ڇا حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون؟

اعجاز ممنائي

اسلام آباد ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سڀ کان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ جاري ڳالهين جو عمل ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هن وقت ٻنهي ڌرين وچ ۾ هڪ گڏيل معاهدي جي ڊرافٽ تي ڪم جاري آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه ٿيل ڳالهين جي ٻئي دور ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي. ٻئي دور ۾ گذريل ڏينهن پيش ڪيل مطالبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ذريعن ٻڌايو ته ڳالهين جو عمل ڪو سادو نه هو. عمل دوران ڪيترائي ڀيرا اهڙا موقعا آيا، جڏهن ڳالهيون ٽٽڻ جي ويجهو پهچي ويون، پر هر ڀيري خوشگوار ماحول ۾ صورتحال کي سنڀاليو ويو.

هن سڄي عمل ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ذريعن موجب ڪجهه موقعن تي جڏهن ڌرين وچ ۾ تلخي وڌي وئي ته اسپيڪر مداخلت ڪري صورتحال خراب ٿيڻ کان بچائي ورتي. اسپيڪر جي ڪوششن سان ئي اهو ممڪن ٿيو، جو ڳالهيون جاري رهيون. ذريعن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته اڃا به ڪجهه نقطن تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف راءِ موجود آهي، پر وڏن معاملن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي. جن نقطن تي اختلاف آهي، انهن تي لفظن جي چونڊ ۽ ڊرافٽنگ جاري آهي، ته جيئن ڪو به فريق پنهنجي سياسي ساک کي نقصان نه پهچائي. ذريعن موجب ڳالهين جي ٻئي دور جي شروعات شڪايتن سان ٿي. وفاقي وزير امير مقام سهيل آفريدي جي ٽوئيٽ جو معاملو اٿاريندي چيو ته اسان ڪالهه اپوزيشن کي اڳتي وڌڻ لاءِ لانگ مارچ رد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پر اڄ سهيل آفريدي لانگ مارچ بابت ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو. حڪومتي وفد شڪايت ڪئي ته سينيئر حڪومتي اڳواڻن بابت نازيبا ٻولي پڻ استعمال ڪئي وئي، اهڙي صورتحال ۾ اسان ڪيئن سمجهون ته اپوزيشن وفد ڪيترو بااختيار آهي؟ اپوزيشن جواب ڏنو ته وزير دفاع خواجا آصف جي ٽوئيٽ بابت توهان ڇا چوندا؟ جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته اعتماد بحال ڪرڻو پوندو.

ٻئي طرف حڪومتي وفد جو موقف هو ته اسان کليل دل سان آيا آهيون ۽ مڪمل بااختيار آهيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته لانگ مارچ غير مشروط طور ختم ڪيو وڃي، جيئن ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن.ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي ۽ لانگ مارچ ملتوي ڪري خاص ڪميٽين ذريعي ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ واري تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻئي ڌريون پنهنجي قيادت سان مشاورت کانپوءِ ان حوالي سان فيصلو ڪنديون.هوڏانهن سهيل آفريدي جو اعلان سامهون آيو آهي ته لانگ مارچ هر صورت ۾ ٿيندو. هن چيو ته گنڊي چوڪ، لڪي مروت کان اسان لانگ مارچ جو پهريون مرحلو شروع ڪنداسين. قومي اسيمبلي ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن جي گڏيل بريفنگ ڪجهه دير ۾ متوقع آهي. امڪان آهي ته اسپيڪر چيمبر ۾ ئي ميڊيا کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ معاهدي جي خدوخال بابت ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته پهرئين دور ۾ حڪومتي وفد ۾ وفاقي وزير امير مقام، رانا ثناءُ الله، محسن نقوي، طلال چوڌري، طارق فضل چوڌري، جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران شيري رحمان، نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي شريڪ ٿيا هئا. اپوزيشن وٽان بيرسٽر گوهر خان، علامه راجا ناصر عباس جعفري، اسد قيصر، عامر ڊوگر ۽ سلمان اڪرم راجا موجود هئا.

جيڪڏهن هي معاهدو طئي ٿئي ٿو ته اهو ملڪ ۾ جاري سياسي غير يقيني صورتحال جي خاتمي طرف هڪ وڏو قدم هوندو ۽ پارليامينٽ کي ٻيهر فعال بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هاڻي سرڪاري اعلان تائين سڀ نظرون اسپيڪر چيمبر تي لڳل آهن.

You might also like