ايران پنهنجي ميزائلن جي رينج ۾ واڌ ڪندو: برگيڊيئر جنرل محمد اڪرامينيا

ايراني فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل محمد اڪرامينيا چيو آهي ته ايران پنهنجي ميزائلن جي پهچ وڌائيندو.

ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪي فوجون ايراني سامونڊي ڪناري کان هڪ هزار ڪلوميٽرن تائين جي فاصلي تي موجود آهن، ان ڪري ميزائلن جي پهچ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آمريڪا سان جنگ دوران ئي ميزائلن جي پهچ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ايران ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪري چڪو آهي.

You might also like