ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ جا پورهيت هڪ ئي نموني استحصال جو شڪار آهن

حيدرآباد(پ ر) جيڪڏهن هي مائينڊ سيٽ عوام کي خاص طور تي پورهيتن کي منظم ٿي سياست ڪرڻ ڏئي ها ته سسٽم ڪڏهن جو ري سيٽ ٿي چڪو هجي ها. اسان جي نظر ۾ محسن نقوي ۽ جنهن جو هو نوڪر آهي، اهي ئي نظام کي ري سيٽ ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. ملڪ جا وڏيرا، پير، سردار، ملڪ، چوڌري ۽ انهن سڀني جو آقا عالمي سامراج ڪنهن جي زور تي پاڪستان تي مڙهيل آهن ۽ ان کي هڪ مقروض ۽ ناڪام رياست جي درجي تي پهچايو اٿن؟ اهو صرف اوهان جي ئي زور تي.هي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چمبڙ ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ ڪامريڊ مبارڪ رستماڻي جي لاءِ منعقد ٿيل تعزيتي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيون. هن چيو ته ملڪ جا گهڻا صنعتي ۽ سروسز جا ادارا گهڻي عرصي کان ساڳئي مائينڊ سيٽ وارن ماڻهن جي سربراهي ۾ هلايا پيا وڃن ۽ سڀ جا سڀ نقصان ۾ آهن، انهن کي وڪڻڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. ته ڪهڙي منهن سان اهي سسٽم کي ري سيٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.جلسي کي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر منور ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين. سنڌ کي وڏيرا نه پر هاري ۽ مزدور بچائيندا.هاري ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرومل چيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو دشمن سنڌي وڏيرو آهي جيڪو ڳوٺن جي ماڻهن ۽ هارين کي دٻائي انهن کي وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاسايو پيو اچي. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته سنڌ ۾ مستقل رهندڙ رهاڪو سنڌ کي ورهائڻ کان بچائيندا. هن چيو ته ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ جا پورهيت هڪ ئي نموني استحصال جو شڪار آهن. ڪامريڊ ارباب رستماڻي چيو ته ڪميونزم جي نظريي اسان جهڙن ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪيو آهي جو اسين هن وڏيرا شاهي واري ظالماڻي نظام خلاف بهادري سان وڙهي رهيا آهيون. ان کان علاوه عوامي ورڪرز پارٽي جي فيض ڪيريو، قومي عوامي تحريڪ جي عثمان لغاري، طبقاتي جدوجهد جي ڪريم لغاري، آل پاڪستان ميونسپل ايمپلائيز فيڊريشن جي اڳواڻ علي مردان شيخ، سنڌ هاري ڪميٽي جي ذوالفقار رستماڻي، ڪامريڊ ديال، سارنگ رستماڻي، ماجد آريسر، ڊي ايس ايف جي علي بهار رستماڻي ۽ ننڍڙي انقلابي ڪامريڊ سيف علي رستماڻي پڻ خطاب ڪيو.ڪامريڊ امان الله لغاري، بچل لعاري، ظهور اوٺو ۽ صابر لغاري انقلابي گيت پيش ڪيا.هن موقعي تي قراردادون پاس ڪري قومي وحدتن کي انتظامي بنيادن تي صوبن ۾ ورهائڻ جي منصوبن کي رد ڪيو ويو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينون واپس وٺي بي زمين مقامي هارين کي ڏيڻ ۽ زرعي سڌارا ڪري 25 ايڪڙ في خاندان ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ مزدور جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 70 هزار ڪرڻ ۽ ان تي عمل درآمد جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like