احتجاج ۽ ڌرڻا ڀلي ڪيو پر عوام جي رستا روڪ نه ڪريو

احتجاج ڪرڻ برابر هر سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن جو بنيادي حق آهي. پر اسان وٽ احتجاجن ۽ ڌرڻن سان جيڪي شاهراهون ۽ وڏا روڊ بلاڪ ڪري ”عوام“ لاءِ آزار ۽ تڪليف جو جيڪو اهتمام ڪيو ويندو آهي تنهن عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي قسم جي احتجاج جو سڌوسنئون اثر عام ماڻهوءَ تي پوندو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته اهڙي قسم جو احتجاج عوام خلاف ئي بڻجي ويندو آهي.

ڪنهن جي روز جي معمول ۾ خلل وجهڻ به ڏوهه آهي. پنهنجي تڪليف يا احتجاج سان ٻئي لوڪ کي تڪليف ۾ وجهڻ ڪنهن ريت به مناسب ناهي. اوهان ڀلي احتجاج ڪيو، ڌرڻا ڏيو، مظاهرا ڪيو پر ان جو ڪو مناسب طريقو ڳولهڻو پوندو  يا ان تي سوچڻو پوندو.اسان جي حڪومت ۽ سياسي توڙي مذهبي جماعتن کي سوچڻو پوندو ته ٻاهرين ملڪن اندر ڪيئن احتجاج ٿيندا آهن جنهن سان عام ماڻهن کي ڪا تڪليف ناهي رسندي، سندن رستا روڪ نه ڪري سگهبي آهي. اصل ۾ اتي احتجاج لاءِ مخصوص هنڌ مقرر هوندا آهن، خاص جڳهون رکيل هونديون آهن اتي شاهراهون ۽ روڊ بلاڪ نه ڪيا ويندا آهن ۽ نه ئي ماڻهن جي روز جي معمول ۾ ڪو خلل وڌو ويندو آهي. اسان وٽ به وڌ ۾ وڌ روڊن ۽ شاهراهن جي پاسن، فٽ پاٿن تي احتجاج ڪري سگهجي ٿو ڌرڻو ڏئي سگهجي ٿو. پر هتي عام تاثر اهو آهي ته روڊ ۽ شاهرائون بلاڪ ڪري عوام کي تڪليف ڏبي ته سندن مطالبا حل ڪيا ويندا. اهو ان عوام ڏانهن ظالماڻو رويو آهي جيڪو بي گناهه ۽ معصوم آهي. جن ماڻهن اوهان کي ڪا تڪليف نه ڏني آهي، اوهان جي مسئلن جو ذميوار ناهي تنهن کي احتجاج ۽ ڌرڻن جي شڪل ۾ تڪليف ڏيڻ جو به ڪنهن کي حق ناهي.

اسان اهو به ڏسندا آهيون ته اهڙي ماحول ۾ وري حڪمران، پوليس ذريعي احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، لٺ بازي ڪري، ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته فائرنگ ڪري ٻرندي تي ويتر تيل هاري ڇڏيندي آهي. ايئن اهي احتجاج وري وڳوڙن جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. مسئلو وري به ڳالهين سان ئي حل ٿيندو آهي پر تيستائين عام ماڻهن کي جيڪا تڪليف پهچندي آهي تنهن جو ناهي سوچيو ويندو، نه انهن کان تڪليف ڏيڻ جي معافي ورتي ويندي آهي.

اوهان جي احتجاجن ۽ ڌرڻن سان زندگي جي  هر شعبي سان سلهاڙيل عوام رلي ويندو آهي. هر ڪم بيهي ويندو آهي، ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيتن جي اجوري تي لت اچي ويندي آهي، ورڪنگ وومين کي خاص ڪري تمام گهڻي تڪليف ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيو عملو پهچي نه سگهندو آهي. جنهن ڪري مريضن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ايمبولنيس جي ۾ رستا روڪ ڪئي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مريض مريضاڻيون رستن ۾ حياتي وڃائي ويهندا آهن.

اهي سڀ اهنج ان عوام کي ڏنا ويندا آهن جنهن جي خدمت لاءِ سياسي جماعتون سياست ڪنديون آهن ۽ جن لاءِ حڪومتون اقتدار ۾ هونديون آهن ته پوءِ ڇو نه ٻئي ڌريون يعني حڪومت ۽ سياسي جماعتون ٻاهرين ملڪن جيان احتجاجن لاءِ مخصوص هنڌ مقرر ڪرڻ تي ڳالهائين. ان لاءِ پارليامينٽ اندر پڻ قانون سازي ڪري سگهجي ٿي، جيڪا نئين جڙندڙ حڪومت کي ترت ئي ڪرڻ گهرجي. نئين حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڪري ۽ ان ۾ موجود سڀني سياسي جماعتن جي تجويزن تحت گڏيل اتفاق سان ڪو رستو ڪڍي به ڪرائي سگهجي ٿي ته اهو ان جو يادگار ڪم سمجهيو ويندو.

اسانجا حڪمران، وزير ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ پرڏيهي ملڪن جي دورن تي ويندا رهندا آهن، انهن کي انهن دوران دوران ٻيون به شيون ڏسڻ گهرجن ته اتي ملڪي نظام ڪيئن ٿو هلي اتان جون سياسي جماعتون ڪيئن احتجاج ڪنديون آهن ته اهو طريقو هتي لاڳو ڪرڻ جو به تجربو ڪري سگهجي ٿو. اهو به ڏسڻ گهرجي ته يورپي ملڪن ۾ احتجاجن جا اهي اصول ۽ طريقا ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن طئي ڪيا ويا آهن. انهن احتجاجن جو اتان جون حڪومتون ڪيئن نوٽيس وٺنديون آهن ۽ احتجاج ڪندڙن جا مسئلا ڪيئن حل ٿي ويندا آهن. انهيءَ سسٽم کي هتي به لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر ان لاءِ سڀ کان اڳ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ گهرجي جنهن ۾ ان ايجنڊا تحت سياسي جماعتن کان سفارشون به وٺجن ۽کين اعتماد ۾ پڻ آڻجي. آل پاريز ڪانفرنس جي نتيجي ۾ پوءِ پارليامينٽ اندر قانون سازي ڪرڻ سولي ٿي ويندي.

بهرحال ان اشوءَ کي ايڊريس ڪرڻو پوندو، اهو خالص عوامي مسئلو آهي ۽ گڏوگڏ معاشي وهنوار جو به معاملو آهي. ان کان به وڌيڪ ته عوام جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن تي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ جو آزار آهي. ان معاملي تي حڪومت ۽ سياسي جماعتون چاهين ته عوام کان ريفرنڊم ذريعي به راءِ وٺي سگهن ٿيون ته شاهراهن  ۽ روڊن کي احتجاج طور بلاڪ ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو، اهو طريقو صحيح آهي يا غلط؟ اسان کي اميد آهي ته سئو سيڪڙو ئي جواب اهڙن احتجاجن جي مخالفت ۾ ايندو پر الائي ڇو اسان جي سياسي جماعتن کي ان شئي جو ڪو احساس ئي ناهي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.