ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ پوليس مقابلن ۾ ھڪ ڦورو مارجي ويو, جڏهن ته 6 زخمي جوابدارن سميت 8 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتا. سچل ٿاڻي جي پوليس مطابق سپر ھاءِ وي تي جمالي پل جي ڀرسان سميرا چوڪ ڀرسان پوليس مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار فيض الله مارجي ويو ۽ سندس ساٿي عظمت الله ولد نظير محمد کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري 2 پستول ھٿ ڪري ورتا. ڪورنگي صنعتي ايريا ٿاڻي جي پوليس موجب ڪورنگي ڪراسنگ الله والا ٽائون جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار ادب حسين ولد غلام حسين کي ساٿي جوابدار عبدالرسول کي گرفتار ڪري پستول ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون. گلبرگ ٿاڻي جي پوليس موجب ايف بي ايريا بلاڪ 5 ڀرسان پوليس جي مقابلي ۾ 2 جوابدار دانش ولد نديم ۽ ذيشان ولد نور نبي کي گرفتار ڪري پستول ۽ گوليون موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. نيوڪراچي صنعتي ايريا ٿاڻي جي پوليس مطابق نيو ڪراچي جي لاسي ڳوٺ لياري ندي ڀرسان سيڪٽر 12 ڊي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار گلفام عرف گلو ولد سبز علي خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. سائٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي پوليس موجب مين سپر ھاءِ وي تي نيو سبز منڊي ڀرسان پوليس مقابلي جي دوران پوليس جوابي فائرنگ ۾جوابدار محب الله ولد عبدالقيوم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون.