آمريڪا سمجهي ته هڪ ڌُريا مطالبا مڙهڻ وارو دور ختم ٿي ويو آهي: باقر قاليباف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا سمجهي وٺي ته معاملي کي ڊگهو ڪرڻ ۽ هڪ طرفا شرط مڙهڻ وارو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.

هڪ بيان ۾ باقر قاليباف چيو ته ايران جا شرط پورا ٿيڻ تائين آبناءِ هرمز نه کوليو ويندو.

هن چيو ته ايران جو موقف مڪمل طور واضح ۽ مضبوط آهي، آمريڪا جيستائين اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ايران جا 7 شرط پورا نه ڪندو، تيستائين آبناءِ هرمز بند رهندو.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو ته آمريڪا ميڊيا تي ڪجهه ٻيو چوي ٿو، جڏهن ته وچولي ڌر ذريعي تجويزون پڻ موڪليون آهن. ايران پنهنجي قومي سلامتي بابت موقف آمريڪي عملدارن جي بيانن جي بنياد تي طئي نٿو ڪري.

You might also like