اليڪشن 2024 ، 8 فيبروري تي خير سان ٿي گذري آهي ، جنهن ۾ به سدائين جيان نت نوان طريقا اختيار ڪري مبينا ڌانڌلي ڪرائي وئي ، هن اليڪشن “ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڪامياب ٿيندڙن وقت فارم 45 آهي ، جيڪو هڪ پڪو ثبوت آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪيئن ٿي ، اهي سڀ ثبوت موجود آهن ويڊيوز موجود آهن ، پر اڃان اڳتي هلان ته حر جماعت جي روحاني پيشوا پير سيد صبغت الله شاه راشدي پير پاڳارا سائين به لکين ماڻهن اڳيان ڪيترائي راز افشان ڪيا ، مثال ته اليڪشن جا نتيجا ٻه اڍائي مهينا اڳ وڪرو ٿي چڪا هيا جن جن وٽ پيسا پهچائڻا هيا اتي پيسا به پهچي ويا ، نتيجا ملي ويا ، خاص طور مخصوص سياسي پارٽين کي هٿ سان هارايو ويو آهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ به عوام پاڪستان پيپلزپارٽي کان نفرت جو اظهار ڪري چڪو هو ته پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ايتريون سيٽون ڪيئن مليون ، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ايتريون سيٽون ڪيئن مليون ، جڏهن ته سدائين جي ڊي اي جا اميدوار ڪجهه سيٽن تان ڪامياب ٿيندا رهيا پوءِ انهن کي ڪيئن ۽ ڇو هارايو ويو ، پير پاڳارا سائين اهو به انڪشاف ڪيو هو اسان سان رابطو ڪيو ويو ته توهان زرداري سان دوستي جو هٿ وڌايو مان انهن کي کتو جواب ڏنو ، جنهن بعد اهو به پيغام مليو ته پوءِ ڏسئون ٿا ته جي ڊي اي ڪيئن ٿي ڪامياب ٿئي.
اهڙي صورت حال ۾ ڪو ٻڌائي ته جيڪو اسان احتجاج ڪيون ٿا اهو غلط آهي ، هر گز نه اسان پنهنجي جائز مطالبي تي قائم آهيون ته اسان هر حال احتجاجي ڌرڻا جلسا ڪنداسين جيئن سنڌ اندر ٿيل تاريخي مبينا ڌانڌلي کي سدائين لاءِ روڪيون ، جن جن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي ، انهن کي پنهنجا حق ملن اسان جو جائز مطالبو آهي جنهن تان دستبردار نه ٿينداسين .
مان سمجهان ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جماعت اسلامي ، جمعيت علماءِ اسلام ف ليگ سميت قوم پرست اڳواڻ پڻ اهو آواز اٿاري رهيا آهن ته اليڪشن 2024 ۾ تاريخي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي ، اليڪشن 2024 جي تمام نتيجن کي رد ڪيون ٿا جڏهن ته سنڌ حڪومت جي 168 ميمبران مان 148 ميمبران حلف کڻي ورتو آهي . جڏهن ته جي ڊي اي سميت قوم پرست اڳواڻن ڪارڪنن مٿان سنڌ پوليس حسب دستور لٺ بازي ڪئي آهي جڏهن ته ڪيترائي گرفتار پڻ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صورتحال سنڌ اسيمبلي اڳيان خراب نظر اچي رهي آهي.
جمهوريت آهي ته هر پاڪستاني شهري کي اهو حق آهي ته هو پر امن احتجاج ڪري ، جيڪو جي ڊي اي سميت پاڪستان تحريڪ انصاف ، جماعت اسلامي قوم پرست ڪري رهيا آهن پر تعجب ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته انهن کي احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت به مڪمل ايڪشن کڻن جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏسئون پيا ته احتجاج ڪرڻ جي کين سزا ملي آهي. اتي سنڌ جي نياڻين جن سدائين شرافت ڏيکاري قانون موجب احتجاج ڪيو آهي پر سنڌ حڪومت جي روايت رهي آهي ته هن جي ڊي اي قوم پرست اڳواڻن ڪارڪنن مٿان لٺبازي ڪري جهڪائڻ سان گڏ وارن ڄنڊن ۾ هٿ وجهي پڪڙي موبائل گاڏين ۾ وجهي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
مان سمجهان ٿو ته اها غيرت عزت نه آهي سنڌ ڄايون هجن يا پاڪستان جون نياڻيون اهي پنهنجي پر امن ڪرڻ جو حق رکن ٿيون پر جهڙي ريت سنڌ حڪومت انهن مٿان ڪڙڪي پئي ان جو ڏاڍو افسوس ٿيو آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي ، هي جمهوريت آهي جمهوريت ۾ ڪنهن کي به اها اجازت نه آهي ته عورتن جي تذليل ڪري، اسان ته اهو به ڏٺوسين ته عورتن جون پوتيون لاهي وارن کان پڪڙي پوليس موبائلز ۾ ڦٽو ڪن پيا گارگند ڏين پيا الله ابر ، هي ڪهڙي جمهوريت آهي . اهڙي جمهوريت تان ته ويساهه ختم ٿيندو ويندو ايئن نه ٿيڻ گهرجي.
اهڙن واقعن کان پوءِ پڪ ٿي ٿئي ته ڪجهه دال ۾ ڪارو آهي ، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت به هڪ طرفي نظر اچي رهي آهي ، سنڌ حڪومت اليڪشن 2024 ۾ ڪامياب ٿيندڙن کان حلف کڻائڻ لاءِ 24 ، فيبروري 2024 جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو ، جنهن بعد جي ڊي اي قيادت پاران سنڌ اسميبلي اڳيان تمام ڪارڪنن اڳواڻن کي پهچڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن ته سنڌ حڪومت به هن احتجاج کي روڪڻ لاءِ تمام وسيلا استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته ڪجهه به ٿئي ڪنهن کي به سنڌ اسيمبلي گيٽ تائين پهچڻ نه ڏينداسين جنهن کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سوشل ميڊيا تي لائيو هليو ويڊيوز رکيا پئي ويا ، انتهائي ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان ڪيڏانهن پيا وڃون آخر عام ماڻهن کي انصاف ڪڏهن ملندو ڇا اهي ئي چهرا نوان نوان روپ اختيار ڪري عوام جي ابتي کل لاهيندا رهندا ، گذارش ڪيان ته پاڪستان جي معتبر ادارن کي سوچڻ گهرجي ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي اهڙي ڪردار بعد نفرت ۾ اضافو ڏسون پيا ، عام ماڻهون ادارن خلاف به نفرت جو اظهار ڪن پيا.
ڇا اهڙي رويي بعد امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي ڇا وڳوڙ جنم نه وٺندا ڇا حڪومت هلي سگهندي ، مان عرض ڪيان ته ، بلڪل نه حڪومت نه هلي سگهندي ، ها جبر ظلم ڏاڍ بعد حڪومت هلندي پر وري جڏهن ته اليڪشن ٿيون اهي وڏي طاقت سان اڳتي ايندا پر جيڪڏهن عوام چڙي پيو ته پوءِ ڪو نقصان به ٿي سگهي ٿو.