جعلي دستاويزن تي ٻاهرين ملڪ ويندڙن جو گهيرو تنگ، اي آءِ بيسڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جو جعلي دستاويزن تي پرڏيهه ويندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ پروٽيڪٽر جاري ڪرڻ واري نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ مسافرن جي سهولت لاءِ اميگريشن سسٽم ۾ به سڌارن جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزيرن طرفان ستن ڏينهن اندر حتمي سفارشون طلب ڪيون ويون.
اجلاس ۾ جعلي ويزائن جي ڌنڌي ۾ ملوث عنصرن ۽ ايجنٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ويو.
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ اي آءِ بيسڊ آپريشن جو پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون، اي آءِ ذريعي پتو پئجي ويندو ته ڪير سفر جي اهل آهي ۽ ڪير نه.
هن چيو ته جعلي ويزائن ۽ ايجنٽ مافيا جي خلاف زيرو ٽالرنس اختيار ڪئي ويندي، ڊي پورٽ ٿيل ماڻهن جو پاسپورٽ رد ٿيڻ بعد کيس ٻيهر ويزا نه ملڻ کي يقيني بڻائينديسن، هڪ جهڙو انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس نيشنل پوليس بيورو طرفان جاري ڪيو ويندو.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته غلط طريقن سان ماڻهو ٻاهر وڃي ملڪ جي ساک کي ڇيهو رسائي رهيا آهن، اميگريشن ريفارمز جو مقصد عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عالمي سڀ بهتر بڻائڻ آهي.
سمنڊ پار پاڪستانين وارن معاملن جي وزير چيو ته ليبر ويزا تي ويندڙ ماڻهن وٽ تصديق جوڳا دستاويز هئڻ ضرروري آهي، پروٽيڪٽر ۽ اميگريشن سسٽم ۾ بهتري لاءِ وزارت هر ممڪن سهڪار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.