سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان

تحرير؛ رحمت الله ٻرڙو 

 

گذريل ٽن ڏينهن کان استادن جي ڀرتيءَ  لاءِ  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٿيندڙ ٽيسٽ پيپرن ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين  ٿي رهيون هيون جن بابت عام محفلن ۾ بحث پئي هليا، اهڙي ئي بحث دوران ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سرپرستيءَ  ھيٺ ٿيندڙ ٽيسٽ جيڪا استادن جي ڀرتين بابت ورتي پئي وڃي تنهن جو سلسلو جاري ئي هو ته ٽيسٽ وقت صبح يارنهن بجي کان اڳ سوالن وارو پيپر پڻ ليڪ نه پر وائرل ٿي سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو واحد ادارو ھو ۽ آھي جنهن جي شفافيت محنت ڪندڙ شاگرد لاءِ  ڪنهن اعتماد کان گهٽ نه هوندو هو.هن وقت اهو ادارو جنهن جي معرفت اسان جي سنڌ صوبي جي مختلف کاتن ئي نه پر مڪمل ادارن جو سيڪشن آفيسرز کان ويندي ايگزيڪيوٽوو پوسٽن تي اهي ڪميشنڊ آفيسرز ئي ويٺي نظام کي هلائيندا آھن جن وٽ ان واحد اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اهليت جا پيراميٽرز ۽ اهليت پاس ڪرائڻ جا فرض ادا ڪيا ويندا آھن.

هن وقت ئي نه ۽ اڄوڪي هن پيپر وائرل ٿيڻ واري اشو ئي نه بلڪه گذريل ڏهاڪي کن کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ادارو مختلف ميگا اسڪينڊلز جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيو آھي جيڪو پڻ ڪنهن وڏي الميي کان گهٽ ناهي، پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري شپ کان چيئرمين شپ پڻ انهن اسڪينڊلز ۾ ملوث ھجڻ جا وڏا ثبوت مليا آھن جن تحت مسٽرجادماڻي کان ويندي مسٽر ڪلهوڙو جهڙا زميوار ڪرپشن ڪرڻ ۽ سنڌ جي هن هيڏي وڏي بااعتماد اداري لاءِ  بدنماغ داغ يا بدناميءَ  جو باعث بڻيا آھن.!!

اهڙي ئي طرح سان گذريل هڪ وڏي عرصي کان هن بهترين بااعتماد اداري جي بد نامي ۽ بي اعتماديءَ  جو ڪارڻ جتي اتي داخل انتظامي عهديدار رهيا آھن اتي وقت جون سياسي حڪومتون پڻ ملوث هجڻ جو وڏو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي،2011 ۽ 2012 جي وچ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ وقت جي سنڌ حڪومت جنهن جي واڳ سيد قائم علي شاھ جي هٿ ۾ هئي تنهن وڏي ڪوشش ڪري بديانتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.جو هو وڏي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ڪندي بندر بانٽ ڪرڻ واري هڪ لسٽ جاري ڪندي ان وقت جي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ خاص ميمبرز تي زور ڀريو ته سفارشي لسٽ کي ترجيح ڏئي نتيجا پڌرا ڪيا وڃن!!!

بهرحال ان وقت جي بيمار چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين امريڪا علاج لاءِ  وڃڻ کان اڳ ميمبرز سان مشورو ڪري لسٽ جاري ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي هئي، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪجھه  اهم ميمبرن پنهنجي فرض شناسيءَ  جو مظاهرو ڪندي چيئرمين ڪميشن سان ان حڪومتي ۽ سياسي لسٽ تي اختلاف نوٽ هڻڻ جي ڳالھه رکي ۽ سندن مشوري کي ترجيح ڏيندي ان وقت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري سان رابطو ڪري ان قصي کان بريف ڪيو جنهن تي فيصلو ٿيو ته رزلٽ اهليت ميرٽ تي جاري ڪيا وڃن..

ان سال ان وقت جي چيف منسٽر سنڌ قائم علي شاه کي جڏهن اها خبر پئي ته ڪجھه  ميمبرز سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختلاف ڪندي چيئرمين ڪميشن سان مشورو ڪيو آھي ته شفارشي لسٽ کي رد ڪيو ويندو ته ان وقت سنڌ اسيمبليءَ  جي هلندڙ اجلاس ۾ ھڪ قرارداد آڻي انهن اختلاف رکندڙ ۽ ميرٽ کي ترجيح ڏيندڙ ميمبرز جي پنج سالن واري مدي کي آئيني طور پاس ڪرائي 2 سالن تائين ڪري هٽائڻ جو فيصلوڪيو ويو هو.

