ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي زوهيب سومري ۽ صادق سومري جو پيءُ عبدالحڪيم سومرو ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالحڪيم سومرو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ گذريل 4 مهينن کان ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. مرحوم جو مڙهه ڪراچي کان جوهي جي ڳوٺ بخش علي رند نيو ويو، جتي مرحوم جو تڏو وڇايو ويو آهي ۽ پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. زوهيب سومري ۽ صادق سومري جي پيءَ جي لاڏاڻي تي صحافي برادري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.
-
برطانوي شهزادي وليم غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو
لنڊن (م ڊ) برطانوي شهزادي وليم غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرنس وليم هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي ڀوائتي انساني قيمت تي شديد فڪرمند آهيان، ان تڪرار ۾ تمام گھڻا ماڻهو مارجي ويا. هن چيو ته آئون به سڀني جيان ان جنگ جو جلد کان جلد خاتمو چاهيان ٿو، غزا ۾ هن وقت انساني امداد جي سخت ضرورت آهي. اهو گھڻو اهم آهي ته غزا ۾ امداد پهچي ۽ يرغمالي به آزاد ٿين.سياسي معاملن تي برطانوي شاهي خاندان جي ڪنهن به فرد جو بيان غيرمعمولي آهي.