ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ لڪي مروت کان شروع

پشاور(عوامي آواز نيوز)ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ گنڊي چوڪ، لڪي مروت کان شروع ٿي ويو.جنيد اڪبر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ وڏي وزير سهيل آفريدي سان گڏ آهن.سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته 8 آڪٽوبر تي خيرآباد پهچي اڳتي جو لائحه عمل ٻڌايو ويندو،جڏهن ته اڳوڻو وڏو وزير علي امين گنڊاپور يارڪ ٽول پلازا تان قافلي سميت واپس پنهنجي رهائشگاهه پهچي ويو.علي امين گنڊاپور کي لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ گنڊي چوڪ پهچڻو هو، پر يارڪ ٽول پلازا کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو هو، جنهن سبب هو واپس هليو ويو.هن چيو ته اسان قانون کي هٿ ۾ نه کڻنداسين.هوڏانهن وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي ڳالهين واري ڪميٽي ڏانهن موڪليل مسودو جاري ڪندي چيو آهي ته ڊرافٽ ۾ ڪو به غير آئيني يا غير قانوني مطالبو شامل نه هو.سهيل آفريدي موجب مسودي ۾ سياسي استحڪام، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جي تسلسل تي اتفاق ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.مسودي ۾ وزيراعظم ۽ ٻنهي ايوانن جي اپوزيشن اڳواڻن وچ ۾ باقاعده ملاقات جو انتظام ڪرڻ ۽ ملاقات دوران اهم سياسي، قومي، آئيني، قانوني ۽ جمهوري معاملن سميت التوا هيٺ معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ جي تجويز ڏني وئي آهي.وڏي وزير خيبرپختونخوا چيو ته وزيراعظم حڪومتي اتحاد، پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جماعتن تي ٻڌل گڏيل ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي، جڏهن ته سياسي ۽ قومي معاملن کي گڏيل مشاورت ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.هن چيو ته مسودي ۾ جيل مينوئل ۽ لاڳو قانونن موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي قانوني، انساني ۽ طبي حق فراهم ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. ملاقاتون قانون ۽ جيل جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪرائڻ ۽ ملاقات جي سهولت کي سياسي يا ٻين مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.سهيل آفريدي موجب عورتن، بزرگن ۽ بيمار قيدين جي ڪيسن ۾ غير ضروري دير ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته ياسمين راشد، بشريٰ بي بي سميت سياسي قيدين عورتن کي انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪيو وڃي.هن چيو ته مسودي ۾ سياسي ڳالهين واري ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر قابلِ عمل سفارشون پيش ڪرڻ، جمهوريت، سياست، عدليه ۽ صحافت جي آزادي کي مڪمل طور يقيني بڻائڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن.وڏي وزير خيبرپختونخوا چيو ته وفاق طرفان لکيل ضمانت ملڻ تي پي ٽي آءِ موجوده لانگ مارچ منسوخ ڪري ڇڏيندي.ان کان اڳ وڏي وزير سهيل آفريدي چيو هو ته وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل مطالبن مان ڪوبه مطالبو ’غير آئيني يا غير قانوني‘ ناهي.هن الزام لڳايو ته ’اسان کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو پيو وڃي ۽ رياست اسان سان سوتيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي.‘سهيل آفريدي ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ’اهي پي ٽي آءِ جا مطالبا هئا، آهن ۽ رهندا.‘هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام، آئين ۽ قانون جي بالادستي، جمهوري عمل جي تسلسل ۽ امن امان جي قيام لاءِ وفاقي حڪومت آڏو ست مطالبا به پيش ڪيا.پي ٽي آءِ پاران وفاقي حڪومت آڏو پيش ڪيل ست مطالبن ۾  وزيراعظم ۽ ٻنهي ايوانن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ باقاعده ملاقاتون ڪرايون وڃن، جن ۾ اهم سياسي، قومي، آئيني ۽ قانوني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ۽ ٻن مهينن اندر اثرائتي اڳڀرائي يقيني بڻائي وڃي.ٻيو حڪومت، پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سياسي معاملن ۽ اختلافن تي مسلسل ڳالهيون ڪري ۽ هڪ مهيني اندر قابلِ عمل حل لاءِ سفارشون پيش ڪري،ٽيون جيل قانونن ۽ آئين موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سمورا قانوني، انساني ۽ طبي حق ڏنا وڃن ۽ جتي قانون اجازت ڏئي، اتي سندن ذاتي يا نامزد ڊاڪٽرن جي راءِ کي به نظر ۾ رکيو وڃي،چوٿون عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي جيل قانونن موجب پنهنجي گهر ڀاتين، نامزد وڪيلن ۽ مجاز ساٿين سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

تنهن هوندي به انهن ملاقاتن کي قانوناً ممنوع سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.پنجون عمران خان، بشريٰ بي بي، عورتن، بزرگن ۽ بيمار قيدين جي سزائن خلاف درخواستن سميت ٻين قانوني درخواستن تي قانون موجب 10 ڏينهن اندر ڪارروائي شروع يا مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته سياسي قيدي عورتن کي انساني همدردي جي بنياد تي جلد آزاد ڪيو وڃي.،ڇهون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خاتمي ۽ مستقل امن لاءِ مسلسل مشاورت ڪن ۽ 72 ڪلاڪن اندر اجلاس ڪري هڪ واضح ۽ قابلِ عمل حڪمت عملي تيار ڪن،ستون مطالبو اهو هو ته وفاقي حڪومت طرفان مطالبن ۽ طئي ٿيل قدمن تي عملدرآمد جي لکت ۾ يقين ڏيارڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ موجوده لانگ مارچ منسوخ ڪندي. تنهن هوندي، جيڪڏهن انهن يقين ڏياريندڙن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پارٽي پنهنجي پرامن ۽ قانوني احتجاج جو حق محفوظ رکندي.

You might also like