پهريون هيءَ ڪرب ناڪ ۽ دل کي جهوريندڙ پوسٽ پڙهو جيڪا ڪالهه فيس بڪ تي رکيل هئي.

”منھنجي بابا کي رات جو 3 بجي دل جو دورو پيو ھو پر اسپتال ۾ صرف ھڪ ليڊي ڊاڪٽر موجود ھئي جيڪا پاڻ رڙيون ڪري چئي پئي ته مان ھڪ موجود آھيان ٻيا ڊاڪٽر ستا پيا آھن. آءُ ڪنھن ڪنھن کي ڏسان، جونيئر نرس اسٽاف جي لاپرواھي سبب علاج صبح جو 8 بجي شروع ٿيو ھو، جڏھن بابا کي اسپتال آندو ويو ته بابا کلي ڳالھائي، گھمي پيو بلڪل نارمل ھو ٿورو سور ھيس، پر اسپتال وارن نه بابا جو شگر چيڪ ڪيو نه بلڊ پريشر ھڪ انجيڪشن لڳائي وئي، جنھن بعد بابا کي وات مان رت ۽ مٿو چڪرائڻ لڳو ۽ تمام گھڻو پگھر اچڻ لڳو ته اسٽاف کي رڙ ڪري چيوسين بلڊ پريشر شگر چيڪ ڪريو، پوءِ شگر بلڊ پريشر چيڪ ڪيو ته ترت وري ٻي انجيڪشن لڳائي وئي، جنھن بعد بابا جي طبعيت بگڙجي وئي ۽ وينٽي ليٽر تي نيو ويو جنھن جي 20 منٽن کانپوءِ وارثن کي فوتگي جو اطلاع ڏنو  ويو.

سوال اھو آھي ته دل جي اسپتال جنھن ۾ 24  ڪلاڪ ايمرجنسي رھي ٿي جنھن ۾ غلطي جي ڪابه گنجائش نه آھي ان پوري اسپتال ۾ صرف ھڪ ليڊي ڊاڪٽر جي موجودگي ڪافي آھي ؟ سوال ڇا 3 وڳي آيل مريض جو علاج صبح جو 8 بجي يعني 4 ڪلاڪن بعد شروع ڪرڻ کي انساني جان سان کيڏڻ نه سمجھو وڃي ؟

منھنجو بابا فاني دنيا مان وڃي چڪو آھي جيڪو ڪڏھن واپس ورڻو نه آھي فيملي جنھن تڪليف مان گذري پئي تنھن جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگھجي پر اسپتالن اندر لکين زندگين سان ڊاڪٽرز مافيا کيڏي رھيا آھن جنھن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.“

اهڙي قسم جو ظلم ۽ ناحق هر ان مريض، مريضا ۽ ان جي وارثن اسن اسان جي اسپتالن اندر معمول موجب ٿيندو رهيو آهي جنهن ڪري ئي انهن کي ڪوس گهر چيو ويندو آهي. اها بهرحال چڱي ڳالهه آهي ته جيئن ڪن قتلن، جهيڙن فسادن چورين اغوائن وغيره جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي. تيئن اهڙن، ظلمن جي پڻ فيس بڪ تي نشاندهي ٿيڻ لڳي آهي. اها نشاندهي به هڪ  قسم جي ايف آءِ آر ئي آهي. ان نوعيت جو هڪ واقعو هي به آهي ته ڪراچي جي هڪ وڏي اسپتال ۾ هڪ مريضياڻي پاڻ گهمندي ڳالهائيندي پتي جو آپريشن ڪرائڻ آئي. ڊاڪٽر کي هڪ هفتو اڳ بريف ڪيو ويو هو ته مسمات دل ۽ شگر جي به پراڻي مريض کيس هڪ ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. صبح اٺين وڳي کان شام 6 وڳي تائين کيس آپريشن ٿيٽر ۾ انتظار ڪرايو ويو، 8 وڳي جڏهن کيس آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر ڪڍيو ويو ته نڪرندي ئي هن دانهن ڪئي ته کاٻي پاسي  ۾ مونکي سور ٿي رهيو آهي. جواب مليو ته ايئن ٿيندو آهي. آهستي آهستي ختم ٿيندو جڏهن ته اهو سور آهستي آهستي ختم ٿيڻ بدران لاڳيتو وڌي ئي رهيو هو پر مجال جو اسٽاف اٽينڊنٽ ۽ مريضاڻي جي دانهن جو نوٽِس وٺي، نيٺ اها مريضاڻي جيڪا پتي جي آپريشن لاءِ پاڻ گهمندي ڦرندي آئي هئي سا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي موجودگي ۾ گذاري وئي.

