ٻار جي زندگيءَ جو پهريون سبق ڪنهن ڪتاب جي صفحي سان نه، پر پنهنجي چوڌاري موجود دنيا کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ان مان سکڻ سان شروع ٿئي ٿو. هو پنهنجي گهر، ماحول ۽ معاشري مان ڪيترين ئي ڳالهين کي بنا ڪنهن رسمي تعليم جي حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته منظم ۽ باقاعده علم لاءِ کيس هڪ اهڙي رهنما جي ضرورت پوي ٿي، جيڪو سندس ذهن کي سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ صحيح نتيجي تائين پهچڻ جي صلاحيت ڏئي. اهو رهنما استاد آهي. استاد جو ڪم رڳو ڪتاب پڙهائڻ يا امتحان پاس ڪرائڻ تائين محدود ناهي. هو هڪ اڻ ڄاتل ذهن کي شعور جي روشني سان روشناس ڪرائي ٿو، علم سان گڏ اخلاق، تربيت ۽ زندگيءَ جا اصول سيکاري ٿو. استاد ئي شاگرد کي صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ ناانصافي جي وچ ۾ فرق سمجهڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. سندس تربيت سان هڪ شاگرد اڳتي هلي صرف پنهنجي روزگار لاءِ اهل نٿو بڻجي، پر معاشري جو ذميوار ۽ ڪارائتو فرد پڻ بڻجي سگهي ٿو.
استاد کي جيڪڏهن علم جي وسيع سمنڊ مان قيمتي موتي چونڊيندڙ غواص چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. هو پنهنجي علم ۽ تجربي مان اهي ڳالهيون چونڊي شاگردن تائين پهچائي ٿو، جيڪي سندن شخصيت ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اڄ معاشري ۾ جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، سائنسدان، اديب، صحافي ۽ مختلف شعبن جا ماهر پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن، انهن جي علمي سفر جي شروعات ڪنهن نه ڪنهن استاد جي ڪلاس روم کان ئي ٿي هئي پر جڏهن اسان پنهنجي سماج جي موجوده صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته ڪيترائي سوال اسان جي سامهون بيهي وڃن ٿا. اخلاقي قدر ڪمزور ٿي رهيا آهن، عدم برداشت وڌي رهي آهي، نوجوانن ۾ بي راهه روي جا لاڙا وڌي رهيا آهن ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس گهٽجندو نظر اچي ٿو. ان صورتحال جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان هڪ اهم سبب تعليم ۽ استاد جي مقام کي اڳوڻي اهميت نه ملڻ به آهي.
اسان جي معاشري ۾ اڄ به ڪيترن ئي هنڌن تي دولت، عهدي ۽ اختيار کي عزت جو بنيادي معيار سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته علم ۽ تعليم سان لاڳاپيل ماڻهو ان مقام کان محروم نظر اچن ٿا، جنهن جا هو حقدار آهن. استاد ڪو عام پيشو اختيار ڪندڙ شخص نه آهي؛ هو نسلن جي فڪري ۽ اخلاقي تعمير سان لاڳاپيل هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جا اثر هڪ فرد تائين محدود نٿا رهن، پر سڄي معاشري تائين پهچن ٿا.
جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي سماج کي ترقيءَ جي راهه تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته تعليم کي اوليت ڏيڻ سان گڏ استاد جي عزت، وقار ۽ جائز حقن کي به يقيني بڻائڻو پوندو. استاد جو مقام بلند ڪرڻ دراصل علم، شعور ۽ مستقبل جو مقام بلند ڪرڻ آهي. عالمي استادن جي ڏينهن جي موقعي تي انهن سڀني استادن کي سلام، جن پنهنجي علم، محنت ۽ تربيت سان نسلن جي ذهنن کي روشن ڪيو ۽ معاشري کي بهتر انسان ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.