قيدي نمبر 804 ۽ اسان جو مستقبل

تحرير؛ محمد حنيف

 

هڪ 18 سالن جي نوجوان سان مليس. هن پنهنجو ووٽ  پاڻ رجسٽر ڪرايو، هڪ واٽس ايپ گروپ به ٺاهيو، ووٽ ڏيڻ کان اڳ گهرن جي بزرگن سان صلاح نه ڪئي، برادري جي اميدوار کي پڇيو بھ ڪونه. ووٽ ڏيڻ کان پوءِ پولنگ اسٽيشن تي موجود رھيو فارم 45 جون تصويرون ڪڍيون ۽ پنهنجي گروپ ۾ شيئر بھ ڪيون.اوهان سمجهي ويا هوندا ته، هن ووٽ ڪهڙي پارٽيءَ کي ڏنو آھي ۽ اهو به ٻڌايائين  ته هن پنهنجي قيدي ليڊر کي ووٽ نه ڏنو، مون تھ نظام خلاف ووٽ ڏنو آھي.

سندس جوش ڏسي مون کي اهو چوڻ جي همت نه ٿي ته پٽ، جيڪڏهن تنهنجي ووٽ سان نظام بدلجي سگهي ھا ته اهو نظام توکي ووٽ وجھڻ جي اجازت ئي ڇو ڏئي ھا.  10 سالن جي ھڪ ٻار به ٽي وي تي اليڪشن جي رونق ڏٺي ۽ پڇيو ته ڪير کٽيو؟ ٻڌايو ويو ته کٽندڙ تھ جيل ۾ آهي. هن پڇيو تھ  ڇا هڪ قيدي به وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو ۽ ڇا پوءِ هو وزيراعظم بڻجي پنھنجي قيد ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو؟

مون  اھا ڳالھھ اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ ڏانهن موڙي ڇڏي ۽ چيو ته ٿي سگھي ٿو تھ هو جيل مان ئي اليڪشن وڙھي  سگهي ۽ جيڪڏهن هو کٽي وڃي ته يا ته جيل کي وائيٽ هائوس بڻائي ڇڏي يا  قانون استعمال ڪري جيل مان وائٽ ھائوس پھچي وڃي.

هڪ 10 سالن جي ٻار کي اهو سمجهائڻ  ڏکيو آهي ته اسان وٽ جيل ۾ وقت گذارڻ وزير اعظم جي لاءِ تقريبن هڪ قابليت آهي. اسان جي زندگيءَ ۾ ڪو ھڪ اڌ وزيراعظم هوندو جنهن جيل نه ڪاٽي ھجي. ڪن کي تھ جيل  ۾ وجھي وزيراعظم بڻايو ويو ۽ ڪن کي وزير اعظم بڻائي بعد ۾ جيل ۾ وڌو ويندو آھي.

اسان جي اڳوڻي ۽ مستقبل جي صدر آصف زرداري صاحب گھڻو ڪري موجوده سياستدانن ۾ سڀني کان گهڻو وقت جيل ۾ گذاريو آهي. هن عمران خان کي مشورو ڏنو ھو ته، جيل زندگي جي يونيورسٽي آهي. اميد آهي ته خان صاحب اتان ڪجهه سکي نڪرندو.

نواز شريف به ڪيترا ئي جيل ياترائون ڪيون آهن، بلڪھ هو پاڪستان جو واحد سياستدان آهي، جيڪو سزا کاڌل قيدي بھ رھي چڪو آھي. معافي ورتل بھ ۽ وري مفرور قيدي بھ رھيو آهي. اليڪشن کان اڳ هن جي ھڪ تقرير ٻڌي، جنهن ۾ هن گذريل صديءَ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جو ذڪر ڪري رهيو هو. موٽر وي، ائٽم بم… شايد هن جيل ۾ رھي ڪري زندگي جي يونيورسٽي مان اھو به نه سکيو ته، ھو جنھن زماني جي ڳالھھ ڪري ٿو،ان وقت پاڪستان جي اڌ آبادي اڃا پيدا ئي نھ ٿي ھئي.

ٻئي طرف، مقتدرا  9 مئي جي واقعن کي سانحو بڻائي پيش ڪري رهي آھي.ھاڻي بھ ڪجهه ماڻهن کي  ھڪلي،ڪور ڪمانڊر جي گهر (جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي) جي زيارت ڪرائي وڃي ٿي ۽ اھي بھ چون ٿا تھ ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي.بار بار اھو بھ ٻڌايو ويو  ته 9 مئي پاڪستان جو نائن اليون آهي ۽ ان کانپوءِ اسان اهو ئي ڪنداسين جيڪو آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڪيو. هن ڪهاڻيءَ ۾ صرف ايترو  جھول آهي ته 18 ۽ 10 سالن جي نوجوانن کي 9/11 ايترو ئي ياد آهي جيترو نواز شريف جا موٽر وي ۽ اسان جو ايٽم بم.

اسان جي مقتدرا ۽ سياستدانن سڀني کي معيشت جي ڳڻتي آهي. جڏهن کان مقتدرا معين قريشي ۽ شوڪت عزيز جهڙا وزيراعظم ڳوليا آھن. تڏهن کان وزيراعظم ۽ سندس ناڻي وارو وزير اعظم  مقتدرا جا منشي بڻجندا آهن. سوٽ شوٽ پائي ڪري دنيا ۾ وڃو، ڪجهه قرض اڳتي وڌايو، ڪجهه آڻي ڏيو.

هاڻي وزير اعظم جي نوڪري ننڍپڻ ۾ ٻڌل لطيفي جھڙي ٿي وئي آھي.نوڪري توهان جي پڪي. ڪم رڳو اھو آھي، ته داتا  درٻار  وڃو، پاڻ لنگر کائو ۽ اسان لاءِ بھ آڻي ڏيو.

نگرانن کي خدا حافظ،نون نگھبانن کي ڀليڪار. اھو ياد رکجو ته جيڪڏهن 18 سالن جو ٻار توهان کي حيران ڪري سگهي ٿو تھ جڏهن ڏهن سالن جو ٻار 18 سالن جو ٿيندو  ته ،ٿي سگھي ٿو تھ هن کي پنهنجي سوال جو جواب ملي وڃي ۽ قيدي نمبر 804 تڏھن بھ  جيل مان ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيو ھجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.