي ۾ حلف کنيو ان بعد هن ايوان ۾ موجود ميمبرن کي چيو ته جيڪي سنڌي ۾ حلف کڻڻ چاهين اهي پهرين کڻن، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن جي اڪثريت سنڌي ۾ حلف کنيو، جن ۾ مرادعلي شاهه، قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، اويس قادر شاهه، سردار شاهه، اسماعيل راهو ۽ ٻيا شامل آهن، ان بعد ميمبرن کان اردو ۾ حلف ورتو ويو، اردو ۾ سعيد غني، علي خورشيدي، سڪندر شورو سميت سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي 40 کن ميمبرن حلف کنيو، ان بعد محمد بخش مهر، ندا کهڙو، سردار چانڊيو ۽ ٻين انگريزي ۾ حلف کنيو، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جو عبدالباسط اهو پهريون ميمبر هو جنهن کي ايوان ۾ سائن لاءِ گهرايو ويو، ٻيون نمبر پ پ جو عبدالرئوف کوسو ۽ ٽيون نمبر عبدالرزاق راڄڙ هو. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي جي ڪل 168 ميمبرن مان 147 ميمبرن حلف کنيو، جن ۾ پ پ جا 111 ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 36 ميمبر شامل هئا، جڏهن ته 21 ميمبرن حلف نه کنيون، جن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جا 6، جي ڊي اي جا 3، ۽ جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر شامل آهي، جڏهن ته پ پ جي نثار کهڙي، مهتاب ڏهر، نادر مگسي سميت 11 ميمبرن حلف نه کنيو آهي. سياسي پارٽين طرفان ايوان ۾ نوان چهرا به آندا ويا، نون چهرن ۾ محمد بخش مهر، علي حسن هنگورجو، خان بهادر ڏاهري، مخدوم فخرالزمان، اروبا رباني، سيما خرم، ياسمين شاهه، فرزانا حنيف، صائمه آغا، مليحا منظور،روما مٽو، شازيا عمر، صوفيه سعيد، سڪندر خاتون، ڪرن مسعود، فرح سهيل، فوزيه ڪوثر شام سندر، مهيش ڪمار، انيل ڪمار، ارباب امير، پارس ڏيرو، هالار وساڻ، محمد هاليپوٽو، عادل الطاف انڙ، حافظ نعيم الرحمان، دستگير راڄڙ ۽ ٻيا شامل آهن.
ٻئي طرف 2018 جي چونڊ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندڙ 2024 ۾ سنڌ اسيمبلي جو حصو نه بڻيا جن ۾ ايم ڪيو ايم جو سگهارو آواز خواجا اظهارالحسن، محمد حسين محنتي، پي ٽي آءِ جا حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، جي ڊي اي جو نندڪمار گوڪلاڻي، شهريار مهر، حسنين مرزا، پ پ جو باري پتافي، شهريار شر، گهنور اسراڻ، اياز شاهه شيرازي ۽ ٻيا اهڙا ميمبر شامل آهن، جيڪي ايوان ۾ سرگرم رهيا پر 2024 جي چونڊن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ نه اچي سگهيا آهن.ايوان جي ڪارروائي دوران ڪجهه لمحا حيران ڪندڙ به نظر آيا، جنهن ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ پ پ اميدوار کي آزاد اميدوار طور شڪست ڏئي پوءِ پ پ ۾ شامل ٿيل نادر اڪمل لغاري به حلف کنيو پر هو مخالف ڌر جي سيٽن تي ويٺو رهيو، ان دوران شرجيل انعام ميمڻ وٽس هلي ويو ۽ کيس سرڪاري بئنچن تي هلڻ لاءِ گذارش ڪئي، پر هو مخالف ڌر جي سيٽ تان اٿي سرڪاري ڌر طرف نه ويو.
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ عذرا پيچوهو بلوچي ڊريس پائي آيون، ملير مان چونڊيل نمائندو پٺاڻن وارو پٽڪو ٻڌي آيو، تنزيله قمبراڻي ايوان ۾ سادي لباس ۾ آئي، جڏهن ته 2018 وارين چونڊن کانپوءِ ايوان ۾ شيدين جي روايتي لباس ۾ آئي هئي، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيدي بادشاه هم بادشاهه هين، پ پ وارا جيڪي نعرا هڻن ٿا ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، اهي ٻڌن ته اهو اصل نعرو اسان جو آهي، پ پ طرفان وڏ وزارت لاءِ نامزد وزير مراد علي شاهه ايوان ۾ سرگرم رهيو، هن سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺل ميمبرن وٽ سيٽن تي هلي وڃي هٿ ملايو، فريال ٽالپر اڳئين سيٽن تي ويٺل هئي، جتي هڪ پاسي محمد بخش مهر ۽ ٻئي پاسي قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه ويٺل هئا، پ پ جي ڪيترن ئي ميمبرن سيٽن تان اٿي اچي فريال ٽالپر کي واري واري سان کيڪاريو، محمد بخش مهر وڏي وزير لاءِ مختص ٿيندڙ سيٽ تي ويٺل هو، جڏهن ته ناصر حسين شاهه مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ مختص ٿيندڙ سيٽ تي ويٺو هو.
سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ گورنر گيلري ۾ اڳوڻا وزير، سينيئر سياستدان ۽ ٻيا مهمان ويٺل هئا، جن ۾ پ پ سنڌ جو صدر سينيٽر نثار کھڙو، ڄام مھتاب ڏهر، منظور وساڻ، غوث بخش مهر، راجا خان مهر، امير حيدر شاهه، عبدالڪريم سومرو، نگران وزير ايشور لال ۽ ٻيا موجود هئا.سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ان وقت ٻڙڌڪ مچي ويو جڏهن پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر اسپيڪر آغا سراج دران سان ملڻ بعد ڊائيس تان لهندي ڪري پئي، ايوان ۾ ميمبرن جي سائن ڪرڻ دوران فريال ٽالپر رجسٽر تي سائن ڪرڻ بعد اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملي ان بعد جئين هو ڊائيس تان لٿي ته پير ترڪڻ سبب ڪري پئي، فريال ٽالپر فورن پاڻ سنڀالي ورتو، ان وچ ۾ ڪافي ميمبر مدد لاءِ سيٽن تان پڻ اٿي بيٺا پر فريال ٽالپر پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هو اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي، اهڙي طرح سينيئر سياستدان قائم علي شاهه پڻ اسپيڪر ڊائيس ڏانهن وڌندي ٿاٻڙجي ويو پر هن پاڻ سنڀالي ورتو، آخر ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪندي چيو ته چونڊ سڀاڻي(اڄ) آچر ڏينهن صبح جو 11 وڳي ٿيندي، ان بعد هن اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.