ھندستاني شهري روسي فوج ۾ مددگار طور شامل ٿي ويا

ھندستان پنهنجي شهرين جي روسي فوج ۾ ملازمت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هندو اخبار جي رپورٽ موجب ھندستاني شھرين کي يوڪرين خلاف جنگ ۾ اڳئين محاذن تي وڙھڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ھندستاني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ھندستاني شهري روسي فوج ۾ مددگار طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.هندستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جمعي واري ڏينھن تصديق ڪئي  آھي ته ڪجهه هندستاني شهري روسي فوج سان ”سپورٽ جاب“ ڪري رهيا آهن.وزارت  موجب  انھن شھرين جي سلامتي سان واپسي جي لاءِ ماسڪو سان گڏ ڪم ڪري ڪيو پيو وڃي. روزاني هندو جي  ھڪ رپورٽ موجب روس جي يوڪرين خلاف جنگ جي فرنٽ لائين تي 18 ڀارتي شهري مختلف سرحدي شهرن ۾ ڦاٿل آهن.اخبار موجب، گهٽ ۾ گهٽ ٽن هندستاني شهرين کي روسي سپاهين سان گڏ وڙهڻ تي مجبور ڪيو ويو. پرڏيهي معاملن واري وزارت ان جي تصديق نه ڪئي آهي ته هندستاني شهرين روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار ۾ جنگي ڪردار ادا ڪيو آهي. پر وزارت پنھنجي بيان ۾ چيو ته  کين خبر آهي ته ڪجهه هندستاني شهرين روسي فوج ۾ مددگار طور نوڪريون ڪيون آهن.

بيان ۾ چيو ويو آھي تھ  هندستان سفارت خاني انھن جي جلد واپسي جي لاءِ روس جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري اھو معاملو پيش ڪيو آھي. شهرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اھي احتياط ڪن ۽ ان تڪرار کان پري رهن.   دي هندو جي رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته دبئي ۾ ڀرتي ڪندڙن هندستاني شهرين کي وڌيڪ معاوضي ۽ روسي پاسپورٽ آسرو ڏنو ھو.

رپورٽ موجب، ماسڪو پهچڻ تي انهن هندستانين کي مبينا طور تي "روسي فوج پاران هٿيار ۽ گولا بارود” سنڀالڻ جي تربيت ڏني ۽ جنوري ۾ فرنٽ لائنز تي موڪلي ڇڏيو. اخبار موجب، ڪجهه ھندستاني شهرين مبينھ طور ھن تڪرار ۾ يوڪريني فوج لاءِ رضاڪار طور خدمتون انجام ڏنيون.تي، هندستاني شهرين جو يوڪرين طرفان جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو ھي پھريون واقعو آھي.  انهن مان هڪ اخبار کي ٻڌايو ته گهر موٽڻ لاءِ  ڪئين ڀيرا درخواست ڏيڻ باوجود ماسڪو ۾ هندستاني سفارتخاني اسان جي ڳالھ تي ڌيان نھ ڏنو آھي.روس جي حملي ٻن سالن مڪمل ٿيڻ بعد يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي اعتراف ڪيو ته کين اڳين محاذن تي تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. آمريڪي فوجي امداد جي بندش، ھٿيارن جي کوٽ ۽ روس وٽ وڏي فوج ھئڻ ڪري يوڪرين جي پوزيشن ڪمزور ٿي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.