وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو انتظامي ضابطو اسلام آباد منتقل ڪرڻ جا سانباها

وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ واقع آھي. يونيورسٽيءَ طور ان جو قيام 2002 ۾ ٿيو جڏھن  اڳ۾ موجود ٻن ڪاليجن اردو سائنس ڪاليج ۽ اردو آرٽس ڪاليج کي گڏائي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو اھڙيءَ طرح يونيورسٽيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ سنڌي شعبو پڻ قائم ڪيو ويو، جيڪو پنھنجي پوري تاريخ ۾ ھڪ فعال شعبي وانگر ھلندو رھيو آھي.

ھن يونيورسٽيءَ  جي سنڌي شعبي مان سنڌ جا مک اديب ۽ استاد پي ايڇ ڊي ڪري نڪتا آھن، جن ۾ ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر رضيه ٻگھيو، ڊاڪٽر َڦلو مينگھواڙ،  ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي  وغيرھ شامل آھن.

وچ شھر ۾ ھجڻ سبب ھن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي پھچ سولي ٿئي ٿي اھو ئي سبب آھي جو سنڌي شاگردن جو وڏو انگ ھتي تعليم حاصل ڪرڻ اچي ٿو، خاص طور تي  صوبي جي پوئتي پيل ۽ ڏورانھن شھرن مان گھٽ معاش وارن شاگردن جو وڏو انگ ھتي اچي ٿو، جيڪي ھتي تعليم به  حاصل ڪن ٿا ته  پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪري پنھنجي خرچ جو پورائو به  ڪري سگھن ٿا. اھڙيءَ طرح ھيءَ يونيورسٽي اھڙن شاگردن لاءِ ھڪ نعمت وانگر آھي.

ڳچ سالن کان وٺي انتظاميا پاران  يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي کي ختم ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا آھن.  2018ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ رستا روڪ ڪئي وئي. شاگردن وڏي جاکوڙ کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي وچ ۾ پوڻ کانپوءِ شاگردن جي داخلا بحال ڪئي. انکانپوءِ 2022ع ۾ ٿيندڙ سليڪشن بورڊ ۾ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار جي پوسٽ لاءِ ڄاڻي واڻي پي ايچ ڊي اميدوارن کي بنا ڪنھن جواز جي فيل ڪيو ويو.  نه  رڳو ايترو پر  شعبي ۾ موجود  استادن کي ترقيءَ کان به  محروم ڪيو ويو.نتيجي ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي انتقال کانپوءِ سنڌي شعبي ۾ مستقل پي ايڇ ڊي فيڪلٽيءَ جي مڪمل نُه  ھجڻ سبب پي ايڇ ڊيءَ جو پروگرام بند ٿي ويو.۽ ھاڻي شعبي مان شاگرد صرف ايم فل ڪري سگھن ٿا. اھا يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالرن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ ھڪ ڳجھي سياست محسوس ٿئي ٿي.

ڳڇ مھينا اڳ سنڌي شعبي مان نڪرندڙ تحقيقي جرنل ”ڪارونجھر“ جي به  بند ٿيڻ جون خبرون ملي رھيون آھن. ھي تحقيقي جرنل سنڌ جي ڪل تحقيقي جرنلن مان بھترين معيار جو نڪري رھيو ھو. اھو ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري شروع ڪرايو ھو، جنھن کي 2012 ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن مان رجسٽر ڪرايو ھو.

تازو اھو جرنل پنھنجي اعليٰ معيار جي سبب زيڊ ڪيٽگريءَ مان واءِ (يعني ھڪ درجو مٿاھين) ڪيٽگريءَ ۾ اچي ويو ھو. جنھن کي ايئن اوچتو بند ڪيو ويو. يقينن ان جي پويان ڪجهھ پنھنجن ماڻھن جو ھٿ به  آھي، جيڪي گُڏن وانگر پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي تباھيءَ واري راند رچائي رھيا آھن.

نئين سال جي داخلائن ۾ پڻ سنڌي شاگردن کي پوئتي رکڻ جا سانباھا نظر اچي رھيا آھن.  پھرين آپشن تي سنڌي شعبي جي چونڊ ڪندڙ شاگردن ٻئي ۽ ٽئين نمبر وارن آپشنن تي ٻين شعبن ۾ داخلا ڏيڻ جون به  خبرون مليون آھن.

