اسلام آباد/لاهور(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ڊي چوڪ کي ڪنٽينرن جي ڀت ٺاهي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 15 آڪٽوبر تائين دفعو 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به پنجاب جي آءِ جي جو چوڻ آهي ته صوبي جا سڀ ننڍا وڏا روڊ کليل آهن ۽ ڪٿي به روڊ بلاڪ ناهي.لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ڊي چوڪ کي ڪنٽينرن جي ڀت ٺاهي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته داخلا وارن رستن تي حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن.اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي سنگم فيض آباد تي به ڪنٽينر موجود آهن ۽ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. مختلف هنڌن تي اضافي نفري مقرر ڪري داخلا پوائنٽن تي چڪاس جو عمل سخت ڪيو ويو آهي.حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ سياسي ڇڪتاڻ دوران اٽڪ کان اسلام آباد تائين پوليس جي نفري بدستور مقرر آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڪنٽينر پڻ موجود آهن.گذريل مهيني جي وچ کان اٽڪ کان اسلام آباد تائين موٽر وي، جي ٽي روڊ ۽ ٻين مک شاهراهن جي ڪنارن تي ڪنٽينر موجود آهن، جڏهن ته اٽڪ پل تي وڌيڪ ڪنٽينر پڻ لڳايا ويا آهن. ذريعن موجب اٽڪ ۾ تقريبن 20 کان 30 هزار پنجاب پوليس اهلڪار مقرر آهن.جهلم ۾ وڏي تعداد ۾ ڪنٽينر روڪيا ويااپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جي مسلسل ناڪامي کان پوءِ جهلم جي جي ٽي روڊ تي وڏي تعداد ۾ ڪنٽينر روڪيا ويا آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ڪنهن به وقت جي ٽي روڊ بند ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته هن وقت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کليل هجڻ جي اطلاع آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ سبب پشاور ۾ 7، 8، 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ميٽرڪ جا ساليانا امتحان پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن. پشاور بورڊ جي ڪنٽرولر موجب ملتوي ڪيل پرچن جي نئين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، شاگرد نئين تاريخن جي اعلان جو انتظار ڪن.ٻئي طرف پنجاب جي گهرو کاتي سڄي صوبي ۾ دفعو 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو فوري اطلاق 6 آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين هوندو.نوٽيفڪيشن تحت عوامي هنڌن، شاهراهن ۽ کليل هنڌن تي 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، جلوس يا اجتماع تي پابندي هوندي. عوامي هنڌن تي هر قسم جا هٿيار کڻي هلڻ ۽ انهن جي نمائش تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي. غير قانوني اجتماعن ۾ ماڻهن کي شرڪت لاءِ اُڪسائڻ يا ترغيب ڏيڻ جي به اجازت نه هوندي.گهرو کاتي موجب شادي جون تقريبون، جنازي نماز، تدفين، مسجدون ۽ ٻيون عبادتگاهون دفعو 144 کان مستثنيٰ هونديون. عدالتون، سرڪاري ادارا ۽ باضابطه اجازت سان ٿيندڙ تقريبون پڻ پابندي کان مستثنيٰ هونديون. ڊيوٽي تي مقرر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انٽيليجنس ايجنسين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن تي به قلم 144 لاڳو نه ٿيندو. پنجاب جي گهرو کاتي موجب عوامي امن، سڪون ۽ جان ۽ مال کي لاحق سنگين خطرن سبب قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي موجب انٽيليجنس رپورٽن ۾ عوامي اجتماعن کي ممڪن هدف بڻائڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ريليون، جلسا، ڌرڻا، جلوس ۽ مظاهرا ممڪن طور آسان هدف قرار ڏنا ويا آهن.ٻئي طرف پنجاب جي آءِ جي رائو عبدالڪريم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ امن آهي ۽ لانگ مارچ جي حوالي سان ڪو مسئلو ناهي. پنجاب آءِ جي وڌيڪ چيو ته خراب ڪارڪردگي ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪارروائي قانون ۽ لاڳاپيل ضابطن موجب ڪئي ويندي.