سنڌ ورهائڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، مهانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف نئون ڪوٽ ۾ ريلي، ڌرڻو

نئون ڪوٽ (پ ر) سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، ڪارپوريٽ فارمنگ، مهانگائي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان هلندڙ عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ نئون ڪوٽ ۾ پريس ڪلب کان ڍورو بازار چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن، نوجوانن، آبادگارن، پورهيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا، سنڌ ورھائيندين پادر کائيندين، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، زمينن تي قبضا نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، اياز کوسو، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، امير بخش جروار، ممتاز جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ نور بانو کوسو، زبيده ڪلوئي، عظمت ڪلوئي زويا سرور، شاھ عالم چانڊيو، گوهر لغاري، اسماعيل پتافي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ خلاف سازشون ڪندڙ ضيائي ٽولو ملڪ تي حملا آور ٿيو آهي. سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌ سنڌين جو ناقابل تقسيم وطن آھي. سنڌين کي ديوار سان لڳائي ملڪ کي 1971ع جي حالتن طرف ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. حمودالرحمن ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي ھا ته ملڪ جي صورتحال اڄوڪي نه ھجي ھا. اسٽيبلشمينٽ جي خاص نمائندن محسن نقوي جهڙن طوطن ذريعي  ملڪ ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن. ملڪ تي قابض ٽولي جي غلط پاليسين ڪري سڄي ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ اقتصادي بحران آھي. هنن چيو ته سنڌ ورھائڻ خلاف پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ سنڌ جا وڏيرا گادي نشين، مير پير سڀ خاموش آھن. سنڌ جو ڪروڙين عوام پنھنجي تاريخي وطن ۽ وجود  کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ آھي. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جو سودو ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو ته پنجاب جو حڪمران طبقو سنڌو درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪينالن وسيلي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. سنڌ هن وقت پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب ربيع جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.

You might also like