ڪنھن به  شعبي لاءِ ائين ناھي ٿيندو ته  پھرين آپشن ۾ سيٽون موجود ھجن پوءِ به  کين ٻئي يا ٽئين آپشن واري شعبي ۾ داخلا ڏني وڃي. پر نانيءَ ويڙھي سبب پنھنجن شعبن ۾ شاگردن جو تعداد ۽ آمدنيءَ جو وسيلو وڌيڪ ڄاڻائڻ لاءِ قربانيءَ جو ٻڪرو سنڌي شعبي کي بڻايو پيو وڃي.

تازو وائيس چانسلر جي چونڊ لاءِ به  سنڌ جي ڪنھن به  اميدوار کي چونڊ لسٽ ۾ شامل ناھي ڪيو ويو. اتي سوال اھو ٿو اڀري ته  ڇا سنڌ جو ڪو به  ماڻھو سنڌ ۾ موجود يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر لاءِ اھل ناھي؟ جڏھن ته  چونڊيل اميدوارن جي لسٽ ۾ اھڙا نالا به  شامل آھن جيڪي اڳ۾ ان پوسٽ لاءِ نا اھل قرار ثابت ٿي چڪا آھن ۽ کين وري موقعو ڏنو ٿو وڃي.

اھي سڀ رويا ظاھر ڪن ٿا ته  شاگردن جي بي ايس کان وٺي ايم فل تائين داخلا جو معاملو ھجي، استادن جي ترقي ھجي يا ڀرتيءَ جو معاملو فيڊرل اردو يونيورسٽيءَ جي انتظاميا جو رويو ھڪ پاسائون آھي. چانسلر، وائيس چانسلر (ڀلي وقتي ڇو نه  ھجي) اڪيڊمڪ ڪائونسل، سينيٽ، سنڊيڪيٽ يا ھائر ايجوڪيشن ڪميشن توڙي يونيورسٽيءَ جي اندرين انتظاميا جا شعبا، ھر جاءِ تي  سنڌ مخالف روين کي ھٿي ڏني وڃي ٿي.

ھاڻي خبر پئي آھي ته  يونيورسٽيءَ جو انتظامي ڪنٽرول به  اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي.  ان عمل سان نه  رڳو يونيورسٽيءَ جي عملي (تدريسي ۽ غير تدريسي) کي تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو پر شاگرد به  پنھنجن ننڍڙن ننڍڙن ڪمن لاءِ رلي ويندا. يونيورسٽيءَ جا وڏا ڪيمپس سنڌ ۾ آھن.

ان جي بنياد کانوٺي انتظامي ڪنٽرول ڪراچيءَ ۾ ھلندو رھيو آھي. انتظامي ڪنٽرول ڪراچيءَ کان منتقل ڪرڻ سان يونيورسٽيءَ جا معاملا بھتر ٿيڻ بدران اڃان وڌيڪ خراب ٿيندا، نتيجي ۾ يونيورسٽي اڳتي وڌڻ بدران اڃان زوال جو شڪار ٿي ويندي. ان لاءِ يقينن پلاننگ پھريان کان جاري ھوندي. پر ھاڻي يونيورسٽيءَ جي ھڪ پروفيسر جي ڳالھه ٻاھر ڪڍڻ تي معاملو ظاھر ٿيو آھي. اھڙيءَ طرح يقينن ڪيتريون  ئي ٻيون پاليسيون ھونديون جيڪي ظاھر ناھن.

ھينئر ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته  يونيورسٽيءَ جي انتظام کي ڪراچيءَ کان منتقليءَ کي روڪڻ لاءِ ۽ سنڌي شعبي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ھر سطح تي ۽ ھر علم ادب پسند طبقي پاران آواز اٿاريو وڃي.

ھاڻي خبر پئي آھي ته  يونيورسٽيءَ جو انتظامي ڪنٽرول به  اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي.  ان عمل سان نه  رڳو يونيورسٽيءَ جي عملي (تدريسي ۽ غير تدريسي) کي تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو پر شاگرد به  پنھنجن ننڍڙن ننڍڙن ڪمن لاءِ رلي ويندا. يونيورسٽيءَ جا وڏا ڪيمپس سنڌ ۾ آھن. ان جي بنياد کانوٺي انتظامي ڪنٽرول ڪراچيءَ ۾ ھلندو رھيو آھي. انتظامي ڪنٽرول ڪراچيءَ کان منتقل ڪرڻ سان يونيورسٽيءَ جا معاملا بھتر ٿيڻ بدران اڃان وڌيڪ خراب ٿيندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.