ٺٽو / ساڪرو(پ ر+نمائندا)سنڌ جي ورهاڱي، جلالپور ڪئنال سميت سنڌ دشمن منصوبن ميرپور ساڪرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن سميت عورتن پوليس چوڪي کان محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ساڪرو پھتو جتي جلسي عام ڪيو ويو. محبت سنڌ پيادل مارچ ۾ ڪيو اي ٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، اشرف پليجو مرتضي لاشاري، ممتاز شيخ ،شوڪت تنيو، فرحان لاڙ ،حبيب الله پليجو، پنھل سولنگي، ياسر جاکرو، اعجاز پليجو ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي، مھري ڀٽي، شھربانو راھوجو شھرين، واپارين شرڪت ڪئي ساڪرو پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. ٿا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته آئون سنڌ جو چوڪيدار آھيان ڳوٺ ڳوٺ شھر شھر وڃي سنڌ جي ماڻھن کي جاڳائڻ ۽ حق وٺڻ لاءِ حوصلو ڏيڻ منهنجي زندگي جو مقصد آھي.سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، ڪئنالن جي منصوبن ۽ تجويز ڪيل 28 هين آئيني ترميم کي رد ڪريون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو ته عالمي سامراجي طاقتن جون نظرون نون صوبن سان گڏ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي آهن. اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا ۾ ساحلي پٽي وارا علائقا خوشحال ھوندا آھن پر اسان وٽ ساحلي ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين بدترين غربت جو شڪار آھن. سڀ کان وڌيڪ منشيات ھنن ضلعن ۾ آھي. ڪينسر خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آھي. درياھ جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن. ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته ٺٽو کي ميڊيڪل، انجنيئرنگ، آئي ٽي، زرعي ۽ آرٽس يونيورسٽي ڏني وڃي، اعلي تعليم لاءِ لائبريريون ٺاھيون وڃن. درياھ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪري ڊيلٽا کي بچايو وڃي، ڪيٽي بندر بحال ڪيو وڃي،هن چيو ته منشيات جو ڪاروبار بند ڪري ملوث ماڻھو گرفتار ڪري نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن. ٺٽي، بدين ۽ سجاول جا ماڻهو غربت، منشيات ۽ بيروزگاري سبب تباهه ٿي چڪا آهن. هن چيو ته سامونڊي حدون ۽ درياھ هجڻ باوجود ٺٽي ضلعي کي برباد ڪيو ويو آهي. سنڌ جا عوام پنهنجن تاريخي، آئيني ۽ جمهوري حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندا. وفاقي وزيرن جا بيان وفاقي يونٽن جي وچ ۾ اعتماد کي نقصان پهچائين ٿاهن چيو ته سنڌ ۾ نه پاڻي آهي، نه روزگار، نه صحت، نه امن امان. وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته هو سڀني صوبن کي برابر آئيني ۽ سياسي احترام ڏئي،هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جو هر منصوبو ناقابل قبول آهي. سنڌ هڪ تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي وحدت آهي. لساني، انتظامي يا سياسي بنيادن تي سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش قومي يڪجهتي جي خلاف آهي. سنڌ جا عوام هر سازش جو ڀرپور، پرامن ۽ جمهوري مزاحمت ذريعي مقابلو ڪندا. هن چيو ته سنڌ سخت آبي کوٽ، زرعي تباهي ۽ انڊس ڊيلٽا جي بربادي جو شڪار آهي. 28 هين آئيني ترميم جيڪڏهن صوبائي خودمختياري، وفاقي توازن يا آئين جي بنيادي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي ته مخالفت ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته ارڙهين آئيني ترميم ذريعي حاصل ڪيل صوبائي اختيارن تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. وفاق فوري طور تي سنڌ خلاف سمورا تڪراري منصوبا ۽ قدم واپس وٺي، آئين، جمهوريت ۽ وفاقي اصولن جي پاسداري ڪري، سنڌ ۽ پاڪستان جا نوجوان ميرٽ، روزگار، ترقي ۽ امن چاهين ٿا،هن چيو ته پاڪستان اسان ٺاهيو، اسان ئي ان جي حفاظت ڪنداسين. سنڌ جا عوام پنهنجي پاڻي، وسيلن، زمين ۽ آئيني حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا. هن چيو ته آئون حڪمرانن کي گذارش ٿو ڪريان ته سنڌ جي وحدت ۽ ساحلي پٽي سان ھٿ چراند نه ڪريو نقصان کڻندو. اڳئين توهان جي بيوقوفي جي ڪري نقصان ٿيو آهي پاڪستان جا 25 ڪرڙو ماڻهو تفرقو ، ٽڪراءُ، ويراني، بربادي ۽ تباھي نٿا چاهين. پر پاڪستان جا حڪمران شايد عالمي طاقتن جي ھدايتن تي پاڪستان ۾ تفرقو، ٽوڙ ڦوڙ ۽ ٽڪراءَ چاھين ٿا انهن کي 25 ڪرڙو پاڪستاني سميت 8 ڪروڙ سنڌي شڪست ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو ته متان غلط فھمي رھو سنڌ ٽوڙڻ ڏينداسين ڪنھن کي به اھا غلط فهمي ھجي اھا ڪراچي جي دهشتگردي ٽولي کي يا انھن کي نفيس ماڻهو قرار ڏيندڙ اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن کي ھجي سنڌ کان مٿي ڪا به شيء ڪانھي سنڌ جو سڏ ٿيندو سڀ ميدان تي ھونداسين.سنڌ جو مسڪين ماڻهو، ھاري، مزدور، آبادگار، شاگرد، ٻار، نوجوان، عورتون اھي ميدان ۾ پير کوڙي بيٺا آھن سڀ ڪجهھ قربان ڪري به سنڌ جو تحفظ ڪندا ۽ هر سازش کي ناڪام بڻائيندا. اياز لطيف پليجي چيو ته ٻيو اھم اشو آهي سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو پاڻي ۽ وسيلن کانسواءِ بنجر زمين ٿي ويندي جياپو ھليو ويندو. تنهن ڪري سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا بچائڻ اوترائي اھم آھن جيتري سنڌ جي وحدت بچائڻ ضروري آهي سنڌ جي ماڻهن کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو سامراج جا دلال سنڌ ۾ افراتفري ڦهلائي بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير جهڙو ماحول پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ پنهنجي تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي سنڌ ڪرپشن، غربت، بدامني لاقانونيت، منشيات، قبيلائيت دھشتگردي، ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ ۾ بادشاھت وارو قانون آهي سنڌ کي گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيو ويو آهي ايندڙ وقت سنڌي ماڻهن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڏکيو ايندو. تنھن ڪري سنڌي ماڻھن کي ڪرپٽ حڪمرانن مان اميد ڪرڻ بدران سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل اڻٿڪ طويل جدوجهد جاري رکڻي آهي پرامن جدوجهد ذريعي ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران طاقت جي نشي ۾ ملڪ کي بحرانن ۽ انارڪي جي دلدل ۾ وجھي رھيا آھن. مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڪري ماڻھو عوام سخت پريشان آھي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ روزانو اضافو جي ڪري پاڪستان جي 25 ڪرڙو عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا.ملڪ جو عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪن