ڪراچي جي مختلف علائقن ۾فائرنگ، چار ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. سائيٽ بي ٿاڻي جي علائقي پراچا چوڪ شير شاھ  ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾عابد ولد غلام حسين ۽ باچا خان ولد شاھ زمين زخمي ٿي پيا آهن. بلوچ ڪالوني  ٿاڻي جي علائقي گولڊ اپارٽمينٽ منظور ڪالوني ڀرسان اتفاقي گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ سيڪورٽي گارڊ صفيان ولد صالح زخمي ٿيو. سپر ھاءِ وي احسن آباد چوڪ جي ڀرسان فائرنگ ۾ محمد فياض ولد غلام شبير زخمي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.