لاهور (م ڊ) تجزئي نگارن چيو آهي ته ن ليگ حڪومت ٺاھڻ کان پوئتي ھٽي تهمارشل لا لڳڻ جا امڪان وڌي ويندا. ملڪ ۾ چونڊن کان پندرنھن ڏينھن پھريان انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، جنھن تي ڪنھن سبب عمل درآمد نه ٿي سگھيو ھو. ھاڻ به ايڪس (ٽويٽر) تي اڻ اعلانيل پابندي آھي، جنھن کي ڪجھه وقت بند ته ڪجھه وقت ھلڻ ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏھن ڪو شخص عدالت ۾ شڪايت کڻي وڃي ته اسان اتي اھو موقف اختيار ڪنداسين ته انٽرنيٽ جو مسئلو آھي. امداد سومري پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته طاقتور ڌر ايڪس يوٽيوب ۽ فيس بڪ تي پڻ پابندي مڙھڻ چاھي ٿي پر اھا ان ڪري پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب نه پئي ٿئي جو ان عمل سان ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف سميت ٻيا ادارا ۽ ملڪ قرض ڏين بند ڪري ڇڏيندا. ھن اھو به چيو ته بنگلاديش ۽ ترڪي جي طرز تي پاڪستان ۾ حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش کان پوءِ ھاڻ چين جھڙي آمريت لاڳو ڪرڻ لاءِ ويچار ڪيو پيو وڃي، پروجيڪٽ عمران خان پڻ ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي ھئي، اھو ئي سبب آھي جو عمران خان ڪڏھن سعودي عرب ڪڏھن ايران ۽ ڪڏھن چين جھڙي نظام جون ڳالھيون ڪندو رھيو. سينئير صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو آھي ته جيڪڏھن نواز ليگ حڪومت ٺاھڻ کان پوئتي ھٽي وئي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جا امڪان وڌي ويندا. پاڪستان پيپلز پارٽي نواز ليگ جا سمورا فارمولا رد ڪري ڇڏيا آھن ۽ اھا ڪابينا جو حصو بڻجڻ جي بدران رڳو آئيني عھدا وٺندي ۽ نواز ليگ جي وزارت اعظمي جي اميدوار کي ووٽ ڪندي. ھن چيو ته جيڪڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي صدارت سينيٽ چيئرمين ۽ اسيپيڪرشپ حاصل ڪري ورتي ته مٿس اھا ذميواري اچي ويندي ته حڪومت پنھنجو مدو پوري ڪري.سياستدانن کي اھو سمجھڻ گھرجي ته گڏجي ڪم ڪرڻ جو ھيءَ آخري موقعو آھي، ان کان پوءِ سڀئي رستا جي ايڇ ڪيو ڏانھن ويندا ۽ اتان ئي نڪرندا.