پي ٽي آءِ جو مارچ لڪي مروت کان ڪِرڪ پهچي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڄ کان شروع ٿيل ڊگهو مارچ لڪي مروت کان ڪرڪ پهچي ويو.

ان کان اڳ سهيل آفريدي هيليڪاپٽر ذريعي پشاور کان لڪي مروت پهتو، جتي ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته بند ڪمرن ۾ ٺهندڙ اهڙي پاليسي، جيڪا خيبرپختونخوا جي مفاد ۾ نه هوندي، اها قبول نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران امن هو، جڏهن ته موجوده وفاقي حڪومت جي پاليسي سان دهشتگردي ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ وڌي آهي.

سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته هو جيڪا پاليسي پيش ڪري رهيا آهن، ان تي عمل سان 100 ڏينهن اندر امن قائم ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته سڀاڻي ڪرڪ کان روانا ٿيندا ۽ هر ڏينهن جو منصوبو جاري ڪندا.

You might also like