ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيش موجب، اڄ في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ سان 4 لک 44 هزار 462 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 2572 رپيا واڌ بعد 3 لک 81 هزار 54 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 30 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 4221 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like