اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي ۽ هو جن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻاءُ ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٻه دفعا ايوان ۾ اپوزيشن کي ڳالهين جو چيو ۽ دعوت ڏني، وزيراعظم چيو ته ميثاق استحڪام پاڪستان تي اتفاق ڪريو پر پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، هو جن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين.
پي ٽي آءِ جنهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين: راڻا ثناءُ الله
Next Post
You might also like