اهڙا اڻ ڳڻيا حادثا ۽ واقعا روز اسپتالن ۾ ٿين ٿا پر حيرت آهي ته ايترين شڪايتن ۽ دانهن باوجود ڪو سڌارو نٿو اچي. اڳي رڳو ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي ننڍين اسپتالن ۾ اهڙا ڪلور ٿيندا هيا پر هاڻي وڏن شهرن جون وڏيون اسپتالون به ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي اسپتالن جهڙيون ٿي ويون آهن. بجاءِ ان جي ته ننڍن شهرن ڳوٺن جون اسپتالون به علاج ۾ ترقي ڪري وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن جهڙيون ٿين لڳن هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. وڏن شهرن جي اسپتالن جون عمارتون اوهان کي عاليشان نظر اينديون، سمارٽ يونيفارم ۾ عملو ملندو، ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم تي انتظامي ڪم ٿيندي نظر ايندا پر علاج ۾ ڪا ترقي ٿيندي نظر نٿي اچي. علاج ننڍين اسپتالن جي معياري جو ٿي رهيو آهي.

مٿي رکيل فيس بڪ واري پوسٽ به حيدرآباد جي هڪ وڏي دل جي اسپتال جي آهي، جتي ايمرجنسي ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽرياڻي هئڻ ڪري بروقت علاج نه ٿي سگهيو ۽ هڪ خاندان مٿان اسپتال جي غفلت وگهي قيامت برپا ٿي وئي. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته رات جو چويهه ڪلاڪ کليل اسپتال ۾ ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن سميت عملو ڇو گهٽ مقرر ٿيل هوندو آهي. اسان جي ملڪ اندر ڪيڏي نه بيروزگاري آهي. ان کي ڏسندي ڇو نه ٿو ميڊيڪل جو عملو روزگار سان لڳايو وڃي. اسان وٽ بيروزگاري جي فوج موجود آهي. ميڊيڪل جون ڊگريون وٺي ڪيترائي ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون، نرسيون رلي رهيون آهن ۽ هيڏانهن اسپتالن جي حالت اها آهي ته اسٽاف ئي مڪمل نٿو ملي.

سو صحت کاتي کي انهن دانهن ۽ ڪوڪن جو نوٽيس وٺي اسپتالن جو نظام بهتر ڪرڻ گهرجي. ان تي ٻي ڪا راءِ ئي ناهي  جنهن جي جيڪا وزارت آهي ان کي ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪي به علاج ۾ ڪوتاهيون آهن ۽ جيڪا به انتظامي کوٽ آهي تنهن کي پورو ڪرڻ صحت کاتي جو ڪم آهي. خاص ڪري رات جي وقت ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن جو انگ وڌايو وڃي. جيئن ايمرجنسي  ۾ آيل مريضن جو بروقت علاج ٿي سگهي. اهو سڀ ڪرڻ صحت کاتي جي پهرين ذميواري آهي. ان کاتي کي فنڊ ان لاءِ ئي ملندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته يا اهو ٻيو سوال آهي ته اهي فنڊ درست نموني استعمال ٿين ٿا يا نه. جيڪڏهن صحت جي بجيٽ گهٽ آهي ته هر سال پيش ٿيندڙ مالي بجيٽ ۾ ان جي واڌاري لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ادارا ۽ هي وزارتون  سڀ عوام لاءِ اهن، عوام جي خدمت لاءِ آهن تنهن ڪري عوام جي خدمت واري پاسي ڏانهن اسان جي ادارن جو جيڪو ڌيان هئڻ گهرجي سو بنهه ناهي.

اسپتالن ۽ اتان جي عملي جي حوالي سان ٻي وڏي شڪايت سندن انتهائي ڪڌي، ظالماڻي ۽ غير انساني رويي بابت هوندي آهي ته اسپتالن جو عملو ساڻن منهن ڏئي ڳالهائيندو به ناهي جڏهن ته پيسا ڏئي علاج ڪرايو ويندو آهي، مفت ۾ ناهي ڪيو ويندو جو فقيرن وانگر مريضن ۽ انهن جي وارثن کي ڇڙٻون ڏنيون وڃن. ٿيڻ ته ايئن به گهرجي ته جيئن طب جو علم پڙهايو ويندو آهي تيئن ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين، نرسن ۽ اسپتالن جي باقي عملي کي مريضن ۽ ان جي وارثن سان اخلاق سان ڳالهائڻ جي به سکيا ڏني وڃي، اهڙي سکيا جا ڪورس ڪرايا وڃن ۽ ان قسم جي سرٽيفڪيٽ مليل، ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين، نرسن يا ڪنهن ٻئي عملي کي اسپتالن اندر مقرر ڪيو وڃي.

هاڻي جڏهن چونڊن ٿيڻ کان پوءِ نئين سر حڪومتون جڙڻ جو وقت اچي ويو آهي ته اهو ڪيڏو نه سونهري موقعو هوندو ته صحت جي نظام کي نئين سر بهتر ڪرڻ لاءِ صحت جي وزارت ڪنهن اهڙي شخص کي ڏني وڃي جنهن وٽ صحت جي بهتري لاءِ ڪو پروگرام هجي ۽ انجي ڏنل پروگرام يا منشور کي ڏسي کيس صحت جو وزير چونڊيو وڃي ڇاڪاڻ ته هيءُ شعبو سڌوسنئون عوام جي جان سان سلهاريل آهي، حياتين جو مسئلو آهي ان ڪري صحت جي معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.