نوشهروفيروز (رپورٽ: ايم ظفر تڳر)نوشهروفيروز جي نيشنل هاءِ وي باءِ پاس تي ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگري سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ آصف علي راڄپر، رفيق احمد راڄپر، نوشاد علي راڄپر، مسمات پروين ۽ نينگري سلميٰ فوت ٿي ويا، حادثي ۾ فوت ٿيل سمورن ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ علائقي واسين موجب نيشنل هاءِ وي تي گذريل ٻن سالن کان جاري تعميراتي ڪم ۽ ٽريفڪ جي نامناسب انتظامن سبب حادثن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، روزانو پيش ايندڙ ٽريفڪ حادثن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ حفاظتي انتظامن بابت لاڳاپيل ادارن جي موثر نگراني نظر نٿي اچي، جنهن سبب حادثن جو سلسلو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي، شهرين ۽ متاثر خاندانن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل هاءِ وي تي جاري تعميراتي ڪم دوران حفاظتي انتظام، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ موٽر وي پوليس جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي، مسلسل پيش ايندڙ حادثن جو فوري نوٽيس وٺي ذميوار ادارن کان جواب طلب ڪيو وڃي، شهرين ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نيشنل هاءِ وي تي حفاظتي انتظام بهتر بڻايا وڃن، جيئن وڌيڪ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن.