ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اهو تاثر مڪمل طور غلط آهي ته جتي پيپلز پارٽي جي اڪثريت هجي، رڳو اتي ئي پيپلز بسون هلن ٿيون.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪندي اهو نه ڏٺو ته ڪهڙي علائقي ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ بئنڪ وڌيڪ آهي، بسون ته عوام جي سهولت لاءِ آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهي بسون عوام جي پيسن مان ورتل آهن ۽ اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته هر مين روڊ تي بس هلي، پڪ ڏياريان ٿو ته حيدرآباد ۾ به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي.
سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سکر کان شڪارپور ۽ خيرپور تائين به اي وي بس سروس شروع ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه نيون اي وي بسون ڪراچي پڻ پهچي چڪيون آهن، وڏي وزير وڌيڪ 500 بسون گهرائڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن کانپوءِ بس نيٽورڪ کي وڌيڪ واڌايو ويندو.
اهو تاثر غلط آهي ته جتي پيپلز پارٽي جي اڪثريت آهي اتي ئي بسون هلن ٿيون: شرجيل ميمڻ
You might also like