اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج نصر من الله بلوچ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڪيس جا شريڪ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دران عدالت غير حاضري تي علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ پوليس کي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت علي امين جي غيرحاضري سبب فرم جرم واري ڪارروائي به ويهه جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته علي امين خلاف گولڙا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.
You might also like