ڪاش، سسئي ۽ سورٺ کي سندن دوستن جهڙي قابل فخر پيءٌ هدايت لوهار جي قتل وارو هانوَ ڏاريندڙ ۽ ناقابل برداشت صدمو نه ملي ها. اهڙو موتمار صدمو ته اهي نياڻيون تڏهن ئي ڀوڳي چڪيون هيون جڏهن هدايت صاحب کي ڪجهه سال کنڀي گم ڪيو ويو هو. اهي نياڻيون ته پنهنجي حصي جو اهو سارو سور پيءُ چڪيون هيون پوءِ وري کين هن امتحان ۾ ڇو وڌو ويو؟
هدايت لوهار صاحب جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه هو جو پهريون هن کي کنڀي گم ڪري سالن کان ٽارچر ڪيو پئي ويو پر جڏهن هو بازياب ٿي آيو هو، خوشين جي موسم سندن دردن سان ڀريل زخمن تي پها رکي انهن کي اڃا ڇٽايو ئي مس ته وري هيءَ قيامت مٿن برپا ٿي وئي آهي. ڇا پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وطن، پنهنجي قوم سان پيار ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي هدايت لوهار ۽ سندن ڌيئرن کي نه ختم ٿيندڙ سزا ملندي رهي آهي.
رپورٽن موجب قومپرست اڳوڻ ۽ پرائمري استاد هدايت الله لوهار کي ڪالهه صبح اسڪول ويندي شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ڪاٺيا محلا جي تونيا رئيس مل لڳ ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي ٿڏي تي شهيد ڪري ڇڏيو هو. شهيد جو لاش سندس نياڻين سسئي، سورٺ ۽ سندن ڀاءُ عنايت کڻائي ڊگري ڪاليج نصير آباد ٻاهران انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو ڏنو. ڌرتي ۾ شهري اتحاد، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ قاتلن جي ترت گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
هاڻي اهو حڪومت جو ڪم آهي ته اها ان قتل جا پيرا کڻي، جاچ ڪري ۽ هدايت لوهار جي اولاد توڙي سنڌي قوم کي ٻڌائي ته هن قتل کي اهي ڪهڙو نانءُ ڏين. هن قتل جي ڪهڙي نوعيت آهي؟ بظاهر ته اهو سياسي قتل ٿو لڳي ۽ سنڌ جي قومي شعور تي وار ٿو لڳي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ لڳي ٿو ته ان جو مزاحمتي ردعمل گهڻو اڳتي ويندو.
اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هدايت لوهار جي هن قتل جي تعزيت سندس مزاحمتي ڌيئرن سسئي ۽ سورٺ سان توڙي سنڌ جي قومي شعور سان ڪيئن ڪريون؟ کين هي ناقابل برداشت صدمو سهڻ جي ڪهڙي منهن سان تاڪيد ڪيون؟ ڇا سنڌي قوم رڳو صدمن ۽ قربانين کي ڀوڳڻ واري قوم آهي ۽ ڇا ڀوڳنائون، محروميون، ناانصافيون ۽ زيادتيون ئي سندن مقدر آهي، نه بلڪل به نه. اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪا قوم رڳو ڀوڳنائون، محروميون، ناانصافيون ۽ زيادتيون ئي ڀوڳيندي رهندي. جيتريون ڀوڳنائون، محروميون ۽ انصافيون ڏبيون، زيادتيون ڪبيون ته انهن جو رد عمل به اوڏو شديد ئي هوندو، اها، سائنسي حقيقي آهي
اوهان سڀني کي ياد هوندو ته جڏهن هدايت صاحب کي کنڀي گم ڪيو ويو هو ته ردعمل ۾ سندس نياڻيون سورٺ ۽ سسئي مزاحمتي رستي تي نڪري آيون هيون ۽ انهن پنهنجي پيءُ جي کنڀڻ واري واقعي ۽ سانحي کي اجتماعيت ۾ تبديل ڪري سڀني کنڀي گم ڪيل سياسي ماڻهن جي آزادي جو آواز بڻجي ويون هيون، وائيس فار مسنگ پرسنز جون عهديدارن ٿي ويو هيون، جديد دور جو سورميون ٿي اڀريون هيون. اسان جي سڄي ملڪ کي ئي ڏسو اوهان کي جتي ڪٿي عوام سراپا احتجاج بڻيل ئي نظر ايندو. ڪير به موجوده حڪومتي نظام مان خوش ناهي. آئين، قانون ۽ انصاف نالي ڪا شئي آهي ئي نه. ته ماڻهن جو احتجاجي ردعمل به اسان کي روڊن، رستن، شاهراهن، پريس ڪلب جي آڏو ڌرڻن جي شڪل ۾نظر اچي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هر عمل جو ردعمل ٿيندو آهي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن عمل جو رد عمل نه ٿئي.
سو بجاءِ انجي ته ڪنهن ردعمل کي طاقت سان روڪجي ۽ دٻائجي بهتر اهو آهي ته اهڙين عملن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي رد عملن جا ڪارڻ بڻجن. پر افسوس ته اسان جي حڪومتن، جن جو اولين فرض عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هوندو آهي سي انهن اولين فرضن تي پورو لهي آئين ۽ قانون کي بالادست رکڻ بدران الٽو لاقانونيت جي راڄ کي ئي هٿي ڏئي رهيون آهن.
ايئن ڇو ٿي رهيو آهي سو هر دور جو سوال آهي. هدايت لوهار ۽ سندس ڌيئرن جو به اهو ئي ڏوهه آهي جو انهن اهي سوال پڇيا هيا ته ”لاقانونيت“ ڇو قائم آهي، قومن کي بنيادي حق ڇو نٿا ملن، کنڀي گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪري عدالتن آڏو ڇو نٿو پيش ڪيو وڃي، کين پنهنجي دفاع جو حق ڇو نٿو ڏنو وڃي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
جيتوڻيڪ اسان کي چڱي ريت خبر آهي ته هي ظالم ۽ مظلوم جو ازلي جهيڙو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته بظاهر طاقت، بالادست هوندي آهي پر تاريخ ۾ وري مظلوم ۽ مزاحمت ڪار زنده رهندا آهن. سچ ۽ سوال کي هر دور ۾ زهر ڏئي ماريو ويو آهي، ڪڏهن گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آهي، ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آهي پر آخري فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي. هدايت لوهار صاحب به سڄي ڄمار حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي، جدوجهد ڪئي ۽ تاريخ ۾ شهادت ماڻي پاڻ کي سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي.
سو اسان کي پڪ آهي ته هدايت لوهار جون هي مزاحمت ڪار ڌيئرون جيڪي هن تاريخي حقيقت کان واقف آهن سي هن صدمي کي پڻ طاقت ۾ بدلائي ڏيکارينديون.