بهر حال قصو قدرت واري کي منظور ڪونه هو سو قدرت واري ان وقت صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي اسلام آباد کان ڪراچي دوري جي توفيق ڏني ۽ ان وقت جي طاقتور صوبائي وزير داخلا کيس کي عرض رکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هي ڪم ٿئي پيو؟تنهن جو نوٽيس وٺندي ايئرپورٽ تائين وقت جي وزير اعلي کي بلاول هائوس پهچڻ جو سڏ ٿيو ۽ اتي اهم پارٽي اڳواڻن سامهون هدايتون جاري ٿيون ته اسيمبلي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن بابت ٿيندڙ بل يا قرارداد پاس ڪرائڻ واري حرڪت بند ٿيڻ کپي ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا ميرٽ تي شفافيت کي برقرار رکي جاري ڪرايا وڃن.اڄ انهن ماڻھن مان ڪي هن دنيا مان هليا ويا ۽ ڪي اڃان آھن جيڪي آھن جيڪي سڪون جي زندگيءَ  جا آخري سال گذرن پيا ۽ چيئرمين ان وقت جو خبر ناهي سخت بيمار هو نتيجا جاري ڪرائي علاج لاءِ  امريڪا هليو ويو هو هن وقت خبر ناهي دنيا ۾ آھي الائي ڪونه باقي پاس ٿيدڙن جون دعائن سندس لاءِ  ڪنهن ميراث کان گهٽ ڪونه هوندن.ان کان پوءِ  هن وقت تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جيڪو ڪجھه  ٿيندو پيو اچي سو ڪنهن پريشانيءَ  کان گهٽ ناهي ته شفافيت ۾ ڪرپشن ٿئي ته پوءِ  صوبائي کاتن جي اهميت ڪٿي بچندي.

هن وقت ۽ اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميه جي اختيارن هيٺان هيءَ  هڪ گذريل ڏينهن حرڪت ناهي ٿي، پر اهڙيون حرڪتون مختلف مرحلن تي ڄڻ ته روز جو معمول بڻجي ويون آھن، ان ڪري اسان جي حڪومت کي کپي ته مختلف ميگا اسڪينڊلز جي بنياد تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اندر انتظاميه زريعي ٿيندڙ امتحاني بيقاعدگين کان ويندي نتيجن جي هير ڦير،وڪري جي بازار ۽ ههڙا گذريل ڏينهن جهڙن اسڪينڊلز جي بنياد تي وڏي شفاف ڪردارن جي بنياد تي ڪميشن جوڙي ملوث ڪردارن کي سخت سزائون ڏئي عبرت جو نشانو بڻائڻ کپي ۽ ملوث ڪردارن جي هميشھ نوڪري ختم ڪئي وڃي . سنڌ جي تعليمي اداري ۾ استاد جي ڀرتيءَ  وارن ڪرپشن سبب وڪرو جي بنياد تي وائرل ٿيل سوالن واري پيپر واري واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي.

صوبائي،قومي ۽ عوامي تقاضا اها آھي ته هاڻي قوم ،عوام ،ادارن جي ساک ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت واري اعتماد جي بحاليءَ  ۽ صوبي جي انتظامي بهتريءَ  کان ويندي اهليت ۽ بهتريءَ  لاءِ  قومي،صوبائي،عوامي ۽ ادارتي ڀلائيءَ  لاءِ  تڪڙا،سخت ۽ ايمانداراڻا فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت پڻ آھي.

ٻي صورت ۾ تيزيءَ  سان تبديل ٿيندڙ دنيا جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي،آرٽيفيشل انٽيليجنسي ۽ موسمي تبديلين واري گلوبل آرڊر کان ويندي انٽرنيشل آرڊرز واري دور۾ اسانجو ماڻھو ميرٽ جي لتاڙ سبب جديد دور جي چيلنجز جو مقابلي ڪرڻ جي سگھه وڃائي ويهندو. پنهنجي نااهليت ۽ غير شفافيت  اسان جي قومي ،عوامي ۽ صوبائي ادارن لاءِ  وڏا چيلنجز آڻي سگهي ٿي جيڪي اسان لاءِ  ڪنهن سخت امتحان کان گهٽ ڪونه هوندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.