اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ جي ايم اين اي مبين عارف جٽ چيو آهي ته بلاول ڀٽو کي به ڪڏهن ڪڏهن پاپولر پوليٽيڪس جو خيال ايندو آهي ڇو ته بينظير ڀٽو جو ان ۾ خون شامل آهي،پر گڏ کي زرداري صاحب چئي ڇڏيندو اٿس ته ”هوش ڪر تون منهنجو پٽ ٿي“قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجي ناني جي آئين جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪڏهن 26هين ترميم ته ڪڏهن 27 هين ترميم ته ڪڏهن 28هين ترميم ۾ مڪاني نظام جو لالي پاپ ملي ويندو آهي،ايم ڪيو ايم وارئو! مينڊيٽ جعلي هجي ته لالي پاپ ئي ملندو آهي،ڪٿي آهي اوهان جي مڪاني نظام کي تحفظ؟