آءِ ايم ايف جو شوگر سيڪٽر ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ پيٽروليم سبسڊي نه وڌائڻ تي زور

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ وفاق جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تحت اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پيٽروليم واري وزارت ۽ پاور ڊويزن جون به ڳالهيون جاري آهن.ذريعن موجب آءِ ايم ايف شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ وفاق جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي، سنڌ جي اختلاف سبب شوگر پاليسي طئي نه ٿي سگهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي.آءِ ايم ايف آٽو پاليسي ۾ اي ويز کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف واهپيدارن کي وزيراعظم فيول سبسڊي ڏيڻ تي راضي آهي. عالمي مالياتي فنڊ مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول سبسڊي ۾ وڌيڪ واهپيدار شامل نه ڪيا وڃن ۽ فيول سبسڊي کي ننڍين گاڏين تائين محدود رکيو وڃي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن جي   پيٽروليم واري وزارت جي اختيارين سان ٻيهر ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ پيٽروليم واري وزير وفد جي قيادت ڪندو. مشن سان ڳالهين دوران گئس جي ٽيرف ڍانچي ۽ گئس شعبي جي گردشي قرض بابت به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن اڄ نجڪاري واري وزارت جي اختيارين سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن دوران ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ لائن لاسز جا معاملا غور هيٺ ايندا، جڏهن ته آءِ ايم ايف مشن جا ايف بي آر سان ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ چوٿين معاشي جائزي جون ڳالهيون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن، جڏهن ته هن هفتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف صوبن جي رضامندي سان کنڊ جي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، سنڌ مرڪز جي کنڊ پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي. سنڌ جي اختلاف سبب کنڊ پاليسي تي ڪو معاهدو نه ٿي سگهيو.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف آٽو پاليسي تحت اليڪٽرڪ گاڏين کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ف بي آر هلندڙ سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جولاءِ کان سيپٽمبر تائين آمدني ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ِ ايم ايف گردشي قرض ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ تي زور ڏنو آهي. ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.ڊسمبر 2026 تائين نئين اين ايف سي ايوارڊ جي خاطري ڪرائي آهي. معاشي ٽيم ڊسمبر 2026 تائين نئين اين ايف سي ايوارڊ بابت خاطري ڪرائي آهي.معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.پاڪستان جي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح هلندڙ مالي سال ۾ تقريبن 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته علائقائي تڪرارن سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته آءِ ايم ايف مجموعي جائزي بابت بيان جاري ڪندو. پاڪستان کي قرض پروگرام جي پنجين قسط حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري گهربل هوندي.آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته گئس جي قيمت جو ڍانچو ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ تيل جي موجوده قيمتن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل تي 80/80 رپيا في ليٽر ليوي جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن کان به آگاهي ڏني وئي.

You might also like