ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪيسن کي عدالتي حوالي طور وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٺٽي ۾ سياسي شخصيت جي سيڪيورٽي گارڊ جي قتل واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪيسن کي عدالتي حوالي طور وٺڻ کان انڪار ڪيو.
جسٽس تسنيم سلطانه رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جا ڪيس تڪراري آهن، ان کي حوالي طور پيش نه ڪيو وڃي، ڪو ٻيو عدالتي حوالو يا فيصلو آهي ته پيش ڪيو.
جسٽس تسنيم سلطانه پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار عدالت ۾ موجود آهي؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته درخواستگذار هن وقت ٺٽي ٽرائل ڪورٽ ۾ موجود آهي ۽ سندس عبوري ضمانت کي حفاظتي ضمانت ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
عدالت 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت کي حفاظتي ضمانت ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
You might also like